حيرت آهي جي تون چوين ته منهنجي شعر ۾ رواني زيادهه آهي ان ڪري ان ۾ فڪري گھرائي گھٽ آهي. پيارا، کوهه گھرو نه به هوندو آهي تڏهن به گھرو لڳندو آهي. پر ڇُلنديءَ، ڇلانگ ڏينديءَ نديءَ جي رواني ڏسي، اهو وسري ويندو آهي ته ان ۾ ڪائي گھرائي به آهي. (شيخ اياز) sindhsalamatsaathsal