سنڌي ٻوليءَ جي تعارف ۽ تاريخ

'سنڌي ادب' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏9 سيپٽمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,397
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌي ٻوليءَ جي تعارف ۽ تاريخ ​

    [​IMG]
    تعارف
    سنڌي ٻولي انڊو يورپي خاندان سان تعلق رکندڙ آريائي ٻولي آھي، جنھن تي ڪجھه دراوڙي اھڃاڻ پڻ موجود ‏آهن. هن وقت سنڌي ٻولي سنڌ جي مک ٻولي ۽ دفتري زبان . ان کان سواءِ ڪيترا ئي سنڌي ڳالھائيندڙ پاڪستان جا ٻيا صوبا، هندستان، سريلنڪا، برطانيه، آمريڪا جون گڏيل ‏رياستون، ۽ ٻيا به ڪيترا ئي ملڪ وسائي ويٺا آهن. سنڌ ۾ سنڌي ڳالھائيندڙن جو تعداد ساڍا 3 ڪروڙ ۽ سموري دنيا ۾ ‏سنڌي ڳالهائيندڙن جو تعداد 4 ڪروڙ کان مٿي آھي..
    سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ
    پُڻي ۾ چيٽي چنڊ جو ميلوسنڌي ٻوليءَ جي بنياد جي باري ۾ لسانيات جي عالمن جا مختلف رايا آهن. هڪ خيال اهو آهي ته سنڌي ٻولي سنسڪرت مان ڦٽي نڪتي آهي. جڏهن ته ٻيو خيال اهو آهي ته سنڌي تمام قديم ٻولي آهي جيڪا پراڪرت (ٻوليءَ) جي هڪ لهجي وراچد اپڀرنش مان ڦٽي نڪتي آهي. سنڌين کان سواءِ سنڌ تي ڪيترين ئي غير سنڌي قومن (عربن، ارغونن، ترخانن، مغلن، انگريزن وغيره) حڪومتون ڪيون آهن. تنهنڪري عربي، فارسي، انگريزيءَ وغيره جو سنڌي ٻوليءَ تي گھڻو اثر پيو ۽ انهن ٻولين جا ڪيترائي لفظ ٿوري تبديليءَ سان يا وري جيئن جو تيئن سنڌيءَ ۾ زم ٿي ويا. جيئن بصر (بصل)، بدڪ (بطخ)، زائفان (ظعيفه)، پهراڻ (پيراهن)، مترڪو (مطرقه) ٽيشڻ (اسٽيشن)، ماچيس (مئچس) وغيره. عربن جي دور کان پوءِ سنڌيءَ کي ڪا مخصوص ”آئيويٽا“ يعني رسم الخط ڪانه هئي، ان ضرورت کي محسوس ڪندي ڪلهوڙن جي دَور (1719ع کان 1782ع) ۾ مخدوم ابوالحسن ٺٽوي ”مقدمه الصلوات“ نالي ڪتاب لکيو جنهن کي ابوالحسن جي سنڌي سڏيو ويو.
    جڏهن سنڌ 1843ع ۾ انگريزن جي قبضي هيٺ آئي، تڏهن سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري زبان جو درجو ڏنو ويو. ان وقت جي سنڌ جي ڪمشنر سر بارٽل فريئر هڪ حڪم نامي تحت انگريز آفيسرن لاءِ سنڌي پڙهڻ لازمي قرار ڏنو، تڏهن ئي سنڌي الفابيٽ جي ضرورت پيش آئي جنهن جي پورائي لاءِ هڪ ڪميٽي سنڌ جي اسسٽنٽ ڪمشنر مسٽر ايلس جي نگرانيءَ ۾ جوڙي وئي جنهن ۾ ديوان ننديرام، ميان محمد حيدرآبادي، قاضي غلام علي، منشي اڌارام ٿانور داس، قريشي غلام حسين ٺٽوي، خان صاحب مرزا صادق علي بيگ ۽ ڪجهه پرڏيهي عالم شامل ڪيا ويا. ان ڪميٽيءَ مخدوم ابوالحسن جي سنڌيءَ کي نظر ۾ رکندي عربي، فارسي خط مان اکر کنيا. جڏهن ته انهن ۾ ڪجهه ٽٻڪن جي واڌ ويجھه ڪري نج سنڌي اکر (ٻ، ڄ، ڏ، ڳ) جوڙيا. اهڙيءَ طرح يارهن مهينن جي مسلسل جدوجهد کانپوءِ 52 اکرن تي مشتمل موجوده آئيويٽا تيار ٿي. جنهن کي سرڪاري طور سنڌي ٻوليءَ جي واحد آئيويٽا جو درجو ڏنو ويو.
    پر ان کانپوءِ به لفظن جو سٽاءُ نه بدلجي سگھيو، يعني ساڳيا لفظ جدا جدا طريقن سان لکيا ويندا هئا. مثالاً: چيائين = چياءِ، جيستائين = جيستاءِ، ڪيڏانهن = ڪيڏانهه، ڪيڏهه وغيره.
    نيٺ 1888ع ۾ سنڌ جي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر مسٽر جيڪب صاحب اهڙن لفظن جون پڪيون صورتون مقرر ڪرايون، ان ڪم ۾ مرزا قليچ بيگ اهم قردار ادا ڪيو

    بشڪريه وڪيپيڊيه
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌي ٻوليءَ جي تعارف ۽ تاريخ

    هميشه جيان
    لا جواب ونڊ ادا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو