جمال ابڙي جي ڪهاڻين جو فڪري پس منظر

'سنڌي ادب' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏1 سيپٽمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,397
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جمال ابڙي جي ڪهاڻين جو فڪري پس منظر​

    [​IMG]
    غفور ميمڻ

    هونئن به روشن خيالي جي تحريڪ کان پوءِ ادب جو نئون دور انقلابي حقيقت نگاري جو هو، پر مارڪسي نظرئي اديب کي رخ ڏيکاريو. اهو ئي رُخ هو جنهن سٺي دنيا جي اديبن ۾ هڪ نئون روح ڦوڪي ڇڏيو. هنن جي حقيقت نگاري وڌي سماج جي اهڙن مسئلن جي نشاندهي ڪرڻ لڳي جن کي بدلائڻ جي ضرورت هئي.

    جمال ابڙي به هڪ اهڙو ڪردار ڪيو، جيتوڻيڪ پاڻ ڪميونسٽ نه هو، نه وري پارٽي جوميمبر هو، بلڪ هو صرف انسانيت پرست هو، هو ڪنهن به انسان کي ڦٿڪندي ڏسي ٿو، پيڙا ۽ درد م ورتل ڏسي ٿو ته قلم کڻي ٿو. نه صرف ايترو پر هو اهڙن مسئلن کي کڻي ٿو جيڪي وڏيرڪي سماج جا عام روزمره جا مسئلا آهن. مثلا ”خميسي جو ڪوٽ“ ڪهاڻي ڏسو. اسان وٽ اهڙا ڪيترا غريب ڳوٺاڻا موجود آهن جن وٽ سر تي ڇپر ناهي يا انگ ڍڪڻ لاءِ ڪو اوڇڻ ناهي. گرمي، سردي ۾ تڙپي تڙپي مري ٿا وڃن. جمال ابڙي هڪ اهڙي ڪردار کي کڻي امر بڻائي ڇڏيو آهي. خميسو هڪ پورهيت ڪردار آهي مال چاري ٿو سندس حلئي کي هن طرح بيان ڪيو اٿس:

    ”ننڍڙو يارنهن سالن جو خميسو اڳئي مال وٺيو موڙن ۾ بيٺو هوندو هو. کيس قميص ڪان هئي پر هڪ تڳڙين نڪتل گرم ڪوٽ پيو هئس. ڪاري گوڏ ۽ مٿي تي ميرو ڪپهه جو ٽوپ، مٽ به ماڪ سان ڇانئيا پيا هوندا هئا. ٻئي هٿ ڪڇن ۾ وجھي پيرن اگھاڙو پاڻ کان ڊگهي لٺ کنيو سوڙهو ٿيو بيٺو هوندو هو سندس کاڏي پئي کڙڪندي هئي.“(11)

    اهو خميسو سردي وگھي بيمار ٿي مري وڃي ٿو پر سندس علاج ٿي نه سگهيو، ڊاڪٽر ڇهه ميل پري هو ۽ خرچي به وٺندو هو. جيڪو غريب مائٽ نٿي ڀري سگهيا. اها هئي غربت جي انتها پر ڪهاڻي جي پڄاڻي وڌيڪ ڇرڪائيندڙ ۽ هڪ نئين سوچ کي جنم ڏئي ٿي ته:

    ”ٻئي ڏينهن خميسي جوننڍو ڀاءُ“ مهر ڏاند وٺيو بيٺو هو، کيس اهو ئي خميسي وارو ڪوٽ پيل هو.“ (12)

    فڪري طرح اها ڪهاڻي تمام اهم آهي، اڻ ڳڻيا سوال جنم وٺن ٿا ته ڇا زندگي اها آهي؟ اڪيلي بيوس غربت ۾ ماريل، منجھس ڪا به تبديلي ناهي! خميسو فطرت جو معصوم ڪردار آهي، چنچل، شرارتي، کيس ڪنهن به اچڻ واري آفت جي خبر ناهي پر سندس دنيا نرالي آهي. هن ڪهاڻي ۾ ملان چٿر جي قابل ڪردار آهي. ڄڻ ته خميسي جي دنيا ۾ ڪو عجوبو آهي، جنهن کي ڇيڙڻ سان کيس خوشي ملي ٿي توهان هنن سٽن تي غور ڪيو.

    ”هو مون کي چيڙائيندو هو، مان تڪڙو تڪڙو وڌي ويندو هئس ۽ هو پٺيان چوندو رهندو هو ” ملان ملان او ملان، مان آوور ڪوٽ جي ڪالرن کي ٺاهيندو الله ڏي ويندو هئس ۽ هو ڍورن ڏي، دعا گھرندو هوس، هو فصل جي سنڀال ڪندو هو.“ (13“

    بغير ڪنهن نعري بازي جي ۽ فڪري ڳنڍيون سلجهائڻ جي جمال ابڙي اها ڳالهه چئي ڇڏي آهي جيڪا مارڪسزم جو روح آهي. يعني طبقاتي شعور! هيٺيون طبقو جيڪو اناج اپائي ٿو. ڍور ڍڳا چاري ٿو ۽ انسان لاءِ سڄي سال لاءِ کاڌي پيتي جو بندوبست ڪري ٿو پر مٿئين طبقي جو ۽ مذهبي ماڻهو جو ڪردار انفرادي ۽ ذاتي طور خود غرض آهي. ملان پاڻ لاءِ سوچي ٿو. پنهنجي خوشحالي لاءِ ۽ صحت يابي لاءِ دعا گھري ٿو. خميسو ڪا به دعا نٿو گھري، هو صرف ڪم ڪري ٿو ۽ اجتماعي انسان جي ڀلي جو ڪم ڪري ٿو پر پنهنجي ذات لاءِ نٿو سوچي پاڻ غربت ۾فطرتي آفتن جوشڪار رهي ٿو.

    اهڙي ئي غربت جوذڪر سندس ڪهاڻي ”پيراڻي“ ۾ به آهي. هن ڪهاڻي کي اهڙي فنڪاري سان جمال ابڙي پيش ڪيو آهي جو پڙهڻ سان وار ڪانڊارجيو وڃن. وڏي ڳالهه اها آهي ته جمال هيٺئين طبقي جي ڪردار جي بيوسي ۽ ڏک کي ڪهاڻي جو موضوع بڻائڻ وقت ڪٿي به قوم پرستي جو سڪار نٿو ٿئي. هن وٽ پيڙا صرف پيڙا آهي، اها سنڌي جي هجي يا بروهي جي هجي، پر غربت سڃ ۽ بک ۾ اها حالت اٿن جو پنهنجو اولاد به وڪڻي ڇڏين ٿا. هتي ڪرشن چندر جي ڪهاڻي ”ان داتا“ ياد ٿي اچي. جنهن ۾ ڏڪار دوران هڪ زال پنهنجي مڙس کي چوندي آهي ته ماڻهو پنهنجو اولاد وڪڻن پيا ڇو نه اسان به پنهنجي ڌي وڪڻي ڪجهه پئسا وٺون پر سندس مڙس سختي سان کيس منع ڪري ٿو ۽ سوچي ٿو. ته ڪيڏانهن وئي هن عورت جي ممتا، ڪيڏانهن ويا هن جا جذبا؟! ڇا بک اهڙي بڇڙي شيءِ آهي جو انسان کي انساني جذبن کان محروم ڪريو ڇڏي. پر جمال ابڙي جي ڪهاڻي ” پيراڻي“ ۾ هڪ معصوم ڌي آهي جيڪا وڪجي وڃي ٿي. بک ۽بيوسي ۾ سڀ جذبا زنده آهن. ماءُ جي ممتا به آهي پر معصوم ٻارڙي وڪجي وڃي ٿي. ماءُ ڦٿڪندي رهي ۽ ڌي سڏڪندي رهي، امان بابا پڪاريندي رهي. پيراڻي جي پي جي نڪ ۽ اکين جو پاڻي سندس ڌاڙهي مان ٿي ٽميو ۽ لڏ رواني ٿي ويئي. ڪهاڻيڪار جيڪو فڪر ڏيڻ چاهيو اهو سامهون اچي ٿو ته معاشي مسئلو دنيا جو سڀ کان وڏي ۾ وڏو مسئلو آهي. شيخ اياز جي بقول ته:

    سدا آهي ساهه کي ڳڀي جي ڳولا،

    ڍَوَ بنا ڍولا ناهي ساڃاهه سونهن جي.

    اهڙو ڪردار دين محمد جو ڪهاڻي ”منهن ڪارو“ ۾ آهي جنهن وٽ پنهنجي پٽ جي علاج لاءِ پئسا ڪون آهن. ٻئي طرف وڏيرو مراد پوري ٿيڻ تي يعني سندس خيال ۾ پير جي دعا سان ڄاول پٽ تي پير سائين تي پڙ ٿو چاهي جنهن جي منظر ڪشي ڏسو:

    ”وڏيرو وڏي ٺاٺ ۽ اڊمبر سان ريل جو گاڏو ڀرائي ٻارين ٻچين اچي نڪتو. منڊل لڳي ويا، دهلن جي ذيپٽ، شرنائن جي ڌم، ڌمالون ۽ کڳيون، سهرا ۽ راڳ، وڏيرو وڏي چوڄ ۽ هيج مان پئي هليو. دل کولي خرچ ڪيائين، ٻڪريون ڪٺيون، ڪڃريون ٿي نچيون، گھور به گهور هئي.“ (14)

    ٻئي طرف دين محمد جي الله جي ڏنل پٽ کي خناق آهي وٽس علاج ڪرائڻ لاءِ پئسو ڪونهي، اهو ريشمي پڙ پير سائين تان لاهي ٿو پر پڪڙجي پئي ٿو ۽ پوءِ کيس رتو رت ڪيو وڃي ٿو سندس منهن ڪارو ڪري گڏهه تي چاڙهيو وڃي ٿو. واضح طور هن ڪهاڻي ۾ قبرپرستي ۽ پير پرستي کانسواءِ ويڇا به ظاهر ٿيو پون ۽ ماڻهو اهڙي گندي فرسوده وڏيرڪي سماج کان ڪراهت محسوس ڪري ٿو. ڪهاڻي ” بدتميز“ اسان جي سماجي ٻيائيءَ کي ظاهر ڪري ٿي ته اسان انساني رشتن ۽ جذبن کي سڃاڻڻ بجاءِ ذاتي دوستيون نڀائيندا آهيون. پنهنجي معاشي حيثيت جي برابري واري سڻڀي ماڻهو کي اهميت ڏيندا آهيون پر انساني قدرن جي پرواهه اسان کي ناهي جو مريض وٽ پئسا نه هجڻ ڪري ڊاڪٽر ان جو علاج نٿو ڪري پر پنهنجي دوست جو علاج ڪري کانئس پئسا نٿو وٺي ۽ چوي ٿو ” مان بدتميز ٿورئي آهيان“ ساڳئي وقت هي ڪهاڻي اسان جي سماج ۾ ڊاڪٽري پيشي کي وائکو ڪري ٿي ته بظاهر هي پيشو مسيحائي جو آهي، انسانيت جي خدمت جو آهي پر خريد و فروخت واري سماج ۾ ڪو به پيشو انساني سماج جي لاءِ ناهي بلڪ خالص پئسا ڪمائڻ جي لاءِ آهي تنهنن ڪري ڊاڪٽر هڪ عجيب مڪينيڪل ماڻهو آهي، جيڪو عام ماڻهو جي ڏک کي نٿو سمجھي، غربت جو احساس کيس ناهي،مريض کي کير، ڪشمش، نارنگي جو رس واپرائڻ لاءِ چوي ٿو پر کيس اها خبر ناهي ته هن کي هڪ وقت جي ماني به ملي ٿي يا نه، بلڪ ڊاڪٽر اهو سڀ ڪجهه ڄاڻڻ به نٿو چاهي. کيس جاهل غريب، ڏتڙيل ماڻهن کان بيزاريت آهي، انهن کان خفا خفا پيو ٿئي. اهڙي ئي موضوع تي هڪ ڪهاڻي ”فرشتو“ آهي جهن ۾ هڪ فوجي ڊاڪٽر آهي، جيڪو مريض کي عزرائيل ٿو لڳي، هڪ خاص طبقي جي ذهنيت کي ظاهر ڪري ٿو.

    ڪهاڻي ”شاهه جو ڦر“ ۾ ذات پات جي حوالي سان رائج جحالت جو ذڪر ٿيل آهي. جنهن ۾ سيد هئڻ انسان هئڻ کان وڏي ڳالهه آهي. هن ڪهاڻي ۾ سيد ۽ امتي واري تفريق تي ۽ مت ڀيد تي ڀرپور طنز ٿيل آهي ته پيرل شاهه ڪو شهر جو چڱو مڙس ڪون هو پر سڀ کيس سائين پيرل شاهه چوندا هئا. سيد جو سڏائيندو هو!ڳوٺ جو پرئو مڙس کنهڻ ۾ پورو هو. پيرل شاهه کي ڄڻ سرڪار دوجهان وٽان سرٽيفڪيٽ مليل هو ته تون افضل ۽ اعليٰ آهين، بوکڙو ملان به سندس هٿ چمندي ڏاڙهي پيا ڏڪائيندا هيا. عام رواجي ماڻهو ته سندس موچڙي سٽيا هئا، سڀني جو ڪم هو ” پيرن پوڻ“. (15)

    سنڌي ماڻهو ويساهه جا وسوڙيل عقيدت ۽ احترام وچان سيد کي اعليٰ ڪردار ڪري ليکيندا آهن، ڇو ته هونئن به ڌارين کان هيسيل هي قوم احساس ڪمتري جو شڪار رهي آهي. جنهن جي ڪري ڌارين سڃاڻپ هن اڳيان برتري جتائي پنهنجا مفاد پورا ڪندي رهي آهي. مريم (ممڙي) هڪ اهڙو ڪردار آهي جنهن وٽ ذات پات جي تميز ناهي، هو معصوم ٻارڙي آهي، جيڪا ڳوٺ جي سڀني ماڻهن جو قرب حاصل ڪري ٿي، سڀني سان شرارت ڪري ٿي ۽ سڀني کي ماما چوي ٿي. پر جڏهن شاهه صاحب کي ماما چوي ٿي ته هو ڪاوڙجي پوي ٿو ۽ کيس چماٽ هڻي ڪڍي ٿو. ممڙي جو پيءُ کيس مار ملڻ تي سخت ڪاوڙ ۾چوي ٿو ۽ سڄي نفرت ۽ باهه وچان چوي ٿو ته ”شاهه جو ڦر“!

    اها آهي نفرت جيڪا اچي ذات جي اهڙي اڍنگي رويي جي نتيجي ۾ پيدا ٿئي ٿي. سنڌي ماڻهو پنهنجي تاريخي ارتقا ۾ پنهنجن سٺن لڇڻن کي ڪڏهن نه وساريو آهي، هوڪڏهن به وحشي جانور نه بڻيو آهي. هن انسانيت جي اعليٰ قدرن کي ظلم ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ واري ماحول ۾ به برقرار رکيو آهي، سنڌي ماڻهن کي جڏهن به موقعوملي ٿو ته هو ظلم کان نفرت جو اظهار ڪن ٿا. سخت اذيت ناڪ جاگيرداري قدرن ۾ به ماڻهو ۽ ماڻهپو رهيو آهي. انهي ڪردار جي اعليٰ شڪل اسان کي سنڌي ماءُ ۾ ملي ٿي. سنڌي ماءُ سنڌ جو هڪ انوکو ڪردار آهي. جنهن ۾ سنڌ جي فڪر جي جھلڪ موجود آهي، هو چاهي ڪهڙي به روپ ۾ هجي، غربت ۾ يا ڏک ۾، جنگ يا امن ۾ پر منجھنس زندگي جواحترام ۽ انسانيت پرستي موجود هوندي آهي. اهڙو ئي ڪردار جمال ابڙي جي ڪهاڻي ”ماءُ جي جھولي“ ۾ آهي. جيڪا برقعي ۾ به ماڻهن جي موجودگي ۾ اتان لنگھي نٿي سگهي پر اها ئي عورت هڪ معصوم ٻار کي فسادين کان بچائڻ خاطر مٿي اگھاڙي ماڻهن جي انبوهه ۾ ٻاهر نڪري اچي ٿي ۽ انهي ٻار کي سيني ۾ لڪائي ڇڏي ٿي. ڪهاڻي جي پڄاڻي ڏسو. ”ڏٺم ته ٻار کي سيني سان لڳائي ڇڏيو هئائين، چيم سرڪار ڀنگياڻي جو ٻار! ڀنگياڻي هجي يا پنجابڻ يا پناهگير، ماءُ جي جھولي ته خالي ٿئي ها نه؟ مون ڏٺو ته سندس اکين ۾ لڙڪ هئا ۽ مائي جا ڳوڙها ته اڻ ڳڻيا اڻ جھليا پئي وهيا. مون باغ جي مٽي کڻي چيو.“

    ”سنڌ جي مٽي کي سلام، سنڌو جي مٽيالي پاڻي کي سلام، گھوگھاري ۽ گهٽهڙ جي سڳداسين کي سلام.“ (16)

    اهو ئي ڪردار همه گير آهي، منجھس آفاقيت آهي، انسانيت پرستي آهي، ۽ انساني جان وٽس سڀ کان قيمتي شيءَ آهي جنهن کي بچائڻ خاطر هو قدرن کي رواج ۽ رسمن کي لتاڙي سگهي ٿي.

    جمال ابڙي طبقاتي جي اهڙي بڇڙي شڪل کي ڏيکاريندي صرف ا دبي فوٽ گرافي نه ڪئي آهي پر هن وقعن جي پس منظر ۾ اهڙي فڪر کي اڀاريو آهي، جيڪو ازلي سونهن پسڻ کان پوءِ پيدا ٿيندو آهي. اها سونهن جيڪا زندگي جي خوبصورت پهلوئن جي آهي، خود جمال ابڙي چيو هو ته ”هر اديب دانشور ناهي،اديب ته سونهن پسي وٺي ٿو ۽ ان جي جھلڪ ٻين کي پسائي ٿو.“ (17)

    جمال ابڙو نه صرف سونهن پسائي ٿو، پر انهي دائمي سونهن لاءِ جدوجھد جو ڪو دڳ به ٻڌائي ٿو. سندس ڪردار زماني جي پيڙا سهي اذيتون ڀوڳي جوان ٿي وڃن ٿا ۽ پوءِ سندس خود ۾ جوش ۽ ولولو کين باغي بڻائي ٿو تڏهن ”پشو پاشا“ ڪهاڻي سرجي ٿي، پشو جي بغاوت زندگي سان جڙيل آهي پشو اهڙو ڪردار آهي، جيڪو سرڪش آهي ارڏو آهي، قدرت جي اڻ گهڙيل تخليق آهي، ڪنهن کي چڪ ڪنهن کي رهڙ، پيو اڇلون ڏئي ۽ ڇلڪي، سندس ڪردار جذباتي ۽ چلولو آهي، جيڪو جاگيرداري سماج ۾ ٺوڪر کائي ٿو. پنهنجي مردانگي ۽ رعب تاب جي ٻل تي وڏيري جي ڌي سان عشق ڪري ۽ انهن جو سڱ به گھري ٿو. وڏيري جي جلال کيس ڏسندي شهر وڃي ٿو، اتي پورهيتن ۽ مزدورن کي گڏ ڪري پاڻ جهڙا ٻيا سنگتي گڏ ڪري انقلاب آڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.

    هي ڪردار اديب جي هڪ تخليق آهي جنهن جو مطلب آهي هڪ اهڙو مثالي ڪردار پيش ڪرڻ جيڪو اسان جي رهبري ڪري، جيڪو هن سماج کي بدلائي، ذلت ۽ پستي واري هن حيواني سماج کي انساني دڳ تي لائي. اسان مان گهڻن کي جواني ۾ اهڙا ڌچڪا لڳا هوندا، اهڙي ٺوڪر لڳي هوندي، جنهن اسان جي اندر ۾ باغيانا خيال پيدا ڪيا هوندا،پشو اسان مان هڪ اهڙو ڪردار آهي جنهن جي بغاوت جو سبب ڪهڙو به هجي پر سندس رخ وڏيرڪي سماج خلاف آهي.

    هن ڪهاڻي تي گهڻن اديبن ۽ دانشورن پنهنجا تنقيدي رايا ڏنا هئا، محترم رسول بخس پليجو جو خيال آهي ته:

    ” هي ڪردار خيالي آهي، فلمي آهي، جيئن ممتاز دمساز، جالعالم ۽ حاتم طائي جا ڪردار موجود آهن، هنن جي جدوجھد جوڪو سبب علمي عقلي ناهي پر ارڏائي وارو آهي. وڏيري جي ڌيءَ سان عشق ڪرڻ ۾ ناڪامي ۾ پشو انقلابي بڻجي وڃي ٿو. يعني وڏيرو پنهنجي ڌيءَ سان عشق ڪرڻ جي اجازت نه ڏئي ها ته انقلاب جي نوبت ئي نه اچي ها.“ (18)

    مس شمس صديقي چيو هو ته ”پش پاشا پلاٽ جي لحاظ کان ترقي پسند آهي.“ (19)

    دين محمد لاشاري جو خيال هو ته ”پشو جي تحريڪ اڌوري آهي، سندس ڦاسي کان پوءِ تحريڪ جو ڇا ٿيو؟ ڪجهه به نه رڳو مايوسي ۽ دل شڪستگي.“(20)

    ڳالهه اها آهي ته ترقي پسند ادب ۾ مارڪسي فڪر جا لاڙا نمايان رهيا آهن. اڪثر روس ۾ يا يورپ ۾ اهڙا مثالي ڪردار پيش ڪيا ويا آهن، جيئن گورڪي جي ڪهاڻي ”ماءُ“ ۾ ماءُ پنهنجي غدار پٽ کي ماري ڇڏي ٿي. سترو وسڪي جو مشهور ناول How the steel was tempered جنهن جو اردو ترجمو ”دارورسن کي آزمائش“ جي نالي سان ٿيو هو ۽ سنڌي ۾ محمد عثمان ڏيپلائي ”سسي نيزي پاند“ جي نالي سان ڪيو انهي ۾ هڪ ڪردار ناسمجھي ۾ڪارخاني ۾ ڪم ڪندي انقلابي بڻجي ويندو آهي. اهڙي طرح هتي به جمال ابڙي جو مقصد اهڙي ڪهاڻي لکڻ هو، جنهن جو هيرو مثال هجي،جيڪو زماني جي مختلف مرحلن مان ۽ مسئلن مان گذرندي انقلابي بڻجي وڃي ٿو.

    ترقي پسند اثر هيٺ هي ڪهاڻي ضرور لکي ويئي پر هن ڪهاڻي جو ڪردار بقول رسول بخش پليجي جي ته اسان جو ڏيهي ڪردار انيه بلڪ خيالي آهي.(21) جيڪو حالتن کي اقتصادي ۽ سياسي نظرين ۽ تحريڪن جي تناظر ۾ سمجھڻ بداران ذاتي رنجش جي باعث هليو آهي انقلا ب آڻڻ.

    مجموعي طور جمال ابڙو ترقي پسند اديب آهي، جنهن تي مارڪسي انقلابي تحريڪ جو اثر نمايان آهي پر ساڳئي وقت بقول شيخ اياز جي ته: جمال ابڙو خدا دوست به آهي ته انسان دوست به آهي ۽ ادب دوست به آهي ۽ سندس ٽيئي خاصيتون سندس ڪهاڻين ۾ موجود آهن. اسان جمال ابڙي کي خالص مارڪسٽ ليکڪ نٿا چئي سگهون پر جمال سنڌ ڌرتي جو اهو ليکڪ آهي جنهن جي مٽي ۾ انسانيت، امن، پيار، محبت ۽ اميد پرستي آهي. جنهن جو فڪر زندگي پروري آهي. اهو فڪر سنڌ جو فڪر آهي ..... تسلسل آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو