اميد ته سڀ رانديگر بي گناهه نڪرندا۔۔

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏9 سيپٽمبر 2010۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    تازي رپورٽن موجب پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ جن رانديگرن تي پئسا وٺي خراب ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو الزام هنيو ويو هو اهي رانديگر اسڪاٽ لينڊ يارڊ (برطانوي پوليس) جي ابتدائي رپورٽن ۾ بي گناهه ثابت ٿيا آهن۔۔ پهرين ته محمد آصف کي ڪليئر قرار ڏنو ويو، ان کان بعد محمد عامر جي باري ۾ تازي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جنهن نو بال تي مٿس پئسا وٺڻ جو الزام لڳايو ويو آهي ان تي پوري برطانيا سميت دنيا جي جواري مارڪيٽن ۾ ڪٿي به پئسا نه لڳايا ويا هئا۔۔۔۔
    پي سي بي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اسڪاٽ لينڊ جي جاچ بعد اخبار جا لڳايل اهي الزام ڪوڙا نڪتا ته اسان اخبار جي خلاف هتڪِ عزت جو ڪيس داخل ڪنداسين۔۔۔
    عجب جهڙي ڳالهه ته اها آهي ته جن رانديگرن تي الزام هنيو ويو آهي فقط اهي ئي رانديگر سموري ٽيم جي اندر بهترين راند جو مظاهرو ڪري رهيا هئا، ان ڪري ان ڳالهين کي هٿي ملي رهي آهي ته سڀ رانديگر بي گناهه آهن ۽ انهن کي هٿ وٺي سازش تحت ان ڄار ۾ ڦاسايو ويو آهي ته جيئن محمد عامر ۽ محمد آصف جهڙي خطرناڪ ۽ بهترين رانديگرن جي مستقبل کي تباهه ڪري سگهجي۔ خاص ڪري عامر جيڪو هڪ غريب خاندان سان تعلق رکي ٿو ۽ ايتري ننڍڙي عمر ۾ ئي دنيا جي وڏي وڏي رانديگرن کي پنهنجي اشارن تي نچائي چڪو آهي، جن ۾ رڪي پونٽنگ، سچن ٽنڊولڪر، پيٽرسن، ڪولنگ ووڊ، شين واٽسن، سهواگ جهڙا رانديگر شامل آهن۔ ياد رهي ته محمد عامر کي اوول جهڙي گرائونڊ ۾ سڀ کان ننڍڙي عمر ۾ پنج وڪيٽون وٺڻ جهڙو اعزاز مليل آهي ۽ آءِ‌سي سي جي تازن انائونس ڪيل ايوارڊن ۾ کيس نئين اڀرندڙ رانديگر جي مضبوط اميدوار طور ڏٺو پئي ويو۔۔۔ ان صورت ۾ سندس خلاف سازشن جي امڪان کي رد نه ٿو ڪري سگهجي۔۔ مون سميت هر پاڪستانيءَ‌جي دعا ته اها ئي آهي ته الله ڪري اهي الزام ڪوڙا نڪرن ۽ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪريل ساک بحال ٿئي۔
    اسد ميرجت
    ۔۔۔
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: اميد ته سڀ رانديگر بي گناهه نڪرندا۔۔

    ادا الله ڪندو ته ان ڪِني ڪم ۾ شامل نه هوندا
     
  3. ممتاز علي بجير

    ممتاز علي بجير
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 فيبروري 2010
    تحريرون:
    253
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: اميد ته سڀ رانديگر بي گناهه نڪرندا۔۔

    پر ادا لڳي ڪونٿو ته بي گناه هوندا
     
  4. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: اميد ته سڀ رانديگر بي گناهه نڪرندا۔۔

    اهيا خبر ٻڌي ڏاڍي ڪاوڙ ..لڳي هوئي پر انگليند ۾ هميشه پاڪستان جي ڪرڪيٽرن سان ائين ٿيندو رهيو آهي جيڪڏهن اهيا خبر به ڪوڙي نڪري ٿي ته پوءِ پاڪستان جي پوري ٽيم کي انگلينڊ وڃڻ کان بائڪاٽ ڪجي
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: اميد ته سڀ رانديگر بي گناهه نڪرندا۔۔

    دوستو ان اسڪينڊل جو پاڪستاني ٽيم جي ڪارڪردگيءَ‌ مٿان به ڏاڍو ڏکيو اثر پيو آهي۔۔ پاڪستاني ٽيم صفا ٿرڊ ڪلاس ٽيم ڏسجي رهي آهي۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو