پاڪستاني ڪرڪيٽرن فڪسر کان پئسن وٺڻ جو اعتراف ڪري ڇڏيو

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏4 سيپٽمبر 2010۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,556
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    تازي خبر موجب اسپاٽ فڪسنگ اسڪينڊل جي شڪار ڪرڪيٽرن (محمد آصف، سلمان بٽ، محمد عامر) مبينه فڪسر مظهر مجيد کان پئسن وٺڻ جو اعتراف ڪيو آهي، پر اهو واضح نه ٿي سگهيو آهي ته اهي پئسا ڪهڙي سلسلي ۾ ورتل آهن ڇو ته مظهر مجيد انهن مٿي ڏسيل ڪرڪيٽرن جي ايجنٽ طور به ڪم ڪندو رهيو آهي ۽ سندن مختلف مارڪيٽنگ ڪمپنين، لوڪل ڪائونٽيز سان معاهدي ڪرڻ‌۾ اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي۔
    ياد رهي ته اسڪينڊل سامهون اچڻ کان بعد انهن ٽنهي ڪرڪيٽرن کي آءِ سي سي طرفان عارضي طور تي هر طرح جي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ميچ کان معطل ڪيو ويو آهي ۽ اهي انگلينڊ‌ جي هلندڙ ڪرڪيٽ دوري جي باقي ميچن کان (يعني ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز) کان ٻاهر ٿي ويا آهن۔۔

    هي اسپاٽ فڪسنگ اسڪينڊل انگلينڊ جي دوري دوران چوٿين ٽيسٽ ميچ ۾ ان وقت سامهون آيو جڏهن هڪ برطانوي اخبار ”نيوز آف دي ورلڊ“ جي هڪ رپورٽر، مبينه فڪسر مظهر مجيد سان رابطو ڪري کيس چالبازي سان ميچ فڪسنگ جا راز کولڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو۔ اهو‌اسڪينڊل ڪرڪيٽ جي دنيا لاءِ‌ وڏو زلزلو ثابت ٿيو آهي۔

    ياد رهي ته شروعاتي طور تي ست رانديگرن تي شڪ ظاهر ڪيو ويو، جن مان چار ڄڻن جا نالا به شامل هئا، مٿي ڄاڻايل ٽن ڪرڪيٽرن سان گڏ وڪٽ‌ڪيپر ڪامران اڪمل جو نالو به ظاهر ٿيو پر شروعاتي تحقيقات کان پوءِ‌ڪامران اڪمل کي ڪليئر قرار ڏئي مٿئين ٽنهي ڪرڪيٽرن تي عارضي پابندي هڻي وئي آهي ۽ انهيءَ‌معاملي جي تفصيلي تحقيق پوري ٿيڻ کان پوءِ انهن تي مستقل پابندي، جيل ۽ ڏنڊ وجهڻ‌جا به امڪان آهن۔۔

    [​IMG]

    [​IMG]

     
  2. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: پاڪستاني ڪرڪيٽرن فڪسر کان پئسن وٺڻ جو اعتراف ڪري ڇڏيو

    ادا بس ير انهن سان بابا ڪير ٿو پڄي سگهي ير جنهن پنهنجي ملڪ جو نالو مٽي ۾ ملائي ڇڏيو آهي۔
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,687
    ورتل پسنديدگيون:
    1,188
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: پاڪستاني ڪرڪيٽرن فڪسر کان پئسن وٺڻ جو اعتراف ڪري ڇڏيو

    هاهاهاهاهاها۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔نالو مٽي ۾۔۔۔۔۔اُهو ڪيئن ڀلا
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,556
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: پاڪستاني ڪرڪيٽرن فڪسر کان پئسن وٺڻ جو اعتراف ڪري ڇڏيو

    ادا ٿي سگهي ٿو اها هڪ وڏي سازش هجي ڇو ته محمد عامر ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ اهڙو ڪرڪيٽر آهي جنهن دنيا جي هر مهان بيٽسمين کي ٽپا ڏياريا آهن۔۔ ننڍي عمر ۾ ايترا ايوارڊ کٽڻ، اعزاز پنهنجي نالي ڪرڻ ڪا گهٽ ڳالهه نه آهي۔ ڪم از ڪم ان کي ته هٿ وٺي ڦاسايو ويو آهي ۔۔۔۔ هينئر آءِ سي سي ان کي دنيا جي اُڀرندڙ رانديگر واري ايوارڊ جي ڪيٽيگريءَ‌ مان ڪڍي ڇڏيو آهي نه ته لازمي طور تي ان جو حق هو۔۔ الله بهتر ٿو ڄاڻي۔۔
     
  5. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    808
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: پاڪستاني ڪرڪيٽرن فڪسر کان پئسن وٺڻ جو اعتراف ڪري ڇڏيو

    بلڪل ادا مست مان اوهان جي ڳالهه سان متفق آهيان۔۔۔۔۔۔۔۔
    مون پڻ آ سي سي وارن جي ويب سائيٽ تي تنقيدي ڪمينٽس ڪيا آهن ۽ فيس بڪ تي هي اميج به ڏنو آهي۔۔

    [​IMG]
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,556
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: پاڪستاني ڪرڪيٽرن فڪسر کان پئسن وٺڻ جو اعتراف ڪري ڇڏيو

    ادا عمران۔۔۔۔ يار توهان بلڪل سٺو قدم کنيو آهي۔۔
     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,486
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: پاڪستاني ڪرڪيٽرن فڪسر کان پئسن وٺڻ جو اعتراف ڪري ڇڏيو

    اعتراف به ٿي ويو هاڻي انهن سان ڇا ٿيڻ گهرجي؟
    آءُ ته چوان ٿو اسان وٽ ڪرڪيٽ تي پابندي لڳائي وڃي
    ۽ تعمير نو ترقي ۽ ڪجهه ڪم جي ڳالهه هاڻي ٿي وڃي خاص طور سڄي ملڪ ۾ سيلاب کان پوءِ
     
  8. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: پاڪستاني ڪرڪيٽرن فڪسر کان پئسن وٺڻ جو اعتراف ڪري ڇڏيو

    تمام بهترين جاري رکو۔
     
  9. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,556
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: پاڪستاني ڪرڪيٽرن فڪسر کان پئسن وٺڻ جو اعتراف ڪري ڇڏيو

    ادا اعتراف صرف پئسن وٺڻ جو آهي، ياد رهي ته مظهر مجيد سندن ايجنٽ آهي جيڪو انهن جا مختلف ڪمپنين سان پراجيڪٽ وغيره ٺهرائيندو آهي، مختلف ڪمپنين لاءِ کين اسائينمنٽ وٺي ڏيندو آهي۔۔۔ ان ۾‌ ميچ فڪسنگ جي پئسن جو دخل نه آهي۔۔۔ اسڪاٽ لينڊ جي تازي خبر موجب محمد آصف کي به ڪليئر ڪيو ويو آهي۔۔ باقي رهيا سلمان بٽ ۽ محمد عامر۔۔۔
    ڪرڪيٽ‌متعلق ادا ڳالهه توهان جي صحيح آهي پر اسان واري عوام جيڪا ويچاري بک تي ويٺي هوندي آهي، ويچاري ڪرڪيٽ جهڙي راندين جي اندر پنهنجي خوشي تلاش ڪرڻ‌ جي بهاني سان وندر پئي حاصل ڪندي آهي۔۔۔ پر اتي به ڪرپشن جا مانگر مڇ ويٺل هوندا آهن۔۔ ڇا ڪجي۔۔۔
     
  10. ڪامي سولنگي

    ڪامي سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 جولائي 2010
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    12
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پڙهائي
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: پاڪستاني ڪرڪيٽرن فڪسر کان پئسن وٺڻ جو اعتراف ڪري ڇڏيو

    ادا مست بس ڪري ويهي ره دوست۔
     
  11. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,486
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: پاڪستاني ڪرڪيٽرن فڪسر کان پئسن وٺڻ جو اعتراف ڪري ڇڏيو

    ها سولنگي صاحب
    اهو سٺو طريقو آهي
     
  12. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    808
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: پاڪستاني ڪرڪيٽرن فڪسر کان پئسن وٺڻ جو اعتراف ڪري ڇڏيو

    ادا اسان ڪنهن جي حمايت نه پيا ڪريون ۽ نه ئي وري ڪوئي ڪرڪيٽر اسان جو مائٽ آهي۔۔۔
    ڳالهه قانون جي آهي۔۔ جنهن تي سڀني جواب هوندو ته يار پاڪستان ۾ ڪهڙو قانون ٿو هلي۔۔؟؟ هانه۔۔۔

    جڏهن اسان کي خبر آهي ته "ملزم" تنهن وقت تائين "معصوم" هوندو آهي جيسيتائين ان جي مٿان لڳل الزام ثابت نه ٿين۔
    جيڪڏهن ڪوبه کلاڙي ملوث آهي سڀ کان پهريان انکي ڪرڪيٽ مان پوري عمر جي لا نيڪالي ڏني وڃي۔ اسان ان جي مخالفت ڪو نه ڪنداسين۔۔۔
    باقي رهي ڳالهه الزامن جي بنياد تي ايوارڊن جي کَسَ نامناسب آهي۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو