لاڙ جي شهر سجاول جي ٻوڏ ستايل عورت ۽ سنڌ سلامت

'سنڌ سلامت اسٽوڊيو' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏3 سيپٽمبر 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا جا سنڌي دوستو السلام عليڪم۔ جيئي سنڌ ۔ ٽنڊو محمد خان ۾
    اسان جي پاڙي ۾ دولهه جو پڙ گرلز مڊل اسڪول ۾ ٻوڏ سٽيل جي لاءِ هڪ امدادي ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي، ڪالهه لاڙ جي شهر سجاول مان ٻوڏ ستايل ڏُتڙيل هڪ عورت کان سنڌ سلامت جي نمائندي جي حيثيت سان حال احوال اوريم ، سنڌ سلامت جو مُک ڪئميرا مين عبدالغفور سمون اڄڪلهه پنهنجي ذاتي مصروفيتن سبب رابطي ۾ ڪونهي، منهنجي ڪئميرا چوري ٿي چُڪي آهي ان هُوندي به جس هُجي ناري ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان جي سرواڻ محترما شبانه امتياز کي جنهن سنڌ سلامت جي هن وڊيو کي پنهنجي ذاتي هينڊي ڪئم سان خود رڪارڊنگ ڪئي۔ دوستو جڏهن ڪئمپ ۾ موجود هر مرد توڙي عورت کي چيم ته پنهنجي پريشانين جي باري ۾ ڪجهه ٻُڌايو ڪنهن به دل نه جهلِي پر هن عورت دل جهلي مون سان پنهنجا حال احوال اوريا جيڪي پيش خدمت آهن ۔ دوستو ٻوڏ واري صورتحال کان سنڌ سلامت وارو محبتي اڱڻ لمحي لمحي جو واقف آهي اسان جي هر سرندي پُڄندي واري ماڻهو کي دلي وينتي آهي ته مشڪل ۽ ڏُک جي هن گهڙيءَ ۾ بي وس ۽ بي سهارا ٻوڏ ستايلن جي مدد ڪئي وڃي
    لاڙ جي شهر سجاول جي هڪڙي ٻوڏ ستايل عورت ۽ سنڌ سلامت جو نمائندو نثار ناز​

     
  2. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: لاڙ جي شهر سجاول جي ٻوڏ ستايل عورت ۽ سنڌ سلامت

    ان مان اهيو مطلب ته سنڌ سلامت لاءِ رپورٽنگ ڪري سگهجي ٿي تمام سٺو ادا مهرباني
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: لاڙ جي شهر سجاول جي ٻوڏ ستايل عورت ۽ سنڌ سلامت

    سائين نثار۔۔۔۔ مون وٽ‌وڊيو نه ٿي هلي۔۔۔
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: لاڙ جي شهر سجاول جي ٻوڏ ستايل عورت ۽ سنڌ سلامت

    محترم علي اڪبر شر صاحب شال جُڙيا هُجو۔ جي بلڪل ڪري سگهجي ٿِي رپورٽنگ سنڌ سلامت جو صرف هڪڙو نثار ناز ڪونهي پر ادا علي اڪبر شر به نمائندو آهي جيڪڏهن اهڙي قسم جي رپورٽنگ توهان به ڪندا ته اسان دل جي گهرائين سان توهان کي خوش آمديد چونداسين۔جيڪڏهن توهان ايڊيٽنگ نٿا ڄاڻو تڏهن به خير آهي جيڪا به توهان وڊيو جي صورت ۾ رپورٽنگ ڪئي هُجي ته به اها توهان يو ٽيوب تي اپ لوڊ ڪري ڇڏيو صرف انهي وڊيو جو لنڪ مونکي ڏيو مان توهان جي ٿورن سان اها رپورٽنگ واري وڊيو ڪليڪٽ ڪري سنڌ سلامت جي اڱڻ واسطي ان ۾ ايڊيٽنگ ڪري وڊيو جي رپورٽنگ توهان جي نالي ڪري سنڌ سلامت جي وڊيو اسٽوڊيو ۾ آن لائن ڪري ڇڏيندس۔ ڪوبه سنڌ سلامت جو دوست ائين ڪري سگهي ٿو۔ لکين ٿورا ادا۔
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: لاڙ جي شهر سجاول جي ٻوڏ ستايل عورت ۽ سنڌ سلامت

    مستن جي بادشاهي جو خير هُجي۔ ايڊيٽر آهين تنهنجي به هاڻي هر پوسٽ تي نظر هوندي آهي پو ڀلا اها وڊيو تو وٽ ڇو ڪين ٿِي هلي واقعي انهي ڳالهه تي مون وڏي پٽڪي پهريل کان ڇرڪ نڪري ويو۔ ڏسينس ڪٿي تو وارو فليش پليئر پُراڻو ته ڪونه ٿِي ويو آهي۔
     
  6. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: لاڙ جي شهر سجاول جي ٻوڏ ستايل عورت ۽ سنڌ سلامت

    سائين اها حقيقت آهي۔۔۔ته ٻوڏ متاثرين کي سٺو سامان ٿو ملي۔ پر سائين پنهنجو گهر ته گهر آهي۔
    ادا مست وڊيو پهريان مان وٽ به ڪان پئي هلي۔۔۔۔۔وري مان ٻيهر هلائي تڏهن وڃي وڊيو هلي آهي
     
  7. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: لاڙ جي شهر سجاول جي ٻوڏ ستايل عورت ۽ سنڌ سلامت

    سائين هاڻي وڊيو هلي پئي۔۔ الائي جي ڇا مسئلو آهي۔ ٿي سگهي ٿو پٽيل ڊي ايس ايل جي مهرباني هجي۔۔
     
  8. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: لاڙ جي شهر سجاول جي ٻوڏ ستايل عورت ۽ سنڌ سلامت

    سائين توهان جيڪا وڊيو ونڊ ڪئي آهي، ان ۾ ويچاري مائي ڪجهه ته سٺي حالت ۾ نظر اچي پئي، توهان ڄامشورو ۾ ته اچي ٻوڏ متاثرن جي حالت ڏسو، ويچارن سان ڪهڙيون نه جٺون ٿيون آهن، هفتو ڏيڍ ته انهن غريبن کي رهائش لاءِ ڪو خيمو فراهم نه پئي ڪيو ويو، نيٺ دوستن پاران اخبارن ۾‌ڪالم لکڻ‌لکي موڪلڻ کان بعد ڪجهه اثر انهن تي پيو ۽ 50 سيڪڙو ماڻهن کي خيما مليا، الائي جي ڪيتري خاندانن کي ته ٻن وڏن خيمن ۾ گڏائي ترسايو ويو آهي، توهان پاڻ ٻڌايو اهي ويچارا ٻچڙيوال ماڻهو، انهن جي عزت نفس ڪيڏي نه پائمال ٿئي پئي، ايتري قدر جو انهن کي اجهو به نه ٿو ملي سگهي۔۔ ان کان علاوه سندن کاڌ خوراڪ، پاڻي ۽‌ لٽي ڪپڙي جو حڪومت پاران ڪو بندوبست نه آهي، ايڏي ساري ميڊيڪل يونيورسٽي ويجهو هوندي سوندي به خراب پاڻيءَ‌جي ڪري ڪيترائي غريب ٻار روز گيسٽرو سبب بيمار ٿين ٿا ۽ انهن مان ڪيترا ته الله کي پيارا ٿي چڪا آهن۔۔ نه ڪو انهن جي لاءِ‌صفائي جو بندوبست آهي ۽ نه وري حاجت پوري ڪرڻ جي لاءِ ڪا سولي جڳهه اٿن۔۔ ڄامشورو جي هوا ۾ ويچارن جا هلڪا خيما هر هر اُڏاميو ٿا وڃن۔۔
     
  9. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: لاڙ جي شهر سجاول جي ٻوڏ ستايل عورت ۽ سنڌ سلامت

    ها ادا اها ڊي ايس ايل جي مهرباني اٿئي
     
  10. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: لاڙ جي شهر سجاول جي ٻوڏ ستايل عورت ۽ سنڌ سلامت

    بس ادا اسان جي شهر ۾ جيڪي ڪئمپون آهن اهي زياده تر اسڪولن ۾‌ آهن، وڏا هوا دار ڪمرا آهن ڏهه ڏهه ڪمرا آهن جيڪڏهن 10 خاندان في خاندان جيڪڏهن 5 ماڻهو به آهن تڏهن به پنجاهه ماڻهو آرام سان رهن پيا، هتي به گورنمنٽ صرف اهي اسڪول ڪئمپ طور مهيا ڪيا آهن، باقي ڪنهن به قسم جي ڪا في الحال مالي مدد ، کاڌ خوراڪ واري مدد، ، طبي مدد ڪانه ڏني آهي پر مختلف اين جي اوز، شهر جا مخير ماڻهو، ڪافي ساريون قوم پرست جماعتون انهن ڏُتڙيل ماڻهن جي سار سنڀال پنهنجي وس آهر ڪن پيون۔ اسڪولن جي هر ڪمري ۾ پنکا آهن، بجلي جو بحران به قدري گهٽ آهي، باٿ روم وغيره به اسڪولن جا روز صاف ڪيا پيا وڃن باقائده ميڊيڪل ڪئمپون به روزانو جي حساب سان لڳايون ٿيو وڃن ، انهن هوندي به ڪنهن ڪنهن جا تي ڪنهن هڪ اڌ ٻوڏ سٽيل خاندان سان ڪانه ڪا پريشاني ضرور هوندي آهي، ڇاڪاڻ جو بقول تنهنجي سڀ ڪجهه آهي پر پنهنجا گهر ته پو به ڪونهن۔ اها پريشاني ٿيڻي فطري آهي۔ تنهنجا ٿورا جو منهنجي هن پوسٽ تي تنهنجي شهر ڄامشوري جو حوال لکيو۔
     
  11. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    145
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: لاڙ جي شهر سجاول جي ٻوڏ ستايل عورت ۽ سنڌ سلامت

    ٻوڏ متاثرن جي هڪ ڪيمپ جي سار سنڀار جو اعزاز مليو مليو آهي، انشاالله تصويرن سميت جلد حال آحوال اوهان سان ونڊيندس۔۔۔
     
  12. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: لاڙ جي شهر سجاول جي ٻوڏ ستايل عورت ۽ سنڌ سلامت

    يار آرزو تنهنجي سگنيچر ۾ مُسڪرائيندڙ چهرا فرشتن جا هُوندا آهن، واري ڳالهه مونکي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو آهي، منهنجي خيال ۾ مُسڪراهٽ صرف حضرت انسان جي ميراث هوندي آهي، خير ڪير به مُسڪرائي جڏهن سُونهن مسڪرائيندي آهي ته هزارين نيڪيون ان جي نصيب ۾ لکجي وينديون آهن۔ باقي اسان کي تنهنجي انهن تصويرن جنهن ۾ توکي ٻوڏ متاثرين جي سارسنڀال واسطي مقرر ڪيو ويو آهي جو شدت انتظار رهندو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو