خدارا، خدارا هاڻي ته ماڻهن کي ماڻهو سمجهڻ شروع ڪريو، هاڻي ته انهن کي ٻڏڻ کان بچايو by Abdul Razzaque Memon on Wednesday, September 8, 2010 at 9:30am <span>وڌيڪ لڏپلاڻ ۽ وڌيڪ حڪومتي ذميواري!</span> تازيون خبرون اهي آهن ته هاڻي خيرپور ناٿن شاهه جي ٻڏڻ کان پوءِ سيتا روڊ، ميهڙ ۽ دادو ضلعي جي آسپاس وارن علائقن مان به لڏپلاڻ شروع ٿي وئي آهي. ٽوڙيءَ مان ٽٽل پاڻي اڃا ڪيتري تباهي ڪندو، اڃا ڪيترا شهر ٻوڙيندو؟ ڄڻ ته ان سوال جو جواب نه سرڪار وٽ آهي، ۽ نه وري ان پاڻيءَ کي روڪڻ حڪومت جي ڪا ذميواري آهي! سڄي دنيا ۾ سموريون ذميواريون حڪومتن مٿان هونديون آهن، ڪا به حڪومت پاڻ کي ذميوارين کان آجي ناهي سمجهندي، جيڪڏهن اها ذميوارين کان آجي ٿي وڃي ته پوءِ حڪومت ڇاجي؟ هتي حڪومت به آهي، ۽ ذميوارين کان به آجپو آهي، ان کان وڏي ٻي ڪهڙي عياشي ٿي سگهي ٿي؟ اسان اهي ڳالهيون ان ڪري پيا ڪريون جو هن وقت تائين جيڪا به سنڌ ٻڏي آهي، سا حڪومت جي مس مينيجمينٽ سبب ئي ٻڏي آهي، درياهه تي ڏوهه اجايو آهي. بلڪه هاڻي ته مس مينيجمينٽ وارو اصطلاح استعمال ڪرڻ به بي معنيٰ محسوس ٿئي ٿو، جو مس مينيجمينٽ ته اتي هوندي آهي، جتي مينيجمينٽ جو ڪو وجود هجي. هتي ته هن هيتري ساري تباهي، اٽڪل ڪروڙ کن آباديءَ جي دربدريءَ کي ايترو ته معمولي ۽ لائيٽ سمجهيو ويو آهي، ڄڻ اهي انسان ئي نه هجن، يا جيڪڏهن انسان هجن ته انهن لاءِ اهو سڀ ڪجهه قدرت جو لکيو هجي!! خدارا، خدارا هاڻي ته ماڻهن کي ماڻهو سمجهڻ شروع ڪريو، هاڻي ته انهن کي ٻڏڻ کان بچايو. جيڪي شهر ٻڏي چڪا آهن، ان تي ماتم اڃا جاري آهي، جيڪي ماڻهو پنهنجن شهرن مان نڪري پنهنجي ئي سنڌ ۾ جلاوطنن جهڙي زندگي گذاري رهيا آهن، انهن لاءِ جيئڻ مشڪل بڻيل آهي، انهن ۾ وڌيڪ ماڻهن جو اضافو ته نه ڪريو. فيصلي واري قوت جي ايتري کوٽ آهي، جو ڪٿي به ڪو صحيح فيصلو نه ٿي سگهيو آهي، جتي به فيصلا ٿيا آهن، سي نقصان وارا ئي ٿيا آهن. خيرپور ناٿن شاهه کي به هڪ غلط ۽ دير سان ٿيل فيصلي ٻوڙايو، هن وقت ان فيصلي جي ڪري ئي ميهڙ ٻڏي رهيو آهي، بلڪه فيصلي ۾ دير جو ئي سبب آهي، جو وارهه ۽ نصيرآباد جي ٻڏڻ جا امڪان به پيدا ٿيندا پيا وڃن. سيتا روڊ، جنهن جي ٻڏڻ جا امڪان نه هئا، اتان به هاڻي لڏپلاڻ شروع ٿي وئي آهي، پر ڪي به انتظام ڪونهن. اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ته سيتا کان موهن جي دڙي تائين خاص ٽرين هلائڻ جو ڇا مقصد آهي؟ ضروري آهي ڇا ته جيڪي ماڻهو سيتا مان نڪرڻ چاهيندا هجن، انهن جا مائٽ مٽ موهن جي دڙي ۾ هجن؟ ممڪن آهي ته ڪن جا مائٽ اتي هجن به، پر ڪهڙي پڪ آهي ته موهن جو دڙو محفوظ آهي؟ اصولي طور تي ٿيندو اهو آهي، جو اهڙين حالتن ۾ ماڻهن کي اهڙن هنڌن ڏانهن منتقل ڪبو آهي، جتي هو محفوظ رهي سگهن، هاڻي موهن دڙو خود اهڙي پٽيءَ ۾ آهي، جتي جيڏانهن ڪيڏانهن پاڻي آهي. گاجي کهاوڙ به ٻڏي ويو آهي. ميهڙ به ٻڏي پيو، اوهان ٻڌايو ته موهن جو دڙو انهن کان ڪيترو پري آهي. ٽوڙيءَ وارو پاڻي جڏهن پنهنجي دٻاءَ جي قوت تي سموري سنڌ کي ٻوڙيندو پيو اچي ته ڇا ميهڙ پهتل پاڻي موهن جي دڙي تائين وڃڻ ۾ دير وٺندو، يا گاجي کهاوڙ جو پاڻي ان کان پري هوندو. خيرپور ناٿن شاهه مان لڏپلاڻ ڪندڙ ڪيترائي ماڻهو سيتا ويا، ۽ جيڪڏهن سيتا به محفوظ ڪونهي ته ممڪن آهي، انهن جا مائٽ مٽ حيدرآباد هجن، ممڪن آهي ته ڪي ڪراچي وڃڻ چاهيندا هجن، پوءِ اهي موهن جي دڙي ويندڙ ٽرين ۾ ڪيئن سوار ٿيندا. ايئن به ڪونهي ته ڪو سرڪار موهن جي دڙي ۾ ڪيمپن جو ڪو بندوبست ڪيو هجي، جتي انهن دربدر ٿيل ماڻهن کي ڪو ٺڪاڻو ملندو، تڏهن به ڳالهه سمجهه ۾ اچي. ڇا ماڻهن کي موهن جي دڙي ۾ لاهي چئبو ته هاڻي پنهنجو بندوبست پاڻ ڪريو؟ هيءَ موهن جي دڙي ٽرين هلائڻ واري ڳالهه فقط ان لاءِ ڪئي اٿئون، جو حڪومت جي فيصلي جو هيءُ هڪ ٻيو نادر نمونو پيش ڪرڻ هو. اها ڳالهه سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته هيءَ جيڪا تباهي ٿي آهي، هي جيڪي ماڻهو دربدر ٿيا آهن، سا دربدري ڪو ڪجهه ڏينهن جي ڪهاڻي ڪونهي، ان ۾ وڏو وقت لڳندو، ۽ جيڪڏهن وڏو وقت لڳي ٿو ته ماڻهن کي اهڙين شهرن ۾ آباد ڪرڻ گهرجي، اهڙن شهرن ڏانهن ٽرينون هلائڻ گهرجن، جتي ايترن ماڻهن جي زنده رهڻ جا ذريعا به هجن. 6 يا 12 مهينا سرڪار انهن کي ويهاري ته نه کارائيندي، ان صورت ۾ جيڪڏهن هو ڪا محنت مزدوري ڪرڻ چاهين ته اهو موقعو به انهن کي ڪنهن وڏي شهر ۾ ئي ملي سگهي ٿو. ان ڪري ٿيڻ ايئن گهرجي ها ته اها جيڪا سيتا روڊ مان ٽرين هلي آهي، سا ڪراچي يا حيدرآباد لاءِ هلڻ کپي ها. اسان نٿا چئون ته جيڪي ماڻهو موهن جي دڙي وڃڻ چاهين، انهن کي ڪا سواري نه ڏجي ها، پر هڪڙي ٽرين اوڏانهن هلائي وئي ته ٻه ٽرينون ڪراچي واري پاسي به هلائجن ها. اسان سمجهون ٿا ته هن وقت ڪا به گنجائش باقي ناهي بچي، جو يا ته غلط فيصلا ڪجن، يا وري صحيح فيصلا صحيح وقت تي نه ڪجن. اسان اڳ به چوندا رهيا آهيون ته هي معمول واريون حالتون ڪونهن، هي ايمرجنسي آهي، هن ۾ فيصلا به ان قسم جا هجن، جو ماڻهن کي هنگامي حالتن مان ڪڍي سگهجي. هيءُ جيڪو ٻوڙ ٻوڙان جو سلسلو آهي، ان جي رڪجڻ جا امڪان به تڏهن ٿيندا، جڏهن ڪي صحيح فيصلا ۽ صحيح وقت تي فيصلا ڪبا
جواب: خدارا، خدارا هاڻي ته ماڻهن کي ماڻهو سمجهڻ شروع ڪريو، هاڻي ته انهن کي ٻڏڻ کان بچ ادا عبدالرزاق۔۔ توهان کي جس هجي جو وقت به وقت اهڙي بهترين انداز ۾ سچائي کي پيش ڪندا رهو ٿا۔۔۔۔ ادا اسان توهان واري ڳالهه سان متفق آهيون ته سنڌ جا ماڻهو انتظاميه جي مس مينيجمنٽ جي ڪري نه ٻڏا آهن ڇو ته هتي ته ڪا مينيجمنٽ ئي نه آهي۔۔ پر هڪ ڳالهه جو اضافو ڪيان ته اسان ايئن چئون ته اهي انتظاميه جي لاپروائي جي ڪري ٻڏا آهن۔۔۔