• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪوئٽا ۾ يوم القدس ريلي تي خودڪش حملو 50 کان وڌيڪ مومن‌شهيد۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
تفصيل موجب ڪوئٽا ۾ ماهِ رمضان جي آخري جمعي تي حضرت امام خميني رح جي حڪم موجب هر سال جيان هن سال به پوري پاڪستان جيان هڪ ريلي ڪڍي وئي ته اتي خودڪش بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ هينئر تائين جي اطلاعن ۾ پنجاهه کان وڌيڪ مومن شهيد ٿي چڪا آهن۔۔ اها ريلي پرامن ريلي هئي۔۔۔ ريلي جيئن ئي ميزان چوڪ تي پهتي ته هي واقعو ٿيو۔ ڌماڪي کان فورن بعد فائرنگ به شروع ٿي وئي ۽ ڪيترائي ماڻهو ۽ ميڊيا جا نمائندا به سخت زۡخمي ٿي پيا۔۔۔

http://www.youtube.com/watch?v=KfC6ojwJ16E

http://www.youtube.com/watch?v=CWORiXX0gno

http://www.youtube.com/watch?v=IiwcLR2HkYA

http://www.youtube.com/watch?v=gz-6cewmkYQ
 
جواب: ڪوئٽا ۾ يوم القدس ريلي تي خودڪش حملو 50 کان وڌيڪ مومن‌شهيد۔۔

ادا مست نهايت افسوس جهڙي ڳالھ آهي۔
ادا مست مان وٽ وڊِيو ڪان ٿا هلن الائي ڇو۔۔۔۔۔۔متان نيٽ جي اسپيڊ جو چڪر هجي
 
جواب: ڪوئٽا ۾ يوم القدس ريلي تي خودڪش حملو 50 کان وڌيڪ مومن‌شهيد۔۔

lanat4.jpg

معصوم انسانن جي حياتين سان رت جي راند کيڏندڙ جهاد جي نالي تي ڪيسيتائين اها ظلم جي روايت برقرا رکندا

الله تعالى فرمائي ٿو ته ؛ جنهن هڪ انسان کي قتل ڪيو ان سموري انسانيت کي قتل ڪيو۔۔۔۔
ڀلا پو۽ هي مسلمان ڪيئن ٿا ٿي سگهن۔۔۔۔۔
ڪڏهن ڪراچي، ڪڏهن پير، فقير ۽ بزرگن جي درگاهن تي، ڪڏهن امام بارگاهن، جلوسن تي، ڪڏهن جمعي جي نماز دوران مسجدن ۾ حملا ڪري اسلام ۽‌جهاد جي نالي تي زندگي گذاريندڙ
اهي غير انساني ڪردار پنهنجي انجام جي لا۽ تيار رهن۔ (بيشڪ الله تعاليى بهتر حساب وٺندڙ آهي)
 
جواب: ڪوئٽا ۾ يوم القدس ريلي تي خودڪش حملو 50 کان وڌيڪ مومن‌شهيد۔۔

دوستن کي ٻڌائيندو هلان ته يوم القدس يعني بيت المقدس جو ڏينهن اهو ايران جي انقلابي اڳواڻ حضرت امام خميني رح جي حڪم تي هر رمضان جي آخري جمع تي ملهايو ويندو آهي، جنهن ۾ مسلمانن جي پهرئين قبلي يعني بيت المقدس تي اسرائيلي قبضي خلاف پرامن احتجاجي جلوس ڪڍيا ويندا آهن، جيڪي هر لحاظ سان پر امن هوندا آهن ۽ انهن ۾ ڪوبه اشتعال انگيز نعرو ڪنهن ماڻهوءَ‌جي خلاف نه هوندو آهي فقط اسرائيل ۽ آمريڪا ۽ انهن جي اتحادي ملڪن جي خلاف نعريبازي ۽ تقرير ٿيندي آهي، انهن جلوسن ۾ مان پاڻ شريڪ ٿيندو آهيان، اڄ ڄامشورو ۾ به يوم القدس ملهايو ويو۔۔۔
 
جواب: ڪوئٽا ۾ يوم القدس ريلي تي خودڪش حملو 50 کان وڌيڪ مومن‌شهيد۔۔

ها ادا مست انهن جلوس ۾ اسان پاڻ شرڪت ڪندا آهيون
 
جواب: ڪوئٽا ۾ يوم القدس ريلي تي خودڪش حملو 50 کان وڌيڪ مومن‌شهيد۔۔

ادا اسلام عليڪم دوستو
واقعي اهي ظالم صفت ماڻهو آهن انهن کي ٿورڙو بي رحم نٿو اچي ت هو ايڏ زلم ٿا ڪن ،

بهرحال اِن ڌماڪي ۾ مان پاڻ نيوز ڪوريج ڪري رهيو هيس بس الله جا لک لک احسان آهن جو مان ان ڌماڪي ۾ بلڪل محفوظ رهيس ۽ اڄ اهان جي فورم تي ويٺو آهيان ۔
 
ادا جنهن کي الله رکي تنهن کي ڪير چکي۔۔
 
Back
Top