سنڌي شاعريءَ ۾ ساميءَ جي اهميت

'سنڌي ادب' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏4 سيپٽمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌي شاعريءَ ۾ ساميءَ جي اهميت​


    اڄ واقعي اسان تاريخ جو هڪ وڏو قرض لاهي رهيا آهيون، جو سنت ساميءَ جي نالي ۾ هتي گڏ ٿيا آهيون. جيئن منهنجي دوست پهريون چيو ته اسان جي سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي هڪڙي ٽمورتي آهي ـــــــ شاهه، سچل ۽ سامي. جتي ساميءَ جو نالو ناهي، اُتي سنڌ جي ڪلچر جو تصور نٿو ڪري سگھجي. سنڌ جي ڪلچر جو، سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعري جو ۽ سنڌ جي ادب جو تصور تڏهن ڪري سگھجي ٿو، جڏهن شاهه ۽ سچل سان گڏ سامي به شامل آهي ۽ واقعي جيئن اسان جي دوست چيو ته ساميءَ کي اسان وساري ڇڏيو آهي، ان جا ٻه سبب ٿي سگھن ٿا، هڪڙو سبب ته هو غير مسلم هو. جيستائين ڪه اسان جي ٽهيءَ جي اديبن جو تعلق آهي ته مان يقين سان چوان ٿو ته انهن ۾ اهو تعصب موجود ڪونهي. پر تنهن هوندي به گھڻن ڏينهن کان پوءِ اسان کي سامي ياد آيو، سو ان ڪري ٻيو سبب منهنجي نظر ۾ اِهو ٿو ٿي سگھي ته عام طور تي اهو سمجهيو ويندو آهي ته سامي ڏاڍو ڏکيو شاعر آهي. اسان جي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي وهڪري جون جيڪي ڌارائون آهن، جنهن ۾ شاهه ۽ سچل اچي وڃن ٿا، سامي ان کان ڪجهه مختلف آهي. هونءَ ته هر شاعر کي پڙهو ته ڄڻ توهان ڪنهن نئين دنيا سان متعارف ٿيا آهيو، ڄڻ توهان ڪنهن نئين شهر ۾ ٿا وڃو. جيئن نئين شهر ۾ وڃبو آهي ته ان جي گھٽين کان، ان جي چونڪن کان ۽ ان جي ماڻهن سان واقف ٿيڻ لاءِ ٿورا ڏينهن لڳندا آهن تيئن ڪنهن نئين شاعر کي پڙهڻ سان ٿورن ڏينهن ۾ ان سان واقفيت ٿيندي آهي. ساميءَ جي ٻولي ڏکي ڪانهي، پر هڪ خاص رنگ ۽ ڍنگ جي آهي. انهيءَ جي ڪري اسان ان تي هريل ناهيون. اسان هريل آهيون سسئي پنهون ۽ عمر مارئي تي، پر ساميءَ وٽ سنڌي لوڪ ڪلاسيڪي ڪهاڻين مان هڪڙو به ڪردار ڪونهي. هن جي دنيا ئي نرالي آهي، هن جو شهر ئي نرالو آهي، رهاڪو ئي نرالا آهن. ساميءَ کي جيڪڏهن اسان پڙهڻ شروع ڪريون ۽ ٻه ـــ ٽي ڏينهن پڙهيوسون ته مون کي پڪ آهي ته سامي اسان کي ايتروئي سولو لڳندو جيترو شاهه لطيف ٿو لڳي يا سچل سائين ٿو لڳي. پر ڳالهه آهي ته ان کي پڙهجي. هاڻي جيئن مون عرض ڪيو ته شاهه سائينءَ چيو آهي ته:

    ”جي تو بيت ڀانئيا، سي آيتون آهين.“​


    روميءَ چيو آهي ته:

    مثنوي و معنوي و مولوي
    هست قرآن در زبان پهلوي​


    معنى هيءَ جيڪا منهنجي مثنوي آهي، اهو ايراني يا پهلوي زبان ۾ قرآن آهي. شاهه لطيف به پنهنجن بيتن کي آيتون ٿو چئي؛ رومي به پنهنجي شعرن کي قرآن جون آيتون ٿو چئي. سچل سائين به چوي ٿو ته:

    من نمي گويم و ليڪن يار مي گويد بگو
    (مان نٿو ڳالهايان پر اهو يار ٿو ڳالهائي)​


    ساڳي طرح سامي به چوي ٿو ته ”وائي جا ويدن جي، سنڌيءَ منجھه سڻايان.“ ته هاڻي خبر پئي ته اسان جا ٽئي شاعر ڳالهه هڪڙي ٿا ڪن. شاعر جي ٻولي اڻٽر هوندي آهي. اهو جيڪو چوندو آهي اهو ٿيندو آهي. ته انهيءَ رنگ ۾ اچي اسان جا شاعر چون ٿا ته جيئن خدائي ڪلام کي ڪو لوڏو ڪونهي، تيئن اسان جي ڪلام کي به ڪو لوڏو ڪونهي، ۽ انهيءَ ۾ اهي ٽئي شامل آهن: شاهه، سچل ۽ سامي.

    سامي اسان جي سرزمين سان تعلق رکي ٿو، انهيءَ سرزمين سان صدين کان ويدن جي وائي گونجندي رهي آهي. جيئن چيو اٿائين ”وائي جا ويدن جي، سنڌيءَ منجھه سُڻايان.“ دارا شڪوه پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته ”وحدانيت ڪنهن به مذهب جو ٺيڪو ڪونهي.“ مون جيڪو ٿورو گھڻو نماڻو اڀياس ڪيو آهي، ان موجب هڪڙي هنڌ ويدن ۾ آهي ته ”تت توم اسي“، (سڀ اهو آهي). جنهن کي اسان جا صوفي ٿا چون ”هم اوست“. ٻئي هنڌ آهي ته ”ايڪو اهم ٻهون سامي“، معنى هڪ آهيان گھڻا ٿيڻ ٿو چاهيان. جيئن شاهه سائين چيو آهي:

    وحدتان ڪثرت ٿي، ڪثرت وحدت ڪل.​


    اڃان اڳتي هلو؛ هڪڙي هنڌ ويدن ۾ آهي ته نه ڪو هو ڄائو آهي نه ڪو ڪنهن کي ڄڻي ٿو. جيئن قرآن شريف ۾ آهي: ”لم يلد ولم يولد“. اڃان اڳتي هلو ته هڪڙي هنڌ آهي ته: هن جھڙي ڪابه شيءِ ڪانهي. قرآن ڪريم ۾ آهي: ”ليس ڪِمثلهٖ شيءِ“. ڪابه شيءِ ان جھڙي ڪانهي. ته انهن جي بنيادي تعليم ساڳي آهي، جيئن اسان جا صوفي ٿا چون. پر اهو جيڪو جھيڙو اجايو مت ڀيد جو ۽ جيڪي فساد ٿيا خون ٿيا ته اسان جا ٽئي شاعر شاهه، سچل ۽ سامي انهن ڳالهين جي خلاف هئا. هاڻي ساميءَ جو دور 1743ع کان وٺي 1850ع تائين آهي. سچل سائين به انهيءَ دور ۾ جيئرو هو. 1743ع ۾ سامي ڄائو آهي ۽ 1752ع ۾ شاهه لطيف وفات ڪئي آهي. معنى ته شاهه لطيف جي وفات وقت سامي نون سالن جو هيو. 1843ع ۾ ٽالپرن جو دور ختم ٿيو ۽ سنڌ انگريزن جي قبضي ۾ آئي، ان کان ست سال پوءِ سامي فوت ٿيو، معنى ته هن ڪلهوڙن جو دور ڏٺو، ٽالپرن جو دور ڏٺو ۽ تنهن کانپوءِ انگريزن جي سنڌ تي قبضي وقت هو تمام وڏي عمر جو سؤ سالن کان مٿي هيو. ته اهو سڄو دور آهي جنهن ۾ سامي رهيو آهي. هاڻي جيئن مون توهان کي عرض ڪيو ته ويد هئا، ويدن کان پوءِ اُپنشد. هاڻي برصغير ۾ يا ننڍي کنڊ ۾، اڻورهايل هندستان ۾ ادب ۾ هڪڙي تحريڪ شروع ٿي، جنهن کي چوندا هئا نر گنواد. نر معنى نه، گن معنى خاصيت. معنى خدا جي ڪابه شڪل ڪانهي. عام طور تي چيو وڃي ٿو ته هي بتپرستي ٿا ڪن، هِي ٿا ڪن، هُو ٿا ڪن. پر انهن جي ويدن ۾ يا گيتا ۾ اهڙي ڪابه ڳالهه ڪانهي. ته نرگنواد ادب ۾ جيڪو شروع ٿيو، انهيءَ جو مطلب هو ته محبوب جي ڪابه شڪل ڪانهي، هو شڪل کان بي نياز آهي. تنهن کان پوءِ هڪڙي ٻي تحريڪ شروع ٿي ادب ۾، جنهن جو نالو هو ناٿ پنٿي. نه رڳو ادب ۾ اها تحريڪ شروع ٿي پر اها عوامي تحريڪ هئي. ناٿ پنٿي جوڳي چوندا هئا، جن کي گيڙو ڪپڙا هوندا هئا. اڄ ڏينهن تائين سنڌ جا صوفي گيڙو پوشاڪ پائي گھمندا آهن. ته ناٿ پنٿ ڇا هو، ٿورو ان تي مان ڳالهايان. ڇو ته هي سڄو پس منظر آهي ساميءَ جي شاعري جو. شاهه لطيف چيو آهي ته: ”جي ڪين قبولڻهار هلو ته تڪيا پسون تن جا.“ ڪين قبولڻهار، ڪنهن به ڳالهه ۾ Beleive نه ڪن.

    ٻَڌ کان پڇئون ته موت کان پوءِ ڇا آهي؟ چيائين ته اها ڳالهه مون کان نه پڇو، ڇو ته ان ڳالهه کي اسان سمجهي ڪونه ٿا سگهون. مون کان پڇو ته حياتيءَ ۾ ڪيئن گذر ڪرڻ گھرجي. اها آهي Agnosticism ته گوتم ٻڌ ته ڪونه مڃيندو هو ڪنهن ڳالهه کي. جڏهن گوتم ٻڌ فوت ٿيو ته ان جي مورتي ٺاهي ان جي پوڄا ڪرڻ شروع ڪيائون، حالانڪ هو مورتيءَ جي پوڄا کي نه ڪو مڃيندو هو نه ڪو اعتبار ڪندو هو. تنهن کان پوءِ گوتم ٻڌ جا سڀ سَڌَ، جيئن مسلمانن ۾ خليفا ٿيندا آهن، جيئن رسول ڪريم جو پهريون خليفو، ٻيو خليفو، تيئن گوتم ٻڌ جو پهريون سڌ، ٻيو سڌ، ٽيون سڌ، اهڙي طرح سان بجرياني سڌ، جيڪو هن جو سلسلو آهي، ان جو ٻٽيهون سڌ هو ”گرو گورکناٿ“. انهيءَ گورکناٿ اچي، اها ناٿ پنٿي تحريڪ شروع ڪئي. انهيءَ ناٿ پنٿي تحريڪ ۾ هن اها ڳالهه چئي ته بابا! گوتم ٻڌ پاڻ جن ڳالهين کي نه مڃيندو هو يا اعتبار نه ڪندو هو، اهي ساڳيون ڳالهيون پاڻ ڪيون ٿا پيا مورتي پوڄا جون. انهيءَ ڪري ان کي ڇڏيو. انهيءَ ناٿ پنٿ جا جوڳي جيڪي هئا سي سڄي هندستان ۾ ڦهلجي ويا، سنڌ ۾ به آيا. اسان پاڻ اکين سان ڏٺا پاڪستان کان اڳ ۾. انهن جوڳين کي گيڙو ڪپڙا پهريل هوندا هئا، جن جي لاءِ ڀٽائي چيو آهي ته:

    ”ڪن پٽ ڪا پٽ ڪاپڙي، ڪن وڍيا ڪن چير“​


    ڪنن ۾ چير هوندا هين، ڪنڊل پيا هوندا هين وڏا، ڪشتو هوندو هين پنهنجي گودڙيءَ ۾، نه هندو نه مسلمان، ڪو به تعصب ڪونه هوندو هين ۽ اهي تبليغ ڪندا ها ۽ گھمندا وتندا ها. شاهه لطيف خود انهن ناٿ پنٿي جوڳين سان ڪافي عرصو رهيو ۽ شاهه لطيف هڪڙي هنڌ چيو آهي ته:

    لُنگ ڪڍيائون لانگ موٽي مَ مسحو
    جا اسلاما اڳي هئي سا سڻيائون ٻانگ
    سڀ وڃائي سانگ گڏيا گورکناٿ کي.​


    معنى ته هن کي سڄي خبر هئي ناٿ پنٿي تحريڪ جي، ته انهيءَ ناٿ پنٿ سنڌ تي وڏو اثر ڪيو ۽ جيئن مون هاڻي اوهان کي ٻڌايو ته سنڌ جا صوفي جيڪا پوشاڪ ڪن ٿا گيڙوءَ رنگ جي، اها ناٿ پنٿين جي نشاني آهي. هاڻي اچو ته ڏسون سامي انهن جي باري ۾ ڇا ٿو چئي: هڪڙي هنڌ چوي ٿو:

    پٿر پوڄا ڪن ديو نه ڏسن ديهه ۾
    پنڊت ڄاڻي پاڻ کي ڪرمن منجهه ٻجھن
    سا کان سنتن جون ٻڌي، مرم نه رکن من
    سي ڪيئن رنگ رچن سامي سُپرين کان.​

    ته اها آهي ناٿ پنٿين جي تحريڪ ته پٿر جي پوڄا نه ڪيو، پنهنجي پرين کي پنهنجي من ۾ پسو. ٻئي هنڌ ٿو چوي ته:

    ح
    يرت ۽ هاسي اچي هڪ اچرج تي
    سامي ڄاڻي پاڻ کي ابناسي ناسي
    ڪُپڙيءَ ۾ آڪاس پيو ڦاهيءَ ريءَ ڦاسي
    پاڻي پياسي مري پپوٽو مت ۾.​


    ساڳي طرح هڪ ٻئي هنڌ ٿو چوي ته هاڻي هي شعر نر گنواد جو آ ته:

    ديوي ۽ ديوا مورک پوڄن مت ريءَ
    لائن ڀوڳ ڀرانت جو کير کنڊ جيوا
    ورلو ڪو ساڌو ڪري سامي سڌ سيوا
    الک اڀيرا پورن ڏسي پريم جي.​


    اڀيرا معنى ڀيد جي، بنا رنگ جي، بنا ڊول جي. معنى جيڪو آ ان جي ڪابه شڪل ڪانهي، ان جو ڪوبه رنگ ڪونهي، ان جو ڪوبه ڊول ڪونهي، ته اهو آهي نرگنواد.

    هاڻي مون جيئن ڀٽائيءَ جو بيت ٻڌايو، گورکناٿ جي باري ۾ ته سامي پاڻ به گورکناٿ کي ياد ڪيو آهي:

    جنين ٻڌو ناد گرو گورکناٿ جو
    لوريءَ لڳو تن کي بيحد جو بسماد
    مائل ٿيا مهراڻ ۾ ڇڏي واد وواد
    وڃي پڇ سواد، سامي تن سنتن کان​
    .

    وري ٻئي هنڌ ٿو چوي ته:

    گورک وڄائي سنڱي سهڪا ڪاش
    ورلي ڪنهن جوڳيءَ کي سمجهه منجهه آئي
    سامي جنهن جي ستگروءَ ممتا مٽائي
    وڃائي وائي رهي نت نگر ۾.​


    هي اُهي بيت هئا جيڪي ساميءَ گورکناٿ جي باري ۾ چيا آهن.

    هاڻي اچو ته ڏسو ته ڪي ڪي بيت اهڙا به آهن، جي هڪٻئي سان ملن ٿا. ڇو ته اهي ٽيئي شاعر ساڳئي ئي دور سان واسطو رکن ٿا. سچل ۽ سامي ته ذري گھٽ هڪٻئي جا همعصر يا سهيواڳي هئا. هاڻي جيئن آهي ته:

    او ِديا رَن لُٽي ٿي خاص خزانو سڀ جو
    جوڙي جيئن کي ٻڌي گھيڙٽ ساڻ گھُٽي
    پيادا پنج بڇي ڪري راتيون ڏينهن ڪُٽي
    ڪو سامي سنت ڇُٽي ڪري حمايت هَرَ جي.​


    هتي پنج پيادا آهن: ڪام، ڪروڌ لوڀ، موهه ۽ اهنڪار. جيڪي پنج انسان جا دشمن ٿا چون، هاڻي اهو ساڳيوئي بيت آهي ”اوديا رن لُٽي“، جيئن ڀٽائي چيو آهي ته: ”جي ڇورين ڏنا ڇال ته لاهوتي لنگهي ويا.“ ته هيءَ اوديا رن به ساڳي آهي، جيڪا ڇوري ڇال ٿي ڏئي ڀٽائي وٽ. ٻئي هنڌ آهي ته:

    مورک واد ڪئي پنڊت ڄاڻي پاڻ کي
    ٻڌايائين سڀ کي چارئي بيت چئي
    سامي سار سروپ کي ڪيائين ڪين سهي
    ويڙو پاڻ وهي ڏئي هٿ ٻين کي.​

    ته اهو ساڳيوئي بيت آهي، جيئن ڀٽائي جو عام طور اوهان ٻڌو هوندو ته:

    ”اندر تون اجار پنا پڙهندين ڪيترا.“​


    وري ٻيو به هڪڙو اهڙو بيت آهي ته:

    پنا ڪوهه پڙهين اٿي حرف حقيقت هيڪڙو​
    پاڻي منجهه منهن مهراڻ ۾ اندر ڇو نه اڙين
    ڪلفت ڪڍي جيءَ مان سامي سير چڙهين
    ناحق ڪوهه گھڙِين اڻ هوندا گھاٽ ۾.​

    سچل سائين چيو آهي ته:

    سچل سائين صحي ڪري ڄاتم يار مليو ڪک پن ۾
    محبوب ڳولي ڏس من ۾​


    سامي ٿو چوي ته:

    ترڻ اولي ڀڳوان مورک ڦولي دهه دَسا
    سمجهه نه رکي جيءَ ۾ جيئن ٻالڪ نادان
    سامي سر تي ڀان اونڌو ڏسي ڪينڪي.​

    (ترڻ معنى ڪک، ڏهه پاس ٿو ڳولي)
    هاڻي ٻيو هڪڙو بيت آ ته:

    مورکن ميڙي ڪاڳر ڪوٽ ڪٺا ڪيا
    سامي لوڀ لهر ليا ره بنا ريڙهي
    عاشق چڙهيا اڇ تي ورق سڀ ويڙهي
    شهه رڳ کئون نيڙي سُتهه ڏسين سپرين.​


    شهه رڳ کان نيڙي معنى جيڪو قرآن ۾ آ ته: ”ونحن اقرب من حبل الوريه“. معنى هو توهان کي شهه رڳ کان به ويجھو آهي ته اها ساڳئي ڳالهه ساميءَ به چئي آهي. هاڻي ٻئي هنڌ ٿو چوي ته:

    موٽي ڪيئن مٽي وڃي سامي سندو سُور
    پُٺي ڏيئي پاڻ کي مالڪ بڻيو مزور
    ڏسي نرمل نور نانا کنئون نروار ٿيو​


    اهو ساڳيو ئي شعر آهي، جيئن سچل سائين چيو آهي ته:

    چاڪر ٿيس نه ڄاڻان ڇا کان؟ سهي هيس سلطان.​


    ٻيو هڪڙو شعر آ ته:

    چريا سي چئجن جي پاڻ پڇاڻن ڪينڪي
    ڳالهيون ڀلن جون ٻڌي مرم نه رکن من
    پنهنجي ڳچيءَ پاڻهي جوڙي سِيلَ وجھن
    سامي ڪين ڏسن جھاتي پائي گھر ۾.​

    اهو ساڳيو ئي شعر آهي، جو سچل سائين چيو آهي ته:

    پنهنجو پاڻ سڃاڻ، تون آهين مالڪ ملڪ جو.

    هاڻي وري ٻيو آ، جنهن ۾ آهي:

    حيرت ۽ هاسو، اچي هڪ اچرج تي
    ساهه ڦولي آتما کنڊ کي پتاشو
    گهڻو ڍونڍي سونَ کي مٽيءِ کي ڪاسو
    پاڻي پياسو سامي رهي نت نهر جو​
    .

    ساڳيو ئي بيت سچل جو ته:

    ”مڇلي پُڇي آب کي، آب پُڇي طغيان.“​


    يا هڪ ٻئي هنڌ ٿو چوي ته:

    ”مڇلي آب ڪئون هي غافل پاڻي ڪهه ڪهه روئي.“

    ٻيو وري جيئن توهان کي ٻڌايم ته لم يلد و لم يولد. ته اهو آهي ته:

    نه ڪي جيءُ مري نه ڪي اچي گرڀ ۾
    نه ڪي ٻڏي جل ۾ نه ڪي اگن جري
    رهي اليپ آڪاش جيان توڙي روپ ڌاري
    سنتن صحيح ڪري ساک ڏني سامي چئي​

    اهڙوئي هڪ بيت آهي، شاهه لطيف جو ته:

    نه ڪنهن ڄايو ڄام نه ڪنهن ڄاپيو ڄام.​


    ته اِهي عجيب ڳالهيون آهن. جيئن اسان جي انهن ٽنهي شاعرن جي سوچ ساڳي آهي. ان کان پوءِ اسان جي ڪلاسيڪي شاعرن ۾ شاهه لطيف مذهب جي نالي ۾ استحصال ڪندڙ طبقي جي باري ۾ بيت چيا آهن. سچل ته تمام گھڻو انهن کي کُلي ڳالهايو آهي. سامي به پنهنجي پنڊتن جي باري ۾ ٿو چئي ته:

    پوتر پلالي ڪوڙين گھمن ڪيترا
    ڳالهيون ڪن زبان سان خلوت جون خالي
    جاڳي ڏسن ڪينڪي خاوند خيالي
    لونءَ لونءَ ۾ لالي سامي تنهن سروپ جي.​

    گھڻائي بيت آهن، مان رڳو ٻه ٽي مثال طور اوهان کي ٻڌائڻ لاءِ چونڊيا آهن:

    پڙهي ويد قرآن پنڊت ٿيا ڪيترا​
    ڳالهيون ويدن جون ٻڌي ڪن اندر ۾ المان
    ڏسن ڪين اکين ريءَ انڌا اليئه ڀان
    سدا رهن غلطان سامي مايا موهه ۾​
    .​

    يعني اهي جيڪي ويد پڙهي پنڊت ٿا ٿين، اهي پرينءِ کي نٿا ڏسن. اهڙا انڌا آهن، اهڙا غلطان آهن، مايا جي موهه ۾. جيئن ڀٽائيءَ چيو آهي ته:

    گولا جي گراهه جا جوٺا سي جوڳي.​


    ته جيئن مون پهريون عرض ڪيو ته انهن ٽنهي شاعرن کي هڪٻئي کان ڌار نٿو ڪري سگھجي. انهن جو فڪر ساڳيو آهي. انهن جو نظرياتي ۽ تاريخي پس منظر ساڳيو هو، انهن جي زبان ساڳي هئي ۽ انهن جا نظريا ساڳيا هئا ۽ انهن جو پيغام ساڳيو هو ته سنڌ ساميءَ کان سواءِ اڻپوري آهي. سنڌ جو ڪلچر ساميءَ کان سواءِ اڻپورو آهي. ساميءَ کي اسان جيستائين اها اهميت نه ٿا ڏيون تيستائين اسان کي اِها هام نه هڻڻ گھرجي ته اسان ڪو سنڌيءَ شاعري جو پورو مطالعو ڪيو آهي. مون کي اميد آهي ته اڄوڪي هن ليڪچر کان پوءِ اڃا به دوست ساميءَ کي وڌ اهميت ڏيندا ۽ ساميءَ جي باري ۾ ڪو سٺو سيمينار ڪرائيندا، جتي اسان جا ڪافي عالم ۽ اديب اچن ۽ ساميءَ تي ڳالهائين. مان وري به توهان سڀني جو ٿورائتو آهيان، جو منهنجي خيال ۾ تمام تڪڙ ۾ مون کي هن ليڪچر لاءِ تيار ٿيڻ پيو. رڳو ٻه ڏينهن مون کي مليا، ڇو ته مان ڪجهه عرصو ٻاهر ويل هوس. بهرحال جيڪو حال هيو، توهان جي آڏو حاضر ڪيم.

    (سنڌي ادبي سنگت شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس ۾ ڏنل ليڪچر. جولاءِ 1988)


    بشڪريه وائيس آف سنڌ
     
  2. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: سنڌي شاعريءَ ۾ ساميءَ جي اهميت

    لاجواب ونڊ آهي۔
    [​IMG]

    شاعري جو زوق رکندڙن جي لا تمام بهترين ڄاڻ سان ڀرپور تحفو آهي۔
    تحرير ۾ تاريخ جي دري ۾ پڻ جهاتي پاتي ويئي آهي۔ اميد ته اهڙيون علم واريون ونڊون جاري رکندا ته جيئن
    مون سميت تمام دوستن کي تاريخ جي حوالي سان ڄاڻ‌ ۾ اضافو ٿئي۔
    لاجواب ونڊ ڪرڻ جي مهرباني۔۔۔
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,486
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌي شاعريءَ ۾ ساميءَ جي اهميت

    ادا تمام بهترين ونڊ آهي
    جاري رکو
     
  4. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌي شاعريءَ ۾ ساميءَ جي اهميت

    لاجواب ونڊ ڪرڻ جي مهرباني
     
  5. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,687
    ورتل پسنديدگيون:
    1,188
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سنڌي شاعريءَ ۾ ساميءَ جي اهميت

    ادا بهترين ونڊ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو