نثارناز
سينيئر رڪن
سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا جا سنڌي دوستو السلام عليڪم۔ جيئي سنڌ ۔ ٽنڊو محمد خان ۾
اسان جي پاڙي ۾ دولهه جو پڙ گرلز مڊل اسڪول ۾ ٻوڏ سٽيل جي لاءِ هڪ امدادي ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي، ڪالهه لاڙ جي شهر سجاول مان ٻوڏ ستايل ڏُتڙيل هڪ عورت کان سنڌ سلامت جي نمائندي جي حيثيت سان حال احوال اوريم ، سنڌ سلامت جو مُک ڪئميرا مين عبدالغفور سمون اڄڪلهه پنهنجي ذاتي مصروفيتن سبب رابطي ۾ ڪونهي، منهنجي ڪئميرا چوري ٿي چُڪي آهي ان هُوندي به جس هُجي ناري ڊيولپمينٽ آرگنائزيشن ٽنڊو محمد خان جي سرواڻ محترما شبانه امتياز کي جنهن سنڌ سلامت جي هن وڊيو کي پنهنجي ذاتي هينڊي ڪئم سان خود رڪارڊنگ ڪئي۔ دوستو جڏهن ڪئمپ ۾ موجود هر مرد توڙي عورت کي چيم ته پنهنجي پريشانين جي باري ۾ ڪجهه ٻُڌايو ڪنهن به دل نه جهلِي پر هن عورت دل جهلي مون سان پنهنجا حال احوال اوريا جيڪي پيش خدمت آهن ۔ دوستو ٻوڏ واري صورتحال کان سنڌ سلامت وارو محبتي اڱڻ لمحي لمحي جو واقف آهي اسان جي هر سرندي پُڄندي واري ماڻهو کي دلي وينتي آهي ته مشڪل ۽ ڏُک جي هن گهڙيءَ ۾ بي وس ۽ بي سهارا ٻوڏ ستايلن جي مدد ڪئي وڃي

لاڙ جي شهر سجاول جي هڪڙي ٻوڏ ستايل عورت ۽ سنڌ سلامت جو نمائندو نثار ناز