حيرت آهي

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ ساره
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

ساره

سينيئر رڪن
حيرت آهي
جي تون چوين
ته منهنجي شعر ۾ رواني زيادهه آهي
ان ڪري
ان ۾ فڪري گھرائي گھٽ آهي.
پيارا،
کوهه گھرو نه به هوندو آهي
تڏهن به گھرو لڳندو آهي.
پر ڇُلنديءَ، ڇلانگ ڏينديءَ نديءَ جي رواني ڏسي،
اهو وسري ويندو آهي
ته ان ۾ ڪائي گھرائي به آهي.
(شيخ اياز)

sindhsalamatsaathsal
 
Back
Top