سنڌ جي سدا

'ڊزائين ڪيل شاعري' فورم ۾ عمران درويش سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏2 سيپٽمبر 2010۔

  1. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    اڃان تائين سنڌ ساريءَ ۾ کُليو قتلام جاري هو
    ڪُڇڻ وارا ڪُسن پيا هت مڃيو سين سچ ڏوهاري هو
    مٿان اک آسمانن جي رکيل هن سنڌ تي ڇو هئي
    حقن جي جنگ وڙهندڙ سنڌ جي هر جند تي ڇو هئي

    گهريون توکان هيون مالڪ اُهي برسات جون بوندون
    ته جن سان سنڌ ڌرتيءَ تي ٽڙن هٻڪار جون مرڪون
    گهريون توکان هيو سنڌوءَ جي سيرا بيءَ سنديون موجون
    فصل آباد ٿين خوشحال ٿين هن سنڌ جا ماڻهون

    منهنجا مالڪ هي منهنجي سنڌ نذرِ بد دعا ٿي ويئي
    يا مون ۽ سنڌ جي ماڻهن کان آهي ڪا خطا ٿي ويئي
    هتي مهراڻ جي موجن ۾ نياپا موت جا آهن
    مان ڪيئن برداشت ڪيان مرڪون جياپا موت جا آهن

    اهي نينگر ننڍا گهٽين ۾ ڪلهه جي راند رمندا هئا
    سڀاڳي رات ۾ بي خوف امڙيءَ هنج سمهندا هئا
    انهن امڙن جو اکڙيون پنهجي ٻچڙن ڪاڻ ترسن ٿيون
    هنجون خالي ڏسي امڙن، دليون پهنجن جون تڙپن ٿيون

    اجها ڪمزور ڪچڙا ويا لڙهي سيلاب پاڻيءَ ۾
    بچيو ڪجهه بي نه آ "درويش" مارُن جي ڪهاڻيءَ ۾
    سهڻ جي سگهه ناهي، هاڻي بس مجبور ٿي پيا هيون
    اي مالڪ ٻاجهه ڪر پهنجِي، اجهن جيان چُور ٿي پيا هيون.

    ۔

    [​IMG]
    Check out my SWF file
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سنڌ جي سدا

    واھ ادا درويش بهترين
     
  3. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: سنڌ جي سدا

    مهرباني ادا پسند ڪرڻ جي۔۔۔ ^:)^
     
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سنڌ جي سدا

    ادا اوهان کي پسند نه ڪنداسين ته ٻيو ڪنهن کي ڪنداسين،،،،،؟
    :D:D
    shal judy hujeen
     
  5. فياض منصور

    فياض منصور
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 جون 2010
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌ جي سدا

    واه ادا واه ڇا ڳاله ڪجي اوهان جي ؟
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ جي سدا

    تمام سهڻن ۽ حساس جذبن جو اظهار، پنهنجي قوم سان پيار ۾ رب جي بارگاهه ۾ ڪيل هڪ بهترين التجا ۔۔۔ سهڻن لفظن، سهڻن ۽ سچن جذبن سان اڄ جي حالتن تي چيل هڪ سهڻو گيت ۔۔۔

    واڳ ڌڻيءَ وس آءُ ڪا پاڻ وهيڻي ۔۔۔ سنڌ جي محبت ۾ اکين مان ڳوڙها ڳاڙيندڙ انسان آباد هجن شاد هجن ۔۔۔ جيئو درويش ۔۔۔

    منهنجا مالڪ هي منهنجي سنڌ نذرِ بد دعا ٿي ويئي
    يا مون ۽ سنڌ جي ماڻهن کان آهي ڪا خطا ٿي ويئي
     
  7. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: سنڌ جي سدا

    ^:)^ هن درويش جي لا دعا ڪرڻ جي مهرباني۔ ^:)^
    محترم نثار ابڙو صاحب اوهانجي سرپرستي جو شفقت ڀريو هٿ مٿي تي رهيو ته
    انشا الله شاعري ۾ بهتري ايندا۔
     
  8. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌ جي سدا


    دوست درويش ير تمام بهترين ادا لاجواب آهي اميد ته اهڙيون ڪوششون پيا ڪندا رهندا۔
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ جي سدا



    محترم عمران درويش سومرا شال سدائين جُڙيو هُجين، سنڌي نظم جي پُراڻي فارميٽ ۾ تنهنجو لکيل هِي نظم پڙهيوسين، تمام سُٺو لڳو، دريا شاهه لا دُعا لکندا وياسين ، دُعا پڙهندا وياسين، دُعا گهرندا وياسين، پر دادلو دريا شاهه سنڌين جي لکيل هر دُعا کي ، سنڌين جي پڙهيل هر دُعا کي ۽ سنڌين جي گهريل هر دُعا کي دغا پڙهندو ويو، نتيجي ۾ سالن جي سُڪل ٺوٺ دريا جي هنج هاڻي اهڙي ته سائي ٿِي آهي جو سنڌو دريا پنهنجي هنج جي ساواڻ‌ کي سنڌ جي سپوتن کي مُرڪن بدران لڙڪن جا تحفا ڏئي صدين جي اُڃ کي ائين ختم ڪري رهيو آهي۔ دوستو ساري سنڌ سلامت جا ساٿيو، اسان جو عمران درويش سومرو نه صرف هڪڙو بهترين ليکڪ آهي پر دانشوري جي رنگ ۾ رنڱيل هڪڙو سُٺو شاعر ڀي آهي، شاعر اهو جو سمي جِي ڌارا کي ماحول سان ساٿ ساٿ کڻي هلي، ادا عمران درويش سومرو ۾ خوبصورت ڳالهه به اتم اها به موجود آهي جو هُو سنڌي ڊيزائنر به آهي ، لکين کيرون ، شاباسون ۽ دُعائون ادا عمران درويش سومرو لا شال نت نت جوانيون ماڻِي ۽ پنهنجي پيارن سان سدائين خوش هُجي آباد هُجي ۽ شاد هُجي (آمين ثم آمين)

    [​IMG]
     
  10. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ جي سدا

    اي مالڪ ٻاجهه ڪر پهنجِي، اجهن جيان چُور ٿي پيا هيون
     
  11. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: سنڌ جي سدا


    سائين نثار ناز صاحب ؛ هن ناچيز مٽي جي مجسمي جي ايتري اعلى لفظن ۾ تعريف ڪرڻ جا لک ٿورا۔۔۔
    سائين منهنجا ؛
    آ قلم تي ڪرم رب جو، ڪاغذ ته رهيو ڪورو
    ناچيز آ هر انسان، جيسين رب نه ڪري ٿورو

    اوهان جي اهڙن دل وارين دعائن جو ساٿ رهيو ته انشا الله مالڪ به مهربان ٿي پوندو
    ۽ جڏ هن مالڪ مهربان ٿيندو آهي ته،
    هر ڪم آسان ٿي ويندو آهي۔۔۔
    سکيو رهين سپرين، ڏکيو ڏسين نه ڏينهن۔
    رحمت وسئي رب جي ، جيئن سانوڻ وسي مينهن



    ادا همانگير اوهان دوستن جون دعائون رڳو گڏ هجن پو ڏس ته مالڪ ڪيئن ٿو سڻائي ڪري۔۔۔
    دعا ۾ ياد۔





    ڀا الله سائين ٻاجهه ڪري نه ته انسان ته صفا اٻوجهه آ۔
    دعا ۾ ياد
     
  12. حفظ الله ڪاڪا

    حفظ الله ڪاڪا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    54
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    358
    جواب: سنڌ جي سدا

    درويش۔۔۔

    آئون سدائين سنڌو جو ساهه گهٽڻ وارين شخصيتن سان نفرت جي بو ڀريل الفاط اڪاري سنڌو جي شان ۾ گستاخي جون شڪايتون ڪندو هئس، جڏهن ڄامشور جي پل تان لنگهڻ ٿيندو هو ۽ سنڌو جي پيٽ تان اڏامندڙ واري کي چمندو هئس ته نيڻ آلا ٿي پوندا هئا۔۔۔

    ها۔۔۔
    اڄ جڏهن مهراڻ جي موجن ۾ رڳو ڏک جو ڏاج ڏٺم تڏهن به نيڻ آلا ٿي ويا۔۔۔۔ مون ائين محسوس ڪيو ته سنڌو منهجي لفظن تان ناراض ٿي سڄي سنڌ کي ٻوڙڻ چاهي ٿو، پر همت ڪيم ۽ اهي سمورا وهم ختم ڪري سنڌو جي ڪنڌي تي ويهي کانئس التجا ڪئي۔۔

    سنڌو، تون ڪالهه خالي هئين، تنهنجي پيٽ مان اڏامندڙ واري کي به مان چمندو هيم،
    تنهنجي پيٽ ۾ پاڻي ڦڙي لا ڳوڙها وهائي سڪل واري کي ٿورو آلو ڪندو هيم،
    اي سنڌو، ته تون ڇو اڄ پنهنجي سنڌ سان ناراض آهين، اي سنڌو ڇو ستايل آهين

    اسان تهنجي لا پر ۾ پڇائون پئي ڪيون۔۔۔۔۔۔۔
    درويش جي لفظن سان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو