TAHIR SINDHI
سينيئر رڪن
مولانا عبيدالله سنڌي 1872ع ۾ ڳوٺ چيانوالي ضلع سيالڪوٽ پنجاب ۾ ڄائو. پاڻ سک گهراڻي سان تعلق رکندو هو. سندس پيدائش کان اڳ سندس والد وفات ڪري ويو. ٻن سالن جو ٿيو ته سندس ڏاڏو به وفات ڪري ويو. سندس ماءُ پنهنجي پيڪن ڊيرا غازي خان وٺي آئي. اتي هڪ دوست کان اسلامي ڪتاب پڙهڻ جو موقعو مليس، جڏهن تحفته هند نالي هڪ ڪتاب پڙهيائين ته توحيد جي مسئلي کي سمجهي ورتائين. 1887ع ۾ مائٽن کي خير آباد چئي حافظ محمد صديق ڀرچونڊي واري جي هٿ تي مسلمان ٿيو. اتي 6 مهينا رهي دارالعلوم ديوبند ويو.
حافظ سان روحاني نسبت جي ڪري پاڻ کي سنڌي سڏائڻ لڳو. ان کان پوءِ بزرگ امروٽي جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. هتي ماهوار رسالو هدايت الاخوان جاري ڪيائين.
1915ع ۾ ڪابل ويو ۽ 1922ع ۾ 6 مهينا روس ۾ گذاريائين. ترڪي جي شهر استنبول به ويو. 1345هه ۾ مڪي ڏانهن اسهيو. 25 سال جلاوطن رهڻ بعد 1939ع ۾ سنڌ واپس آيو ۽ سنڌ ساگر انسٽيٽيوٽ قائم ڪيائين. 22 آگسٽ 1944ع ۾ ڳوٺ دينپور بهاولپور رياست ۾ وفات ڪيائين.