• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

چڱا فيصلا بي خيالي ۾ ئي ٿيندا آهن: سائنسي تجربو

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
چڱا فيصلا بي خيالي ۾ ئي ٿيندا آهن: سائنسي تجربو​

2mdm3h5.jpg

آمريڪا جي يونيورسٽي آف روچسٽر ۾ ڪئي وڃڻ واري هڪ سائنسي کوج ۾ خبر پئي آهي ته ماڻهو چڱا فيصلا هن وقت ڪندا آهن جڏهن انهن جو دماغ بي ڌياني ۾ پاڻ ئي ڪجهه ڪري وٺندو آهي.
سائنسدانن جو چوڻ آهي ته رب ماڻهو ج دماغ اهڙو ٺاهيو آهي جو اڻڄاڻائي ۾ ئي درست فيصلو ڪندو آهي. هن کان اڳ ۾ گھڻي کوج سوچي سمجھي فيصلا ڪرڻ وارن جي باري ۾ ئي ڪئي وئي هئي، پر تمام گھڻا درست فيصلا جيڪو ماڻهو ڪندو آهي اهي بنا سوچ سمجهه جي ئي ٿيندا آهن.
سائنسدانن جو چوڻ آهي ته، واٽ تي ويندي سگنل جي ڳاڙهي بتي کي ڏسي توهين ڄاڻي ڪري ناهيو بيندا، جڏهن اسين انهن فيصلن کي ڏسندا آهيون جيڪي اسان جي دماغ پاڻ ئي ڪيا هوندا آهن، ته خبر پوندي آهي ته گڏ ڪيل جانڪاري جي موجب اهي سڀ ئي درست هئا

بشڪريه وچار ڊيسڪ
 
جواب: چڱا فيصلا بي خيالي ۾ ئي ٿيندا آهن: سائنسي تجربو

اها ڳالهه سڀ تي لاڳو نه ٿي ٿئي
ضرور نه آهي ته سڀن سان اهو مسئلو هجي
نه ته ايڏيون وڏيون ڪانفرنسون، سيمينارز، گول ميز ٽالڪس وغيره جو ڪهڙو فائدو
 
Back
Top