ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
چڱا فيصلا بي خيالي ۾ ئي ٿيندا آهن: سائنسي تجربو

آمريڪا جي يونيورسٽي آف روچسٽر ۾ ڪئي وڃڻ واري هڪ سائنسي کوج ۾ خبر پئي آهي ته ماڻهو چڱا فيصلا هن وقت ڪندا آهن جڏهن انهن جو دماغ بي ڌياني ۾ پاڻ ئي ڪجهه ڪري وٺندو آهي.
سائنسدانن جو چوڻ آهي ته رب ماڻهو ج دماغ اهڙو ٺاهيو آهي جو اڻڄاڻائي ۾ ئي درست فيصلو ڪندو آهي. هن کان اڳ ۾ گھڻي کوج سوچي سمجھي فيصلا ڪرڻ وارن جي باري ۾ ئي ڪئي وئي هئي، پر تمام گھڻا درست فيصلا جيڪو ماڻهو ڪندو آهي اهي بنا سوچ سمجهه جي ئي ٿيندا آهن.
سائنسدانن جو چوڻ آهي ته، واٽ تي ويندي سگنل جي ڳاڙهي بتي کي ڏسي توهين ڄاڻي ڪري ناهيو بيندا، جڏهن اسين انهن فيصلن کي ڏسندا آهيون جيڪي اسان جي دماغ پاڻ ئي ڪيا هوندا آهن، ته خبر پوندي آهي ته گڏ ڪيل جانڪاري جي موجب اهي سڀ ئي درست هئا
بشڪريه وچار ڊيسڪ