مست
سينيئر رڪن
آلودگي خاص طور تي پاڻيءَ جي اندر آلودگيءَ انساني زندگيءَکي ڪيترو متاثر ڪيو آهي، اهو توهان کي پڻ خبر آهي، ٻي دنيا کي ڇڏيو، پاڪستان ۽ سنڌ جو مثال وٺو ته ڪيترائي مرض فقط انهيءَ خراب پاڻيءَ جي واپرائڻ سبب ئي ٿين ٿا۔ منهنجي ذاتي راءِ موجب پاڪستان ۾ سنگين ترين مسئلو پاڻيءَ بلڪه صاف پاڻيءَجي دستيابيءَ جو آهي۔ سنڌ جي ڳوٺن ۾ ته پاڻيءَ ۾ ڦٽڪي ملائي ان کي صاف ڪرڻجو رواج عام آهي، ان کان علاوه ڊاڪٽرن جي چئي موجب پاڻيءَکي ڪاڙهي پيئڻ به ان جو حل آهي۔ پاڻيءَجي آلودگيءَ جي اها خبر شايد انگريزن کي پئجي وئي ۽ انهن تجربا شروع ڪري ڇڏيا۔۔ پهرين وڏا فلٽر پلانٽ، وري پوءِ گهرن ۾ لڳندڙ فلٽر سسٽم، هاڻي وري انهن اهڙي ايجاد ڪئي آهي جيڪا مون جهڙي اٻوجهه سنڌيءَجون اکيون ۽ وات پٽرائڻ لاءِڪافي آهي۔
بس هڪ بوتل جي مدد سان اوهان پاڻيءَجي ڪيتري ئي مقدار کي صاف ڪري سگهو ٿا، ڀلي اهو پاڻيءَ دُٻي جو ئي ڇو نه هجي، انهيءَبوتل کي Lifesaver يعني زندگي بچائيندڙ جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ ان ۾ ٻه مختلف سطحون آهن جن جي وچ ۾ Pure نالي سان هڪ خاص فلٽر آهي جيڪو پريشر پئجڻتي پاڻيءَجي خاص مقدار کي صاف بڻائي ٿو ۽ اهو پاڻي ڪيڏو به خراب ڇو نه هجي، بوتل مان گذرڻ کان پوءِ بلڪل شيشي جهڙو صاف پاڻي Crystel Water لڳندو۔۔۔
اهو فلٽر تمام گهڻي سنهي ڄارين ۽ الٽراوايوليٽ شعاعن جي اصول تحت ڪم ڪري ٿو ۽ ان جي مدد سان ٻن سيڪنڊن ۾ بوتل جي مقدار جي پاڻيءَکي نوانوي سيڪڙو صاف ڪري سگهجي ٿو۔
حاضر آهن ڪجهه وڊيوز۔۔
http://www.youtube.com/watch?v=JhvEO7EZwPE
http://www.youtube.com/watch?v=Cc1ylWMAKRk
http://www.youtube.com/watch?v=wDJhtAFZPpM
http://www.youtube.com/watch?v=Sdj-TQw5m_s