1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 60000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 60,000
    37500

پروفيسر استاد عطا محمد حامي ۔۔ شاعر، اديب، تعليمدان ۽ محقق

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏7 سيپٽمبر 2010۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,770
    ورتل پسنديدگيون:
    27,187
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
    استاد عطا محمد حامي : شاعر، اديب، تعليمدان ۽ محقق
    محمد سليمان وساڻ

    سنڌ ڌرتي تي هر دور ۾ تمام وڏن ليکڪن، اديبن ۽ شاعرن جو جنم ٿيندو رهيو آهي . وڏا شاعر ۽ اديب گهڻو ڪري پنهنجي لکڻين ۽ تخليقن سبب وڏا شمار ڪيا ويندا آهن، پر انهن مان ڪي اهڙا به هوندا آهن جيڪي پنهنجي تخليقن سان گڏ پنهنجي اعليٰ انساني گڻن سبب ماڻهن جي دلين تي نقش اڀاري ويندا آهن. اهڙن عظيم ليکڪن ۽ شاعرن مان استاد عطا محمد حامي به هڪ هيو. استاد عطا محمد حامي جو شمار سنڌ جي استاد شاعرن ۾ ٿئي ٿو . هو نه رڳو شاعري ۾ استاد تسليم ڪيو ويندو آهي پر درسي تعليم ۾ پڻ پاڻ بحيثيت استاد، ليڪچرار ۽ پروفيسر جي عهدي تائين رسائي حاصل ڪرڻ سان گڏ شاگردن جو محبوب استاد مڃيو ويندو هو.
    سندس جنم پهرين جنوري 1919 ع ۾ خيرپور رياست جي ننڍڙي ڳوٺ سوهو قناصرا ۾ ٿيو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ جڏهن ته وڌيڪ تعليم ناز هاء اسڪول خيرپور مان، ايم اي 1951ع ۾ سنڌ يونيورستِ مان ۽ پي ايڇ ڊي 1955 ۾ سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪيائون. شروعاتي ڏينهن ۾ انٽر ڪري لقمان خيرپور ۾ پرائمري استاد ٿيو. ان کانپوء هالا ۾ سنڌي جو ليڪچرر ۽ آخر ۾ ممتاز ڪاليج خيرپور مان 1978ع ۾ سنڌي جي پروفيسر طور رٽائر ٿيا. حامي صاحب 1955ع ۾ خيرپور رياست جو وجود ختم ٿيڻ وقت انهي آخري اسيمبلي جا ايم ايل اي رهندڙ حامي صاحب سائيڪل تي اليڪشن مهم هلائي وڏي اڪثريت سان سيٽ کٽي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جا اڳواڻ بڻيا.سياست ۾ هو سوديبازي جو قائل ڪونه هيو ۽ شهيد ذولفقار علي ڀٽو جو چاهيندڙ هو پر ڀُٽي صاحب جي بِهارين کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ واري اعلان تي سندس مخالفت ڪندي ڀُٽي تي تنقيد ڪندي چيائين:
    ڏسون ٿا ڪم تنهنجا ڀٽڪا ، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا
    پر حاميء جو ظرف ته ڏسو جو جڏهن ڀُٽي کي ڦاهي جو حڪم ٿيو ته پاڻ گهڻا ڏکارا ٿيا ۽ چيائون:
    منصور زماني جو چڙهي ٿو ڦاهي
    حامي صاحب ڪيترائي ڪشالا ڪري خيرپور جي تاريخ لکي، سندن پي ايڇ ڊي جو موضوع به خيرپور ئي هيو. پاڻ سچل جي فارسي مثنوي جو سنڌي ترجمو ڪيائون. حامي صاحب کهڙن جي مخدوم شهيدن تي تحقيق ۽ روحل فقير جي باري ۾ کوجنا پڻ ڪئي. پاڻ مير علي نواز ناز جي شاعري جي ترتيب به ڏنائون. انکانسواء پاڻ خيرپور جي مختلف قبيلن تي ڪتاب لکيائون جيڪو سندس شاگرد مقصود گل ڇپايو جنهن جو نالو آهي ”وکريل موتي“.
    سندس شاعري علم عروض جي پابندين هيٺ پختي شاعري آهي ۔ جيتوڻيڪ ڪجه وقت فارسي اثر واري شاعري پڻ ڪيائون۔ ڊاڪٽر تنوير عباسي موجب ”حامي صاحب جي شاعري جو ٽيون دور 1962 کان شروع ٿيو جڏهن فارسي نمونو ڇڏي سليس سنڌي غزل چوڻ شروع ڪيائون. پاڻ شعر چيائون ته :
    ڦٽا ڪر وصل و هجر جا سمورا داستان
    ادا سارا سڻائج انقلابي داستان هاڻي
    حامي صاحب جي جي نظر وسيع هئي، سندس مطالعو گهرو هو ۽ سندس نگاه سنڌ جو طواف ڪندي رهندي هئي۔ هو مذهبي ڪٽرپڻي ۽ شدت پسندي جو سخت مخالف هو. سندس مذهب محبت ۽ انسانيت هيو. سندس شاعري جي ڪتاب ”حامي جو ڪلام“ ۾ محمد علي حداد ، استاد حاميءَ تي انتهائي جاندار مهاڳ لکيو آهي. انهي مهاڳ ۾ هڪ جڳهه تي حداد، استاد حامي جي مذهب بابت لکي ٿو: “حاميء جو مذهب انسانيت هو، هر سٺو انسان کڻي ڪهڙي به قوم سان تعلق رکندڙ هجي عزت جو حقدار آهي. هر رياڪار ماڻهو، کڻي ڪيڏي به وڏي اقتدار جو مالڪ هجي، حامي صاحب لاءِ قابل نفرت هو. مظلوم جي حمايت سندس مسلڪ هو، رمضان شريف ۾ جمعي جي نماز اچي اثنا عشري شيعن سان گڏ پڙهندو هو ۽ عيد جي نماز پنهنجي ڳوٺ حنفي سنين سان گڏ پڙهندو هو. ڄائو ته اهلسنت واري آذان ڪنين پيس ۽ وفات ڪيائين ته ڪفن دفن اهل تشيعت واري طريقي موجب ٿيس، جيئرو هو ته ٻنهي فرقن جا ملان پنهنجو نه ڪندا هئس، گذاري ويو ته سندس سٺي سڀاءَ سبب هر ڪا اک آلي هئي، سچ پچ ته جن ماڻهن جو مذهب محبت هوندو آهي. سي استاد حاميءَ مثل هوندا آهن“. هو مذهب جي نالي تي نفرتن ۽ انساني قتل جو سخت مخالف هو تڏهن ئي ته هڪ هنڌ چيائين:
    اسلام جي نالي ۾ نه ماريو ماڻهو
    ڳڻتيءَ ۽ مصيبت ۾ نه ڳاريو ماڻهو
    هي حال ڏسي دين ڇڏي هو ويندا
    بي دين بڻائي ته نه کاريو ماڻهو!
    سنڌ ڌرتيء جو هي پيارو ۽ سڀاڳو انسان 3 جون 1982 ع تي هزارين اکين کي آلو ڪندي اسان کان وڇوڙو ڪري ويو. هر سال سوهو قناصرا ۾ سندس ورسي تقريبون ٿينديون رهنديون آهن.

    گهڻا منهنجا مٺڙا منٺار ماڻهو
    دغاباز نڪرن ٿا دلدار ماڻهو
    هنن جي ئي دم سان زمانو هلي ٿو
    نه سڏ عشق وارن کي بيڪار ماڻهو
    ٻڌائي مٺا ٻول حامي هليو ويو
    هيو ڏاڍو مٺڙو مزيدار ماڻهو
    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,604
    ورتل پسنديدگيون:
    369
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: هماليه جيڏو پروفيسر استاد عطا محمد حامي ۔۔ شاعر ۽ محقق

    پروفيسر عطا محمد حامي جي باري ۾ ڄاڻڪاري فراهم ڪرڻ لا ٿورائتو آهيان۔۔۔۔ مهرباني سائين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,683
    ورتل پسنديدگيون:
    1,187
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: هماليه جيڏو پروفيسر استاد عطا محمد حامي ۔۔ شاعر ۽ محقق

    واھ ادا تمام سهڻي ونڊ ڪئي آهي اوهان
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,770
    ورتل پسنديدگيون:
    27,187
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هماليه جيڏو پروفيسر استاد عطا محمد حامي ۔۔ شاعر ۽ محقق

    استاد عطا محمد حاميء جي اڄ 28 هين ورسي تي کيس سلام پيش ڪيون ٿا۔ استاد عطا محمد حامي هڪ لاجواب شاعر هجڻ سان گڏ نفيس انسان ۽ علم دوست شخصيت ٿي گذريو آهي۔


    حامي ٿياسون دور نظر کان ته ڇا ٿيو ؟
    دل کان اسان کي دور رکي ڪير ٿو سگهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,770
    ورتل پسنديدگيون:
    27,187
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,770
    ورتل پسنديدگيون:
    27,187
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ساڳيو مضمون اڄوڪي هلال پاڪستان ۾ پڻ ڇپيو آهي​
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    خوبصورت ڀيٽا ادا سليمان وساڻ صاحب جن جي ھميشه وانگي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,870
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    اسلام جي نالي ۾ نه ماريو ماڻهو
    ڳڻتيءَ ۽ مصيبت ۾ نه ڳاريو ماڻهو
    هي حال ڏسي دين ڇڏي هو ويندا
    بي دين بڻائي ته نه کاريو ماڻهو!
    تمام سهڻي ڀيٽا سائين حامي کي ۔۔۔ ۽ اسان به سندس مٿئين بيت جا حامي ٿياسون ۔۔۔

    رب العالمين کيس جنت ۾ جايون عطا ڪري ۔۔۔ آمين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,770
    ورتل پسنديدگيون:
    27,187
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,770
    ورتل پسنديدگيون:
    27,187
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سوڀ سنڊي ميگزين 1 جون 2014

    [​IMG]
     
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,770
    ورتل پسنديدگيون:
    27,187
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    [​IMG]
    لذتِ سوز جو شاعر: عطا محمد حامي

    ڪوڙل قربدار

    هر شاعر ۽ اديب پنھنجي پنھنجي دؤر جي تاريخ ۽ حقيقتن جو آئينو هجي ٿو، جنھن جي تخليقن مان حق سچ جي پروڙ پوي ٿي. جيڪو انساني همدرد، ڀائيچاري، رواداري ۽ محبتن جو درس عام ڪري ٿو ۽ اتساهه حوصلو ڏي ٿو، اهو ئي شاعر توڙي اديب عام ماڻهن جي دلين ۾ جڳهه بڻائي ٿو. جھڙي طرح استاد، پروفيسر، شاعر، اديب عطا محمد حامي جنھن پنھنجي ٻاجهاري ٻوليءَ کي حسين ترحسين خوبصورتي بخشي پنھنجي شاعريءَ کي پوپٽن جھڙو نازڪ ويس پھرايو آهي. سندس شاعري سنڌي ادب ۾ چڱو خاصو مقامُ ماڻي چڪي آهي، عطا محمد حامي جي شاعريءَ ۾ سادگي ۽ سونھن جا ڪيترائي پرتوا ملن ٿا، جھڙوڪ:

    ڪلفت جي ڳالهه ڪر نه، عداوت جي ڳالهه ڪر،
    مون سان ڪرين ته مھرو محبت جي ڪالهه ڪر.

    يــا

    تنھنجي حسن ڏي مولا خير ڪري حيران هزارين پيا ٿيندا،
    تنھنجي نينھن جي نازڪ ناتي ۾ نقصان هزارين پيا ٿيندا.

    عطا محمد حامي معاشري جو هڪ اهم حصو آهي سندس شاعريءَ ۾ اجتماعي سوچ لوچ ۽ تڙپ محسوس ٿئي ٿي. نه صرف ايترو پر عطا محمد حامي جي دل ۾ انسانيت جو درد خونِ جگر وانگر شامل آهي. سندس غزل جو بند حاضرِ خدمت آهي:

    هرڪو رهي ٿو پنھنجي پريشانين ۾ غرق،
    ٻئي جي ڏکن جي ڳالهه ٻڌي ڪير ٿو سگهي.

    در حقيقت اهلِ علم ۽ اهلِ قلم انساني معاشري جي ٽين اک آهن، انهيءَ اک سان حال ماضي ۽ مستقبل جي ڪارگذارين کي چڱي طرح پرکي سگهن ٿا. عطا محمد حامي به پنھنجي شعوري اک سان سماجي زاوين کي بھترين نموني سان ڏسندي هڪ نظم جي بند ۾ هيئن به چيو اٿائين ته:

    قوم جا ٻچا سڏجو ٿا پر آهيو سڀاڻي جا ابا،
    قوم ۽ ملت جي مستقبل جا آهيو آسرا.

    عطا محمد حامي جي شاعري هڪ فرقي جي شاعري نه آهي، سندس شاعريءَ ۾ مسلمان به اچي وڃي ٿو ته هندو به اچي وڃي ٿو. اڇو به اچي وڃي ٿو ته ڪارو به اچي وڃي ٿو. تونگر به اچي وڃي ٿو ته گداگر به اچي وڃي ٿو ۽ مذهبي ڪٽرپڻي کان ڪوهين ڏور پَسجي ٿو. مطلب ته هر مڪتبه فڪر جو نظريو سمايل اٿس. مثال؛

    مساواتِ مسلماني ۾ هرڪو آهي هڪ جھڙو،
    تفاوت تر جو ئي نه آهي تونگر ۽ گداگر ۾.

    **

    ذات ڪذات کي پاڻ نه ڄاڻون جھڙو ڀنگي ڪو به هجي،
    نينھن نوازيو جنھن کي تنھن وٽ گولا ٿي ته گذاريون ٿا.

    شاعري ڏات آهي پر جي ڏانءُ نه آهي ته ڏات ڇا ڪندي. عطا محمد حامي وٽ ڏات سان گڏ ڏانءُ به آهي، حامي صاحب جي مطالعي ۽ مشاهد جي وٿ ۽ سگهه وسيع آهي. سندس انهن لفظ جي جوڙجڪ ، سٽاءُ ۽ خيالن جي اڏار پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن کي بيچين ڪري ڇڏي ٿي. سندس هي خيال توجھ طلب آهي:

    هستي ڪارساز جھان کي قبول ڪر،
    ساقي بغير رونق محفل ڪٿي رهي.

    عطا محمد حامي جو هر شعر دل ۾ وڍ وجهندڙ آهي ۽ ننڊ اکين نيڻن کي جاڳ سجاڳ بخشي ٿو هو شاعرِ محبت آهي، سندس شعر ڏسو:

    حياتي جو مقصد محبت ۾ آهي،
    محبت بنا آهِه مردار ماڻهو.

    يــا

    محبت سان ئي سچ پچ آدمي انسان ٿيندو آ،
    محبت جنھن ۾ ڪين آهي اهو حيوان ٿيندو آ.

    حامي صاحب جي شاعري ۾ روايت سان گڏ جدت جو عنصر به موجود آهي ۽ وڌيڪ اثرائتي، رنگين ۽ پرڪشش آهي. اهو ئي سبب آهي جو عطا محمد حامي جو هر هڪ شعر پوريءَ طرح دل تي اثر انگيز ٿي دل جي ڌڙڪن وڌائي ٿو ۽ تخليقي پرواز جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ان کان سواءِ حاميءَ جي ڪلام ۾ سنڌ جي معاشري ۽ معاشرتي حالتن جو عڪس به آهي.

    هي پيٽ بکيا انگ اگهاڙا ماڻهو،
    پڪ ناهي جيئن ٿا يا مرن ٿا ماڻهو.

    سدا بھار ۽ سدا حيات سائين قاضي مقصود گل پنھنجي ڪتاب ”اکڙيون نيل ڪنول“ ۾ لکي ٿو ته، فني توڙي فڪري وسعت پختي ڊاڪٽر پروفيسر، استاد عطا محمد حامي جي قرب ۽ قلم مان عطا ٿي. آءٌ وڏي اعتماد ۽ اتساهه سان چوان ٿو ته جيڪڏهن استاد دل درياءُ ۽ دلربا عطا محمد جو قلم منھنجي بي ربط ۽ بي ضبط شاعريءَ کي چميون نه ڏي ها ته اڄ مان جھڙو شاعر آهيان، اهڙو شاعر به نه هجان هان. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته عطا محمد حامي استاد الشعراءَ ۽ برک شاعر آهي. جنھن جو فن ۽ فڪر قلم ۽ قلبي پورهيو قابل قدر آهي جنھن جي علم ۽ قلم مان ڪيترائي فيضياب ٿي ويا آهن. انهن شاعرن ۽ اديبن جو تمام سٺو حلقو موجود آهي جيڪو پنھنجي پنھنجي حصي جو قلمي ۽ قلبي پورهيو ڪري انسانيت کي جيئدان ڏيندا رهن ٿا.

    عطا محمد حامي جي شاعري ۾ سنڌ ڌرتي جو گهڻي قدر درد ملي ٿو ۽ سنڌ سان نفرت ڪندڙ ۽ دشمن کي هرگز نٿو بخشي، ڇاڪاڻ ته ان جي دل ۾ ڌرتيءَ سان والهانا عشق آهي، تنھن ڪري هن اهڙو جذباتي ۽ جرئتمند اظھار سندس شعر مان معلوم ٿئي ٿو.

    اسان بي دين کي بخشي سگهون ٿا هي جواز آهي،
    ڪٿي بخشون انهيءَ کي ديس جو جيڪو عدو نڪري.

    حامي صاحب پنھنجي خيال ۽ لکڻين ۾ اوتيل درد ۽ دانھن جو احساس ڪھڙي طرح بيان ڪري ٿو.

    ڪجهه غزل جون سِٽون؛

    درد دلبر جي ڪيو دلگير اڄ،
    تير غم دل کي ڏئي ٿو جهير اڄ.

    منھنجي نيڻن مان روان ٿيا نيرَ اڄ،
    درد دل جو ڪن ٿا تفصير اڄ.

    عطا محمد حامي جي ٻولي، لفظن جو جڙاءُ ۽ لب لھجو شعر و ادب جي ميدان ۾ ممتاز حيثيت رکن ٿا.

    مثال:

    لذتِ سوز محبت پُڇُ نه ڪنھن بي درد کان،
    سون خالص جي ڀلا ڪھڙي خبر لوهار کي.

    يــا

    انداز ناز ساڻ اي ساقي نظر ڪري،
    الفت جا جامَ جامُ پيارِ ۽ پيارُ ڏي.

    حامي صاحب جي غزلن کي پڙهندي يقين ٿئي ٿو ته هن شاعر دل جون ڪوتائون لُڇندي لکيون آهن جن ۾ شعور کان وڌ لاشعور جي جهرڻن جي جهانءِ آهي.

    محبت ۾ نه ٻي خوراڪ ڪر،
    غذا لختِ دل جو و خونِ جگر ڪر.

    ڏئي چشمن جو پاڻي باغِ دل کي،
    کڻي سرسبز الفت جا شجر ڪر.

    عطا محمد حامي روشن خيال شاعر آهي، جنھن جون سٽون باک جي چارن جيان ڏيک ڏين ٿيون. مثال طور:

    گلشن خزان رسيده نئين سر بھار ڏي،
    هر بيقرار دل کي الاهي قرار ڏي.

    هر شيءِ ۾ تنھنجي ذات جو جلوه نظر اچي،
    اهڙو شراب عشق جو مون کي خمار ڏي.

    حامي صاحب انصاف پسند انسان ۽ ماڻهپي وارو مھان مرد آهي جنھن پنھنجي حقيقتن کي علم ۽ قلم جي آڌار پنھنجي اندر جي اُٻڙاڪَ کي سادن لفظن ۾ بيان ڪري پنھنجي شاعريءَ کي مان بخشيو آهي ۽ هو گرناري جوڳين مان آهي جنھن جي مُرليءَ مان پرسوز آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.

    آءٌ وضاحت ڪندو هلان ته سنڌ ڌرتي جو تمام ڏاهو شاعر ۽ اديب گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ ۽ لطيف شناس ڊاڪٽر تنوير عباسي، عطا محمد حامي جي ڪلام بابت لکي ٿو ته، عطا محمد حامي صاحب سڄي عمر هر معاملي ۾ بي پرواهه رهيو، هو پنھنجي شاعريءَ جي باري ۾ سڀ کان وڌيڪ لاپرواهه هيو، شعر لکيو، مشاعري ۾ پڙهيو بس ڪم پورو. شعر وارو ڪاغذ ڪو کڻي ويو يا ڪٿي ڦٽي ڪري ڇڏيو، وري نه شعر ئي ياد نه ڪاغذ ملي. پر سندس لائق شاگرد سنڌي ادب جي ڳنڀر ڪارڪن محمد علي حداد حاميءَ جي ٽڙيل پکڙيل ڪاغذن توڙي پراڻن رسالن اخبارن ۽ ويجهن شاگردن يا دوستن کان مواد وٺي گڏ ڪري سنڀاليندو ويو. اها استاد عطا محمد حامي صاحب سان محنت، انسيت ۽ عقيدت آهي جو اڄ هي حاميءَ جو ڪلام اوهان جي آڏو آهي، نه ته جيڪر حامي صاحب جي ڪلام کي گڏ ڪرڻ لاءِ ڪجهه سال پوءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جھڙن اديبن ۽ محققن وانگر محنت ڪري حاميءَ جو ڪلام گڏ ڪري سوڌڻو ۽ سنوارڻو پوي ها.

    اها حقيقت آهي جيڪڏهن لائق ۽ بافرمان شاگرد محمد علي حداد عطا محمد حاميءَ جو ڪلام نه سموهي سھيڙي ها ته اهڙو هيئن حاميءَ جو ڪلام اسان جي هٿن تائين شايد نه پھچي ها.

    استاد محمد علي حداد لک کيرون لھڙيون جنھن اهڙو يعني حاميءَ جي ڪلام کي ترتيب ڏئي، ڇپائي پڌرو ڪري اسان ۽ اسان جي نسلن کي هٿ ۾ ڏئي سنڌ واسين سان محبت ۽ پيار جو ثبوت ڏنو آهي.

    ڇو جو هن ڪتاب ”حاميءَ جي ڪلام“ مان ڪيترائي عنوان ۽ موضوع ملن ٿا، جنھن کي پڙهي ۽ پرجهي اسانجا شاعر اديب ۽ ليکڪ فيضياب ٿيا آهن ۽ ٿيندا رهندا.

    **
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو