فورم تي ٻين سنڌياڻين ۾ ادي نجمه ڪنول ۽ ادي رابيا ميمڻ آهن جيڪي وقت آهر فورم تي ڦيرو ڀرينديون آهن۔۔۔۔ توهان شفٽ سان گڏ بيڪ سليش کي استعمال ڪري ٺ لکي سگهو ٿا ڪي پيڊ جي تفصيل لاءِ هيٺين لنڪ تي ڪلڪ ڪري موضوع پڙهو۔۔۔۔۔ http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=270
مهرباني ادا مون ايڪسپلورر تي هي فورم اوپن ڪيو پر اتي لاگ ان نه پيو ٿئي مجبورا" ڪروم تي ئي يوز ڪيان پيئي۔۔۔۔
ڀيڻ ساره اوهان هن ڪي بورڊ جي لي آوٽ جي مدد سان نه سمجهندڙ حروفن کي جانچي ڪري صحيح نموني لکي سگهو ٿا۔۔۔۔۔۔
ادي انٽرنيٽ ايڪسپلورر ۾ توهان لاگ ان ٿيڻ وقت فونٽ جي سائيز گهٽ هجڻ ڪري ٿي سگهي ٿو پاسورڊ لکندي نه ڏسي سگهنديون هجو ۔۔۔۔ جنهن کي نظرانداز ڪريو۔۔۔ پنهنجو نالو ۽ پاسورڊ لکو چاهي اهو لکندي نظر نه اچي ۽ پوءِ لاگ ان بٽڻ کي ڪلڪ ڪريو۔۔۔ هن دفعي توهان لاگ ان ٿي ويندو۔۔۔
اسلام عليڪم ادي ساره توهان کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار چئون ٿا ادي مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي جو توهان هن اڱڻ تي آيا، مهرباني ادي دعا ۾ ياد عامر ضياء چارڻshal judy hujeen
ادا عامر سائين نثار منهنجي ڏسڻ کان اڳ توهان جي تحرير کي درست نه ڪري ها ته توهان تي ڏنڊ پئجي وڃي ها۔۔۔۔۔۔۔۔ :d اصل ۾ توهان جي پاسورڊ لکجي ويندو آهي پر ظاهر نه ٿيندو آهي توهان پاسورڊ لکي اهو ڏسڻ کان بغير ته لکجي به ٿو يا نه لاگ ان بٽڻ کي ڪلڪ ڪريو توهان لاگ ان ٿي ويندو۔۔۔
منهنجو اوهان کي مشورو آهي ته اوهان پهنجي ڪمپيوٽر ۾ ايم بي سنڌي يا ٻيا ڪي اضافي فونٽ انسٽال نه ڪيو اگر ڪريو ته ايشين لينگويج ونڊوز جي سي ڊي ۾ لينگويج انسٽال ۾ وِ ڃي ڪري ان کي انسٽآل ڪيو ان لا اوهان کي پاس ورڊ نظر به ايندو ۽ اکر به وڏا ڏسڻ ۾ ايندا باقي ٻيا فونٽ انسٽال ڪرڻ سان اکر ننڊڙا ٿي وڃن ٿا ۽ پاسورڊ ته لکندي بلڪل نظر ئي ڪونه ٿو اچي
جي ادي مان شڪارپور جو آهيان . توهان کي جيڪڏهن ڪنهن قسم جي معلومات گهرجي ته مون کي پي ايم ڪري سگهون ٿيون sindhsalamatsaathsal
مان شڪارپور جي آهيان پرمونکي ايترو علم نه آهي شڪارپور جي باري ۾ ادا ڦلپوٽو جي مهرباني ٿيندي جو منهنجي ۽ ٻين جي معلومات ۾ اضافو ڪندا۔۔۔