• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

موت کي ٽاري نه ٿو سگهجي

وحيد سمون

سينيئر رڪن
ادا رشيد سمون جي مهرباني جو انهن سائين نثار ابڙو جي ڏنل مشورن مطابق هي خانو به ٺاهيو ۽ اميد آهي ته ڏنل وڌيڪ صلاح تي به عمل ڪندو

موت کي ٽاري نه ٿو سگهجي
جيڪڏهن موت کي حڪومت جي ذريعي ٽارجي هان ته فرعون ڪڏهن نه مري ها
جيڪڏهن موت کي وزارت سان ٽارجي ها ته هامان کي موت نه اچي ها
جيڪڏهن موت کي مال ۽ دولت سان ٽارجي ها ته قارون کي موت نه اچي ها
جيڪڏهن موت کي ٻانهن جي زور تي ٽارجي ها ته رستم ۽ سهراب کي موت نه اچي ها
جيڪڏهن موت کي حڪمت يا ڏاهپ سان ٽارجي ها ته حضرت لقمان کي موت نه اچي ها
جيڪڏهن موت کي دوائن سان ٽارجي ها ته افلاطون کي موت نه اچي ها
جيڪڏهن موت کي وفائن سان ٽارجي ها ته ڪڏهن نيڪ زالون پنهنجي اکين اڳيان پنهنجي جوان مڙس کي مرندو نه ڏسن ها
جيڪڏهن موت کي محبت سان ٽارجي ها ته ڪڏهن ماء پنهنجي جگر جي ٽڪڙي کي پنهنجي جهولي ۾ تڙپي تڙپي مرندو نه ڏسي ها
 
تمام پياري شيئرنگ ونڊڻ لاءِ مان اوهان جو ٿورائتو آهيان، اميد ته اهڙين سهڻين لکڻين سان انهي نئين سيڪشن کي اڃان به مزيد مهڪائڻ جي ڪوشش کي جاري ۽ ساري رکندا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
Back
Top