عمران درويش سومرو
سينيئر رڪن
اڃان تائين سنڌ ساريءَ ۾ کُليو قتلام جاري هو
ڪُڇڻ وارا ڪُسن پيا هت مڃيو سين سچ ڏوهاري هو
مٿان اک آسمانن جي رکيل هن سنڌ تي ڇو هئي
حقن جي جنگ وڙهندڙ سنڌ جي هر جند تي ڇو هئي
گهريون توکان هيون مالڪ اُهي برسات جون بوندون
ته جن سان سنڌ ڌرتيءَ تي ٽڙن هٻڪار جون مرڪون
گهريون توکان هيو سنڌوءَ جي سيرا بيءَ سنديون موجون
فصل آباد ٿين خوشحال ٿين هن سنڌ جا ماڻهون
منهنجا مالڪ هي منهنجي سنڌ نذرِ بد دعا ٿي ويئي
يا مون ۽ سنڌ جي ماڻهن کان آهي ڪا خطا ٿي ويئي
هتي مهراڻ جي موجن ۾ نياپا موت جا آهن
مان ڪيئن برداشت ڪيان مرڪون جياپا موت جا آهن
اهي نينگر ننڍا گهٽين ۾ ڪلهه جي راند رمندا هئا
سڀاڳي رات ۾ بي خوف امڙيءَ هنج سمهندا هئا
انهن امڙن جو اکڙيون پنهجي ٻچڙن ڪاڻ ترسن ٿيون
هنجون خالي ڏسي امڙن، دليون پهنجن جون تڙپن ٿيون
اجها ڪمزور ڪچڙا ويا لڙهي سيلاب پاڻيءَ ۾
بچيو ڪجهه بي نه آ "درويش" مارُن جي ڪهاڻيءَ ۾
سهڻ جي سگهه ناهي، هاڻي بس مجبور ٿي پيا هيون
اي مالڪ ٻاجهه ڪر پهنجِي، اجهن جيان چُور ٿي پيا هيون.

۔