• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

وجود جو سوال

نثارابڙو

نائب منتظم
وجود جو سوال

هڪ گراهڪ حجام جي دڪان تي وار ٺهرائڻ ۽ ڏاڙهيءَ جا خط وٺرائڻ لاءِ آيو ... جيئن حجام پنهنجو ڪم شروع ڪيو ته حسب عادت حجام ۽ گراهڪ پاڻ ۾ هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون شروع ڪيون ...

ڪئي موضوعن تي ڳالهائيندا رهيا ... اوچتو الله جي وجود تي اچي ڳالهه نڪتي ... حجام چيو” مونکي پڪ نآهي ته الله جو ڪو وجود به آهي“

گراهڪ چيو ”ڇو تون ايئن ڇو ٿو سمجهين؟“

” تون ٻاهر رستن تي وڃي ڏس ۽ سوچ ته ڇا الله جو ڪو وجود آهي؟ جيڪڏهن الله جو وجود هجي ها ته ڪنهنکي به ڪا تڪليف نه هجي ها ۽ ماڻهون اڻ ڳڻيل مسئلن جو شڪار نه هجن ها ... جيڪڏهن الله رحيم ۽ انسان سان پيار ڪندڙ هجي ها ته پوءِ اهڙي بڇڙي حالت جي اجازت ڪئين ڏئي ها ؟

گراهڪ ڪجه وقت لاءِ سوچ ۾ پئجي ويو ۽ ڪو جواب نه ڏيندي، خاموشي اختيار ڪئي جو ان موضوع تي وڌيڪ بحث ڪرڻ نه ٿي چاهيو ...

حجام پنهنجو ڪم پورو ڪيو ۽ گراهڪ پئسا ڏئي هليو ويو

گراهڪ جيئن ئي ٻاهر نڪتو ته کيس هڪ همراه بڇڙي حالت ۾ نظر آيو سندس ڏاڙهي وڌيل وار وڏا ۽ اڻ ڍنگا، مڇون وات ۾ لٽڪيل ...

گراهڪ موٽي حجام وٽ آيو ۽ چيائين ” ڇا توکي خبر آهي ته حجام جو به ڪو وجود ناهي“

حجام حيران ٿيندي چيو ” تون اهو ڪيئن چئي سگهين ٿو؟، آءُ موجود آهيان، آءُ حجم آهيان ۽ تازو تنهنجا وار سنواريا اٿم“

گراهڪ وراڻيو، نه! حجم ڪٿي به موجود ناهي ۽ جي ان جو ڪو وجود هجي ها ته هي ماڻهون ٻاهر اهڙن خراب وارن سان وڌيل ڏاڙهيءَ سان، ۽ ڏس ته مڇون سندس وات ۾ پيون لٽڪنس ...“

” ته اها ڳالهه آهي“، حجام وراڻيو، “حجام موجود آهي پر جي ڪو ماڻهون مونڏانهن ايندو ڪونه ته ان ۾ منهنجي وجود تي شڪ ڪرڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي“

گراهڪ جواب ڏنو ” بلڪل ايئن ئي الله به موجود آهي پر جي ڪو ماڻهون الله جي طرف راغب نه ٿيندو ۽ رب جي راهه تي نه ايندو ته سندس حالت پڻ ڏکوئيندڙ ۽ خراب ٿيندي ۽ ان سبب ئي توکي هن دنيا ۾ ظلم ۽ بربادي نظر اچي ٿي ...“

224935_10151291258093948_958046738_n.jpg
 
واه سائين واه بلڪل جهڙو اعتراض اهڙو جواب جيڪو جهڙي زبان سمجهي ان کي ان ۾ ئي سمجهائڻ سٺي ڳاله هوندي آهي ڏسو ته حجم کي ڪيئن نه دل سان ڳاله لڳي سائين اوهان جي مهرباني الله اوهان کي خوش رکي
 
تمام پياري سمجهاڻي، اهڙيون ناياب لکڻيون هن سنڌ سلامت جي سٿ لاٌءِ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔
سائين نثار ابڙو صاحب جا ٿورائتا آهيون جو اسان سان اهڙيون نصحيتون وري اهڙي انداز ۾ جنهن ۾ هرڳالهه کي آساني سان سمجهڻ۔۔۔۔۔۔ اها ته خوبي آهي سائين ابڙي صاحب جي۔۔۔۔۔۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
تمام پياري سمجهاڻي، اهڙيون ناياب لکڻيون هن سنڌ سلامت جي سٿ لاٌءِ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔
سائين نثار ابڙو صاحب جا ٿورائتا آهيون جو اسان سان اهڙيون نصحيتون وري اهڙي انداز ۾ جنهن ۾ هرڳالهه کي آساني سان سمجهڻ۔۔۔۔۔۔ اها ته خوبي آهي سائين ابڙي صاحب جي۔۔۔۔۔۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت

shabash sindhsalamatsaathsal
 
جواب: وجود جو سوال

واه سائين واه بلڪل جهڙو اعتراض اهڙو جواب جيڪو جهڙي زبان سمجهي ان کي ان ۾ ئي سمجهائڻ سٺي ڳاله هوندي آهي ڏسو ته حجم کي ڪيئن نه دل سان ڳاله لڳي سائين اوهان جي مهرباني الله اوهان کي خوش رکي

سائين محترم علي علي، اڄڪلهه اوهين پڻ ناهيو ۽ اوهانجو وجود الائجي ڪهڙي خلا ۾ آهي، پر تنهن هوندي به سوال جو جواب سٺي نموني ڏيڻ به هڪ فن آهي ۽ هڪ ڏاهپ آهي ۔۔۔ اوهان پنهنجي موجودگي ظاهر ڪريو ۽ جواب ڏيو ۔۔۔
 
ادا نثار ابڙو صاحب اسلام عليڪم۔ الله پاڪ هر جڳه تي جلوگر آهي، پر اسان وٽ ايمان واري اها اک نه آهي جو هنن جي جلوه کي ڏسي سگهون۔ اسان جي امام حضرت ابو حنيفه رحمت الله عليه جن کان ڪنهن الله پاڪ جي موجودگي ۽ وجود جي باري ۾ سوال ڪيو۔ پاڻ جواب ڏنائين:” جيڪڏهن سمنڊ جي وچم ۾ هڪ ٻيڙي سڄي سون ۽ قيمتي جواهرن سان ڀريل موجود آهي ۽ توهان چاهيندو ته اها ڪناري تي اوهان وٽ اچي ته ڇا اها بغير ڪنهن ماڻهون ،ملاح يا ٻيڙي هلائڻ واري جي پاڻهي ڪناري تي اچي سگهندي ۔نه بلڪل به نه ، جڏهن هڪ ننڍي ٻيڙي پاڻهي نه ٿئي هلي سگهي ته هي دنيا جنهن ۾ تمام گهڻا ستارا، سج ،چنڊ، سمنڊ، جبل، وڻ ، انسان ، جانوار ۽ ٻيون شيون موجود آهن بغير ڪنهن طاقت جي راهنمائي کانسواء ڪيئن هلي سگهنديون،هر شمسي سيارو پنهنجي مدار ۾ گردش ڪندو آهي ، جيڪڏهن هو ان مدار کان ٻاهر نڪري ويندو ته نه رڳو تباه ٿيندو پر ٻين سيارن لاء به تباهي آڻيندو۔ انهن سيارن کي پنهنجي محور جي اندر گردش ڪرائيندڙ ذات الله پاڪ جي آهي، جيڪو قادر مطلعق ،هرشي جو تخليقڪار ۔ مالڪ ، رزاق ۽ نگهبان آهي۔ ڏينهن کي رات ۾ ۽ رات کي ڏينهن ۾ تبديل ڪرڻ واري ذات به الله پاڪ جي آهي۔ ۔جيئن ڦوڪيل ڦوڪڻي ۾ هوا سان کي نظر نه ايندي آهي تيئن هن غفلت ڀريل اکين کي الله پاڪ جو وجود نظر نه آيندو آهي۔ ان ۾ ڏوه اسان جي اک جو آهي ۔ الله پاڪ جو وجود سڀني عالمن جي ڪنڍ ڪڙڇ تائين ڦهليل آهي۔ هو اسان جي شاه رگ کان وڌيڪ ويجهو آهن۔ تمام بهترين نصحيت ڀريو ليک ونڍ ڪري اسان کي پنهنجو ايمان ۽ الله پاڪ تي يقين تازو ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ تي اوهان جي جيتري به تعريف ڪئي وڃي گهٽ آهي۔
 
Back
Top