ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
ٻار پنهنجي پيءُ کان سُٺي ٻولي سکي سگهن ٿا

ماهرن موجب پيءُ کي سندن ٻارن سان ڳالهه ٻولهه دوران نوان لفظ استعمال ڪرڻ گهرجن. گذريل کوج ۾ ٻارن جي ٻولي جي صلاحيت تي ماءُ پيءُ جي اثر جي حوالي سان هڪ سال جي ٻار جي ٻولي جي مهارت ۾ ڪردار کي کوج جو موضوع بڻايو ويو هو جڏهن ته تازو ئي ڪيل ريسرج پيءُ جي ڪردار جي حوالي سان آهي. ماهرن 11 چائلڊ ڪيئر سينٽر ۾ 120 ٻارن تي ريسرچ ڪرڻ کانپوءِ اِها رپورٽ تيار ڪئي آهي. کوج ۾ 2 کان 3 سالن جي عمر جي ٻارن سان سندن پيءُ روزانو ڪافي دير تائين ڳالهه ٻولهه ڪئي
بشڪريه ويچار ڊيسڪ