درد ۽ ڏک ۾ ڀريل اکيون روئيندڙ رڙندڙ ٻار ٻچا، دلاسا ڏيندڙ، پر پاڻ به روئيندڙ پوڙها

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏8 سيپٽمبر 2010۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    بيوسي، لاچاري، درد ۽ ڏک ۾ ڀريل اکيون روئيندڙ رڙندڙ ٻار ٻچا، دلاسا ڏيندڙ، پر پاڻ به روئيندڙ پوڙها ۽ بيوس بڻيل جوان مرد ڏسڻا اٿوَ
    by Abdul Razzaque Memon on Wednesday, September 8, 2010 at 1:41pm
    سنڌ آهستي آهستي لاوارثيءَ جي شديد احساس ۾ ويڙهبي پئي وڃي، جو هڪ پاسي سرڪار بچيل شهرن کي بچائڻ کان لاچار پئي ڏسجي، ٻئي پاسي جيڪي شهر ٻڏي ويا آهن، انهن جي دربدر ٿيل ماڻهن جي سار لهڻ ۾ به ڄڻ ته حڪومت کٽل آهي. خيرپور ناٿن شاهه نيٺ چونڊيل نمائيندن جي ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾ ٻڏي ويو. سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڇا اهو جملو درست ٿيندو ته ”خيرپور ناٿن شاهه کي درياهه ٻوڙيو آهي؟“ قطعي به نه، ان جي بچڻ جا سمورا امڪان موجود هئا، پر امڪان ته موجود هئا، بس حڪومت موجود نه هئي. حڪومت ڄڻ فقط ان لاءِ هجي ٿي ته جيڪي شهر ٻڏن، انهن جي ٻڏڻ کان فقط ٻه ڪلاڪ اڳ شهرين کي چئجي ته ٻڏو ٿا، گهر خالي ڪري وڃو!! هر هنڌ ايئن ئي ٿيو آهي. سجاول، بٺورو، دڙو توڙي ٺٽو به ايئن ٻڏو، ۽ خيرپور ناٿن شاهه به ايئن ٻڏو. خيرپور ناٿن شاهه شهر ٻڏڻ کان پوءِ هاڻي اهو سلسلو رڳو هڪ شهر تائين محدود نه رهندو، هاڻي سيتا روڊ به ٻڏي پيو. ٻئي پاسي جوهي آهي، جيڪو جيڪڏهن اڳ ڪٽ ڏجي ها، تڏهن به ٻڏي ها، ۽ هاڻي به ٻڏي رهيو آهي. ڪٽ جو فيصلو ٻه ڏينهن پهرين ٿئي ها ته خيرپور ناٿن شاهه ۽ سيتا روڊ جهڙا وڏا شهر بچي وڃن ها. پر اهڙا فيصلا ويزن سان ٿيندا آهن، هتي ويزن ڪٿي آهي؟
    سنڌين جي هيٺين وچولي طبقي جي بيوسي، لاچاري، درد ۽ ڏک ۾ ڀريل اکيون روئيندڙ رڙندڙ ٻار ٻچا، دلاسا ڏيندڙ، پر پاڻ به روئيندڙ پوڙها ۽ بيوس بڻيل جوان مرد ڏسڻا اٿوَ ته شڪارپور اڳيان جيڪب آباد روڊ تي لوڊران وٽ اچي ڏسو، جتي ٻوڏ جو پاڻي روڊ کي جيڪب آباد وڃڻ کان ڪٽي ٿو. مٿي ذڪر ڪيل طبقي جا سوين بلڪه هزارين ماڻهو صرف ٻه ڪلوميٽرن تي بيٺل پاڻي پار ڪري جزيرو بڻيل سلطان ڪوٽ ۽ پوءِ وري پاڻي مان اڪري، پندرنهن ويهه ڪلوميٽر پنڌ ڪري ٻيو جزيرو بڻيل جيڪب آباد پهچڻ لاءِ لوڊران جي هنڌ ٻارين ٻچين سخت گرميءَ ۾ بيٺا آهن. ان مقام تي سڀ کان وڌيڪ جيڪا شيءِ گهربل آهي، اها آهي ”ٻيڙي.“
    لوڊران وٽ ئي نه، سنڌ ۾ هر ٻوڏ هيٺ آيل ڳوٺ شهر ۾ سڀ کان وڌيڪ جنهن شيءِ جي ضرورت آهي، اها ٻيڙي آهي. لوڊران وٽ، سوين ماڻهو چيلهه جيڏي پاڻيءَ ۾ ٻار ڪلهن تي چاڙهي خطرا کڻي پاڻي ٽپي رهيا آهن. گرمي ۾ ٻار ڪلهن تي عورتن جا هٿن ۾ هٿ، ڪنهن جا بچيل سچيل ڪپڙا مٿي تي ڍير جي صورت ۾ ۽ پوءِ ڪنهن جو پير، پاڻيءَ ۾ لڪل گس کان ٻئي پاسي لهي ويو پئي ته زندگي ۽ موت جا فاصلا وار جيترا رهجي پئي ويا. انهن ماڻهن جا اهي سور اسين سي اين اين جي ڪئمرائن ۾ قيد ڪري ئي رهيا هئاسين ته ائين ٿيو، جيئن مٿي ذڪر ڪيل آهي. عباسي خاندان جا مسڪين، ٻارين ٻچين ٻه ڪلوميٽر پاڻي پار ڪرڻ لاءِ اڃان ٿورو ئي پاڻيءَ ۾لٿا هئا ته هڪ عورت، جو پير چيلهه جيڏي پاڻيءَ ۾ گس کان کڏ ۾ پيو ۽ اها عورت ۽ ساڻس گڏ ٻي عورت ڏسندي ئي ڏسندي گم ٿي وئي. روڄ راڙو پئجي ويو، ٻارڙن، پوڙهين عورتن جون دانهون، ڪوڪون، ڪناري تي بيٺل جوانن پاڻي ۾ ٽپا ڏنا. پاڻيءَ ۾ ٻڏل اڌ مئي بڻيل اٺ مهينن جي پيٽ سان ڳورهاري عورت ۽ ان سان گڏ ٻڏل ٻي عورت کي بيهوشي جي صورت ۾ ڪڍي آيا. هاڻي ٻي مصيبت هئي ته اتي پيئڻ جو صاف پاڻي نه هجي، اسان ڊوڙي پنهنجون منرل واٽر واريون بوتلون کڻي آياسون. وڏي مشڪل بعد ويچارين سنڌياڻين جو ساهه موٽيو. سندن روئڻ هانءُ ڏاري وڌو. سندن پوڙهو پيءُ به نياڻين جي مٿي تي هٿ رکي روئيندو چوندو رهيو، ”بس ڪر امان بس ڪر! ماڻهو ڇا چوندا، همت ڪر بابا، الله پڄندو انهن سان، جن اسان کي ٻوڙيو آهي. ٻوڏ نه ٻوڙيو آهي پٽ، ٻوڏ نه ٻوڙيو آهي!“ لوڊران ۾ ان مقام تي اهڙا واقعا روز ٿين پيا. صرف هڪ سبب ڪري جو ٻيڙيون نه آهن. ٻه ٽي ٻيڙيون آرمي جون ۽ ماڻهو هزارين. صرف 20 ٻيڙيون سنڌ حڪومت جو هجن ها ته آرام سان روزانو سوين ماڻهن کي ان مقان تان پار اڪاري سگهجي پيو. ٻيڙي جي گهرج لوڊران ۾ ئي نه پر، قمبر شهدادڪوٽ جي علائقن ۽ هاڻي دادو ضلعي جي علائقن ۾ جنهن شدت سان ڏٺي سين، شايد سنڌ حڪومت جي واڳ ڌڻين کي اها ضرورت نظر نه پئي اچي، نه ته 31 آگسٽ تي سنڌ ۾ گڊو وٽ ٻوڏ اچڻ کان اڳ ئي ڪاوش ۾ اها تجويز ڏني وئي هئي ته صرف ٻن مهينن لاءِ ئي سهي، پگهار تي منڇر جي مهاڻن جي ”انڊس فلڊ فورس“ ٺاهي انهن وٽ موجود ٻيڙيون ڪرائي تي کڻي، هر ضلعي کي پنجاهه پنجاهه يا سئو سئو ٻيڙيون ڏنيون وڃن ها ته اهي تباهيون نه ٿين ها. اسان ضلعن جي ڊي سي اوز کي ٻيڙين لاءِ انهن ادارن وٽ مجبور ڏٺوسين، جن وٽ ٻيڙيون آهن. صرف اٺ ڏهه ضلعن ۾ پنجاهه پنجاهه ٻيڙيون هجن ها ته تباهي ۾ وڏو فرق ٿئي ها ۽ ڪراچي جي ابراهيم حيدري جون وڏيون ٻيڙيون سنڌ حڪومت ڪرائي تي کڻي سنڌ ۾ هر ضلعي ۾ پهچائي ها ته سندن ڪيترو خرچ اچي ها؟
    لوڊران جي هنڌ تي عباسين جي نوجوان نياڻين جي ٻوڏ ۾ ٻڏڻ جو منظر ۽ ان کانپوءِ وارو ٻارڙن ۽ وڏڙن جو روڄ راڙو ايترو ته دردناڪ هيو، جو اهو منظر ڀرڻ بعد اسان جي ميڊيا ٽيم جي دل ڏک ۾ ڀرجي آئي. اٺ ڏينهن وڌيڪ ڪم جي سگهه منجهن نه رهي. هزارين ميل پريان اچڻ وارن جي دل ته هتي جي مسڪين ماروئڙن جو درد محسوس ڪري اٻاڻڪي ٿي وئي، پر اسان جا حڪمران ايترا بي رحم آهن، جو لوڊران جي هنڌ تي لٺيون کڻي بيٺل ۽ ماڻهن تي هڪل ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيل سپاهين کانسواءِ ڪو به اتي نه هو. ڪنهن ڪنهن بند تي ڪو وزير، ڪو ايم اين اي، ڪو ايم پي اي نظر آيو ته تمام وڏي ايئرڪنڊيشنڊ لينڊ ڪروزر ۾ چڪر هڻندي ۽ گڏهه گاڏن، پيدل ۽ سائيڪلن تي ٻچا ٻار ڍوئيندڙ، محفوظ هنڌ ڏانهن لڏ پلاڻ ڪندڙ مسڪين جي رش کي هارن جي رانڀ سان ۽ واٺن جي هڪل سان هٽائيندي، پاس ڪري گذرندي. سنڌ جي ٻوڏ جو درد، احساس رکندڙ جي دل جي پاتال ۾ ڪوڪو بڻجي ٺوڪجي رهيو آهي.
    هڪ پاسي ڏيڍ لک آبادي جو شهر خيرپور ناٿن شاهه ٻڏي رهيو هو ته ٻئي پاسي جاتي ۾ پاڻي داخل ٿي رهيو هو، پر اسان جي ملڪ جا ”قومي چينل“ هڪ پٽي هلائڻ جي توفيق به نه ڪري رهيا هئا. انهن وٽ ”ڪرڪيٽر بي قصور آهن“، وارو برطانيا ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر جو بيان وڌيڪ اهميت وارو هو. ميچ فڪسنگ ۾ بار بار ملوث هجڻ، ثبوتن ۽ سزائن بعد به ٻيهر کين هر سزا معاف ڪري ڪروڙن جا ڪانٽريڪٽ ڏئي قومي هيروز جا خطاب ڏئي ٻيهر ميدان ۾ لاٿل انهن رانديگرن جا معاملا سنڌ جي ڪروڙن ماڻهن جي اهنجن کان کين وڌيڪ پيارا آهن. رانديون وندر لاءِ هونديون آهن، مزو وٺڻ لاءِ ۽ لطف لاءِ. جڏهن قوم ٻڏي وئي آهي، ماڻهن کان روزا، عيد، نمازون، ڏينهن، رات، خوشيون، غميون، دوستيون، دشمنيون وسري ويون آهن، ان وقت ملڪ جي ”قومي“ ڪرڪيٽ ٽيم انگلينڊ ۾ مئچون کيڏي رهي هئي. ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته سندن دورو هڪدم ختم ڪيو وڃي ها، پر ڪرڪٽ جي راند اسان جي ٻڏل سنڌ کان وڌيڪ اهميت رکي ٿي. اهو ئي نه، پر هتي ماڻهن کي پيئڻ لاءِ پاڻي ناهي ۽ ملڪ جي هاڪي ٽيم، مئچن لاءِ نه، پر صرف ٽريننگ لاءِ هالينڊ جي دوري تي رسي رهي آهي. معنيٰ اها ساڳي ٽريننگ ملڪ ۾ ڪن ته هڪ لک رپيو خرچ ٿئي ته ساڳي ٽريننگ تي هالينڊ ۾ هڪ ڪروڙ خرچ ٿيندو، ايڏو وڏو فرق آهي. انهن رانديگرن ۽ سياست جي رانديگرن کي ڪو ٻڌائي ته سنڌ جي ماڻهن کي ته پنهنجا پيارا دفنائڻ لاءِ قبرستان به نه بچيا آهن، عام ۽ غريب ماڻهو ته ڇڏيو، وفاقي وزير عبدالرزاق ٿهيم کي به سندس اباڻي ڳوٺ ۾ دفنائڻ لاءِ جڳهه نه ملي. ڪهڙا درد جا قصا ٻڌائجن؟
    سکر سينٽرل جيل آڏو، جيڪب آباد ضلعي جي ڳوٺ جي پناهه ورتل جنت نصيراڻيءَ جي درد کي ڪير سمجهندو، جنهن جا ٻه معصوم ٻار، ڪچي جهڳيءَ اندران رات جي اونداهيءَ ۾ ٻوڏ جو پاڻي ٻوڙي گهلي هليو ويو. ڏهه ٻارن جي ماءُ ۽ پيءُ ٻارن کي سنڀالڻ لاءِ هٿ پير هڻندا رهيا، پر هو، صرف اٺ ٻار سنڀالي سگهيا. ڀلا شڪارپور ڀرسان ڳوٺ سچل نون جي هڪ ئي گهر جا چار ٻار ڀيڻ ڀاءُ سلمان، بسميٰ، سوٽ محرم ۽ سعيده جي ٻوڏ ۾ ٻڏل معصوم روحن جو درد اسلام آباد ۽ ڪراچيءَ ۾ ويٺل حڪمرانن جي در تي ضمير جي دستڪ ڏيڻ لاءِ ڪافي ناهي؟
    اهو سڀ ڪجهه ڇو ٿيو آهي؟ ڪو ٿو چوي ته خدائي عذاب آهي، پوءِ عذاب صرف غريبن لاءِ ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ ڪو ٿو چوي ته ٽوڙي بند ٽٽو آهي. جيڪڏهن ٽوڙي بند ٽٽو آهي ته ان جي حفاظت ۾ ڪوتاهي ڪرڻ وارن جي مجرمانه غفلت جو حساب ڪتاب ۽ ذميوارن جون تعين ڇو نه ٿيو آهي؟ ڪو ٿو چوي ته ٽوڙي بند حڪومت لوڙهيو آهي، سنڌ جي آبپاشي وزير به اهو چيو هو. ڪروڙن ماڻهن کي دربدر، تباهه، برباد ڪرڻ، اربين رپين جا نقصان ٿيڻ کان پوءِ به ٽوڙهي بند سانحي تي خاموشي ڇو آهي؟ صوبائي وزير اڳ ۾ مڃيو ته حڪومت ٽوڙهي بند ٽوڙيو آهي، پوءِ هو بيان تان ڦري ويو ته، کيس هڪ صحافي اهڙي غلط خبر ڏني. ٽوڙهي بند ٽوڙيو نه ويو آهي، پر پاڻ ٽٽي پيو آهي. بس؟ ڇا اهو معاملو ايترو سادو آهي!؟ هي سڄي سنڌ جي تباهيءَ جو معاملو آهي. وزير صاحب ٻڌائي ته اهو صحافي ڪير هو، جنهن جي ٻڌائڻ تي وزير صاحب ايترو اعتبار ڪري بيان ڏنو. هي معاملو ايترو ننڍڙو ناهي، ٽوڙهي بند جي تباهي اڃا هلي رهي آهي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان گهر ڪجي ٿي ته سنڌ ٻوڙيندڙ ٽوڙي بند واقعي جي تحقيقات لاءِ هڪ طاقتور، آزاد ڪميشن جوڙي ته جيئن ڪروڙين ماڻهن جي بربادي جي ذميوارن جو تعين ٿئي ۽ اها ساڳي ڪميشن ان ڳالهه جو به جائزو وٺي ته ڇا علي واهڻ وارو ڪٽ، سنڌ جي تباهيءَ ۾ گهٽجڻ جو سبب ٿئي ها؟ جي ها ته پوءِ ان اسڪيم تي عمل ڇو نه ٿيو؟
    سنڌ جي ماڻهن کي ٽوڙي بند واري ڪٽ، جنهن کين تباهه ۽ برباد ڪيو آهي، بابت صبر ۽ چپ کان ڪم نه وٺڻ گهرجي. بندن تي ڪارن شيشن واريون عينڪون پائي ايئرڪنڊيشنڊ گاڏين ۾ بندن جا جائزا وٺڻ وارن سياستدانن کان پڇاڻو ڪيو ته ان سڄي وارتا جو ذميوار ڪير آهي؟ باوجود ميڊيا ۾ صلاحون اچڻ باوجود سنڌ حڪومت صرف پنج، اٺ سئو ٻيڙين جو بندوبست ڇو نه ڪيو، جن سان تباهي اڌو اڌ گهٽجي وڃي ها.
    جاچ رڳو ٽوڙي بند ٽٽڻ جي نه ٿيڻ گهرجي، پر اها به ٿيڻ گهرجي ته جوهي برانچ کي ڪٽ ڏيڻ تي اتان جي هڪ ايم اين اي ڇو ضد ٻڌو؟ جڏهن ته تاريخي طور تي پاڻيءَ جو فطري لنگهه اتان ئي آهي. ساڳي ايم پي اي ماڻهن جو خيال نه ڪيو، پر جڏهن ”وردين“ وارن اچي فيصلو ڪيو ته پاڻ مشينون ڪاهي ڪٽ هڻائڻ لاءِ وڃي بيٺو. اها ٿيوري به هلي پئي ته ان ايم پي اي علائقي ۾ موجود هڪ تيل ڪمپنيءَ جون ڪروڙين رپين سان انسٽال ٿيل مهانگيون مشينون بچائڻ لاءِ ايترو ضد ٻڌو. ان ڪمپنيءَ وٽان ان جي بدلي ۾ کيس ڪهڙي آڇ ٿي، سي به ڳالهيون مختلف حلقن ۾ گردش ڪن پيون.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو