مست
سينيئر رڪن
سعودي عرب جي مشهور ماهر فلڪيات ۽ عبدالعزيز يونيورسٽي جده ۾ شعبه فلڪيات جي ڊين ڊاڪٽر حسن باصره پيشن گوئي ڪئي آهي ته ماهِ مبارڪ رمضان جو هي مهينو هن ڀيري 30 ڏينهن تي مشتمل هوندو۔ سندس چوڻ آهي ته 29 رمضان المبارڪ تي چنڊ سج کان 10 منٽ پهرين غروب ٿيندو، جنهن جو صاف مطلب آهي ته ان رات چنڊ نظر نه ايندو ۽ ٻئي ڏينهن پڻ روزو هوندو۔ ياد رهي ته جيڪڏهن اها پيشن گوئي سچ ثابت ٿي ته سعودي عربيه ۾ جمع جي ڏينهن عيد ٿيندي ۽ پاڪستان ۾ وري ڇنڇر ٿي عيد ٿيندي۔