جديد بوتل جيڪا گندي پاڻيءَ کي به فلٽر ڪندي۔۔

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏4 سيپٽمبر 2010۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    آلودگي خاص طور تي پاڻيءَ جي اندر آلودگيءَ انساني زندگيءَ‌کي ڪيترو متاثر ڪيو آهي، اهو توهان کي پڻ خبر آهي، ٻي دنيا کي ڇڏيو، پاڪستان ۽ سنڌ جو مثال وٺو ته ڪيترائي مرض فقط انهيءَ خراب پاڻيءَ جي واپرائڻ سبب ئي ٿين ٿا۔ منهنجي ذاتي راءِ موجب پاڪستان ۾ سنگين ترين مسئلو پاڻيءَ بلڪه صاف پاڻيءَ‌جي دستيابيءَ جو آهي۔ سنڌ جي ڳوٺن ۾ ته پاڻيءَ ۾ ڦٽڪي ملائي ان کي صاف ڪرڻ‌جو رواج عام آهي، ان کان علاوه ڊاڪٽرن جي چئي موجب پاڻيءَ‌کي ڪاڙهي پيئڻ به ان جو حل آهي۔ پاڻيءَ‌جي آلودگيءَ جي اها خبر شايد انگريزن کي پئجي وئي ۽ انهن تجربا شروع ڪري ڇڏيا۔۔ پهرين وڏا فلٽر پلانٽ، وري پوءِ گهرن ۾ لڳندڙ فلٽر سسٽم، هاڻي وري انهن اهڙي ايجاد ڪئي آهي جيڪا مون جهڙي اٻوجهه سنڌيءَ‌جون اکيون ۽ وات پٽرائڻ لاءِ‌ڪافي آهي۔
    بس هڪ بوتل جي مدد سان اوهان پاڻيءَ‌جي ڪيتري ئي مقدار کي صاف ڪري سگهو ٿا، ڀلي اهو پاڻيءَ‌ دُٻي جو ئي ڇو نه هجي، انهيءَ‌بوتل کي Lifesaver يعني زندگي بچائيندڙ جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ ان ۾ ٻه مختلف سطحون آهن جن جي وچ ۾ Pure نالي سان هڪ خاص فلٽر آهي جيڪو پريشر پئجڻ‌تي پاڻيءَ‌جي خاص مقدار کي صاف بڻائي ٿو ۽ اهو پاڻي ڪيڏو به خراب ڇو نه هجي، بوتل مان گذرڻ کان پوءِ بلڪل شيشي جهڙو صاف پاڻي Crystel Water لڳندو۔۔۔
    اهو فلٽر تمام گهڻي سنهي ڄارين ۽ الٽراوايوليٽ شعاعن جي اصول تحت ڪم ڪري ٿو ۽ ان جي مدد سان ٻن سيڪنڊن ۾ بوتل جي مقدار جي پاڻيءَ‌کي نوانوي سيڪڙو صاف ڪري سگهجي ٿو۔
    حاضر آهن ڪجهه وڊيوز۔۔

    http://www.youtube.com/watch?v=JhvEO7EZwPE


    http://www.youtube.com/watch?v=Cc1ylWMAKRk


    http://www.youtube.com/watch?v=wDJhtAFZPpM


    http://www.youtube.com/watch?v=Sdj-TQw5m_s
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: جديد بوتل جيڪا گندي پاڻيءَ کي به فلٽر ڪندي۔۔

    بهترين ونڊ ادا مست
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: جديد بوتل جيڪا گندي پاڻيءَ کي به فلٽر ڪندي۔۔

    ڪاش اهڙيون بوتلون لکن جي تعداد ۾ ڪو جيني (جن ) کڻي منهنجي سنڌ ڌرتي تي فوري پُڄائي ته جيئن منهنجا سنڌي پُٽڙا ، ڀائر ڀيڻون جيڪي روزانو ڊرزنن جي حساب سان گندي پاڻي پيئڻ وگهي موت جي بک ٿي رهيا آهن انهن کي موت جي منهن مان بچائي سگهجي۔
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: جديد بوتل جيڪا گندي پاڻيءَ کي به فلٽر ڪندي۔۔

    سائين بس اسان ۽ توهان جهڙا غريب اهو ”ڪاش“ ئي چئي سگهن ٿا۔۔ الله سندن امداد ڪري۔۔
     
  5. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: جديد بوتل جيڪا گندي پاڻيءَ کي به فلٽر ڪندي۔۔

    تمام بهترين جاري رکو۔
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: جديد بوتل جيڪا گندي پاڻيءَ کي به فلٽر ڪندي۔۔

    لاجواب معلومات آهي ادا اسان فقيرن لا۽

    خدا پاڪ توهان کي شاد آباد ڪري اهڙو ونڊ جاري رکجو

    سدائين گڏ
     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: جديد بوتل جيڪا گندي پاڻيءَ کي به فلٽر ڪندي۔۔

    سائين اوهان کي ان جو ثواب ملي ويو
    اوهان کي مبارڪ هجي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو