• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مڪي پاڪ کان سڄي سنڌ کي سلام

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
السلام عليڪم دوستو
سيلاب جي تباهين ۽ مصروفيتن سبب هاڻ ڪجهه فرصت ملي آهي ته ڪالهه جي سعودي ايئر لائن جي فلائيٽ ذريعي مڪي پاڪ پهچڻ نصيب ٿيو آهي
ٽي وي تي رش ڏسان پيو جيئن ٿوري رش گهٽي بيت الله شريف ۾ ته ان شاء الله عمري جي ادائگي لاءِ بيت الله شريف روانو ٿي ويندس
هاڻ اها ڳالهه اوهان کي چوڻ جي ضرورت نه آهي آءُ پاڻ ئي اوهان سڄي سنڌ واسين ۽ پياري سنڌ لاءِ دعاڳو ٿيندس ۽ رب پاڪ کان ٻاڏائي دعائون گهرندس ته شال مالڪ اسان جي حال تي رحم ڪري ۽ سنڌ کي ان عذاب کان نجات ڏئي ته جيئن جلد مارو پنهنجي ملير موٽن ۽ رونقون بحال ٿين
آمين
 
جواب: مڪي پاڪ کان سڄي سنڌ کي سلام

واليڪم السلام ادا

ادا مهرباني ڪري فقير کي خاص طور تي بارگاهي الاهي ۾ دعا ۾ نالو کڻي ياد ڪندا

سدائين گڏ
 
جواب: مڪي پاڪ کان سڄي سنڌ کي سلام

واليڪم السلام ادا

ادا مهرباني ڪري فقير کي خاص طور تي بارگاهي الاهي ۾ دعا ۾ نالو کڻي ياد ڪندا

سدائين گڏ

فقير بابلا اوهان سڀني دوستن ۽ سڀ سنڌ واسين لاءِ دعائون گهري آيو آهيان
شال ڌڻي تعالي قبول فرمائي
آمين
 
جواب: مڪي پاڪ کان سڄي سنڌ کي سلام

ادا طاهر سنڌي۔۔۔ اوهان کي ڀلي پار ٻيهر پهچڻ تي دل جي گهراين سان مبارڪباد۔۔۔
ادا ٻيلي مون مست جي لاءِ دل سان دعا گهرجو،
 
جواب: مڪي پاڪ کان سڄي سنڌ کي سلام

ادا اسان به دعا جا طلبگار آهيون۔۔۔۔ هن وقت مونکي ڪجهه دعا جي سخت ضرورت آهي۔۔۔۔
 
جواب: مڪي پاڪ کان سڄي سنڌ کي سلام

سائين اوهان کي ڀلي پار پهچڻ تي مبارڪون هجن دعائن ۾ اوهان ياد ڪرڻ جو اڳيئي چئي ڇڏيو آهي پر ان جي باوجود به يادگيري لاء وري به عرض رکجي ٿو .
 
جواب: مڪي پاڪ کان سڄي سنڌ کي سلام

سائين اوهان کي ڀلي پار پهچڻ تي مبارڪون هجن دعائن ۾ اوهان ياد ڪرڻ جو اڳيئي چئي ڇڏيو آهي پر ان جي باوجود به يادگيري لاء وري به عرض رکجي ٿو .

پيارا سائين خير مبارڪ سڄي سنگت لاءِ دعائون ڪيون آهن الله قبول ڪري
 
Back
Top