ڀاءُ ڦلپوٽا اڄ ته ڪم سخين وار ڪيا اٿوَ، ڀيڻ ساره لاءِ ايتري سٺي ڀليڪار ۽ کوڙ ساترا گل ڏسي دل چوي تي ته آءُ به سلام عليڪم چوان ... حقيقت پڇو ته اوهان جهڙن دوستن ڪري ئي ڪيترين سارين مصروفيتن هوندي به اسين سنڌ سلامت يا سنڌ فورم تي گهمندا رهونٿا ... اميد ته ڀيڻ ساره به اوهانجا گل قبول ڪندي ۽ هن فورم تي گهمڻ جون مهربانيون ڪندي رهندي ... نثار ابڙو
وعليڪم السلام ڀيڻ! bhali kareaya ڀيڻ ساره کي هن سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار چئون ٿا۔۔۔۔ اميد ته ڀيڻ پنهنجي روشن خيال ۽ خوش اخلاق لکڻين سان اسان کي نوازيندي۔۔۔ sindhsalamatsaathsal
ادي ساره کي هي ناچيز دل جي گهراين سان ژخوش آمديد چئي ٿو ۽ اميد رکي ٿو ته ادي پنهنجون ناياب لکڻيون جلد از جلد هن فورم تي شيئر ڪندي۔
و عليڪم السلام ادي سنڌ سلامت جي اڱڻ تي ڀلي ڪري آيا اسان کي تمام گهڻي خوشي ٿي پر مان اڄ به ليٽ ٿي ويس ڪجهه مصروفيتن جي ڪري خير گهٻرايو نه اوهان لاء مون تمام پيار اگل آندا آهن انهن کي ڏسڻ سان اصل دير سان ريپلائي ڪرڻ واريون شڪايتون لهي وينديون مهرباني ادي
توهان سڀني جي وڏي مهرباني۔۔۔ گلن واري ادا جي به لکڻ ڏاڍو مشڪل آهي آف اسپيس نه ٿو اچي ڪجهه اکر به نه ٿا لکجن۔۔۔ انهي ڪري هڪ لائن ۾ هڪ لفظ لکان پيئي sindhsalamatsaathsal
ادي ڪوشش ڪيو الله وڏو آ اسان جهونن جي اوهان کي دعا آهي ته جلدي سنڌي لکڻ سکي ويندو انشآء الله shal judy hujeen
ڀلا ڀاڳ اسان جا جو اردو محفل جي سرگرم رڪن ۽ سنڌ جي سنڌياڻي محترمه ساره هن ننڍڙي انڱڻ تي اچي ڪري سنڌ سلامت فورم جي مقصد سنڌي زبان کي همٿائڻ لاءِ اسان سان ٻانهن ٻيلي ٿي آهي۔۔۔ حيرت اٿم ته ڪنهن به تشريح ڪرڻ جي باوجود فورم تي روز نوان رڪن رجسٽريشن ڪرائي رهيا آهن يقينن اهي پنهنجي سنڌي ساٿ کي نڀائيندڙن جي ڪوشش هوندي۔۔۔ ادي توهان جا لک ٿورا ۔۔۔۔ مان اميد ڪريان ٿو ته توهان هتي اچي پنهنجائپ محسوس ڪندو۔۔۔ مون کي لڳي ٿو توهان مختلف برائوزر استعمال ڪري رهيون آهيو۔۔۔۔ ان ڪري توهان سان سپيس لڳائڻ جو مسئلو آهي۔۔۔ ادا ضياء چارڻ جي بڻايل هي پيڊ مائڪرو سافٽ جي انٽرنيٽ ايڪسپلورر تي بلڪل درست ڪم ڪري رهي آهي جڏهن ته باقي برائوزرس تي ڪجهه مسئلا پيدا ٿين ٿا۔۔۔۔۔ توهان کي صلاح آهي ته في الحال توهان انٽرنيٽ ايڪسپلورر ئي استعمال ڪريو۔۔۔ ادا عامر هڪ ٻي سنڌي ڪي پيڊ ٺاهي چڪا آهن جلد ئي اها فورم تي لڳائي ويندي ان کان پوءِ توهان ڪنهن به برائوزر کي استعمال ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔