ٻار پنهنجي پيءُ کان سُٺي ٻولي سکي سگهن ٿا ڳالهه ٻولهه دوران پيءُ سندس ٻار سان نوان لفظ استعمال ڪندو آهي جنهن سان ٻارن جي ٻولي جي صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو آهي. اِها ڳالهه آمريڪا جي يونيورسٽي آف نارٿ ڪيرولينا جي ماهرن ٻڌائي آهي. ماهرن هڪ سال تائين 2 سالن جي ٻار ۽ سندس پيءُ جي ڳالهين تي کوج ڪرڻ کانپوءِ ٻڌايو آهي ته پيءُ ڳالهه ٻولهه دوران سندس ٻار سان جيترا نوان لفظ استعمال ڪندو ويو ٽن سالن تائين سندس ٻار جي ٻولي جي صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو ويو. ماهرن موجب پيءُ کي سندن ٻارن سان ڳالهه ٻولهه دوران نوان لفظ استعمال ڪرڻ گهرجن. گذريل کوج ۾ ٻارن جي ٻولي جي صلاحيت تي ماءُ پيءُ جي اثر جي حوالي سان هڪ سال جي ٻار جي ٻولي جي مهارت ۾ ڪردار کي کوج جو موضوع بڻايو ويو هو جڏهن ته تازو ئي ڪيل ريسرج پيءُ جي ڪردار جي حوالي سان آهي. ماهرن 11 چائلڊ ڪيئر سينٽر ۾ 120 ٻارن تي ريسرچ ڪرڻ کانپوءِ اِها رپورٽ تيار ڪئي آهي. کوج ۾ 2 کان 3 سالن جي عمر جي ٻارن سان سندن پيءُ روزانو ڪافي دير تائين ڳالهه ٻولهه ڪئي بشڪريه ويچار ڊيسڪ