مست
سينيئر رڪن
تازي خبر موجب اسپاٽ فڪسنگ اسڪينڊل جي شڪار ڪرڪيٽرن (محمد آصف، سلمان بٽ، محمد عامر) مبينه فڪسر مظهر مجيد کان پئسن وٺڻ جو اعتراف ڪيو آهي، پر اهو واضح نه ٿي سگهيو آهي ته اهي پئسا ڪهڙي سلسلي ۾ ورتل آهن ڇو ته مظهر مجيد انهن مٿي ڏسيل ڪرڪيٽرن جي ايجنٽ طور به ڪم ڪندو رهيو آهي ۽ سندن مختلف مارڪيٽنگ ڪمپنين، لوڪل ڪائونٽيز سان معاهدي ڪرڻ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي۔
ياد رهي ته اسڪينڊل سامهون اچڻ کان بعد انهن ٽنهي ڪرڪيٽرن کي آءِ سي سي طرفان عارضي طور تي هر طرح جي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ميچ کان معطل ڪيو ويو آهي ۽ اهي انگلينڊ جي هلندڙ ڪرڪيٽ دوري جي باقي ميچن کان (يعني ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز) کان ٻاهر ٿي ويا آهن۔۔
هي اسپاٽ فڪسنگ اسڪينڊل انگلينڊ جي دوري دوران چوٿين ٽيسٽ ميچ ۾ ان وقت سامهون آيو جڏهن هڪ برطانوي اخبار ”نيوز آف دي ورلڊ“ جي هڪ رپورٽر، مبينه فڪسر مظهر مجيد سان رابطو ڪري کيس چالبازي سان ميچ فڪسنگ جا راز کولڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو۔ اهواسڪينڊل ڪرڪيٽ جي دنيا لاءِ وڏو زلزلو ثابت ٿيو آهي۔
ياد رهي ته شروعاتي طور تي ست رانديگرن تي شڪ ظاهر ڪيو ويو، جن مان چار ڄڻن جا نالا به شامل هئا، مٿي ڄاڻايل ٽن ڪرڪيٽرن سان گڏ وڪٽڪيپر ڪامران اڪمل جو نالو به ظاهر ٿيو پر شروعاتي تحقيقات کان پوءِڪامران اڪمل کي ڪليئر قرار ڏئي مٿئين ٽنهي ڪرڪيٽرن تي عارضي پابندي هڻي وئي آهي ۽ انهيءَمعاملي جي تفصيلي تحقيق پوري ٿيڻ کان پوءِ انهن تي مستقل پابندي، جيل ۽ ڏنڊ وجهڻجا به امڪان آهن۔۔