پاڻي جيئن تريءَ تي -by Swami Vivekananda مترجم؛ نثار ابڙو ڪنهن زماني ۾ منهنجي هڪ دوستِ هئي، جنهن سان لاڳاپا ڪجهه وڌيڪ گهرا ٿي ويا هئا ... هڪ دفعي جڏهن اسين وهنجڻ واري حوض جي ڪناري پنهنجو ٽنگون پاڻيءَ ۾ لٽڪائي ويٺا هياسون، ته هُنَ پنهنجي هٿ جي تريءَ تي پاڻي کنيو ۽ منهنجي اڳيان ڪري چوڻ لڳي” هن پاڻيءَ کي غور سان ڏس جو هن وقت منهنجي هٿ جي تريءَ تي آهي، اهو پاڻي بلڪل پيار جيئان آهي“ آءُ پيار کي ان نظريي سان ڏسان ٿي ” جيستائين پنهنجي هٿ کي وڏي احتياط سان کليو رکي ان پاڻيءَ جيئان جهليندي ته اهو پيار به هميشه اتي قائم رهندو، پر جيڪڏهن تون آڱرين کي ان جي چوڌاري بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ته کيس پنهنجو ڪري ڇڏيان ته پيار به ان پاڻيءَ جيئان آڱرين جي وٿين مان نڪري ٻاهر ڪرندو ... اها هڪ وڏي غلطي آهي جا اڪثر ماڻهون ڪندا آهن ... جڏهن هنن کي پيار ملي ويندو آهي ته اهي ڪوشش ڪندا آهن ته انکي پنهنجي ملڪيت ڪري ڇڏين، وڌيڪ خواهش ڪندا آهن، وڌيڪ اميد رکندا آهن ۽ ان پاڻيءَ جيئان هٿن مان پيار به وهائي ڇڏيندا آهن ... پيار جي معني آهي آزادي، اوهين انجي فطرت بدلائي نٿا سگهو، جيڪڏهن اوهان جو ڪنهن ماڻهونءَ سان پيار آهي ته کيس آزاد رهڻ ڏيو ... ڏيو پر اميد نه ڪيو صلاحيو پر حڪم نه ڪيو پڇو پر خواهش نه ڪريو اهو بظاهر ته آسان ۽ سادو آهي، پر اهو اهڙو سبق آهي جو ممڪن حد تائين سموري حياتيءَ تي محيط آهي ... اهو سچي محبت جو راز آهي ... ان تي سچائيءَ سان عمل ڪريو .. سچائيءَ سان خواهشن کي ختم ڪري پيار ڪريو ... پنهنجن پيارن جو خيال شرطن کان بغير ڪيو ... منهنجي خيال ۾ ... زندگيءَ جو ڪاٿو ان مان نه ڪبو ته ڪيترا ساه اندر کنيا ويا آهن ... پر انهن لمحن سان ڪبو جن ۾ اسين ساه ٻاهر ڪڍيا آهن ... زندگي خوبصورت آهي !!! انکي جيئو !!!
واه سائين واه تمام بهترين انتخاب آهي اهڙيون قيمتي تحريرون اسان لاء ضرور ترجمو ڪندا ڪيو سائين اوهان جا لک ٿورا شل آباد هجو
تمام سٺي تحرير آهي ادا نثار ان مان اسان کي سٺو سبق به ملي ويو توهان جي اهڙي ٻئي تحرير جو انتظار رهندو .
ادا نثار ابڙو سوامي وويڪ آنند جي خوبصورت سوچن کي ترجمون ڪري کڻي آئين زبردست، ساهه اندر ۽ ساهه ٻاهر ڪڍڻ وارو فلسفو فلسفيانه سوچ جو نت نئون ۽ نڪور خيال آهي۔ جس لهڻو۔ سوامي جي اُپٽار جو ڪو ٻيو خيال توهان وٽ هُجي ته اسان سان ضرور شيئر ڪيو وڃي ته مهرباني ٿيندي باقي جيتري قدر مونکي خبر آهي ته سوامي وويڪ آنند آهي پر توهان سوامي وويڪ آنندا لکيو آهي پليز اها ڄاڻ ضرور اسان سان سلجو ته درست نانءُ ڪهڙو آهي۔ اهو نه صرف مُنهنجي معلومات ۾ اضافي جو سبب هوندو پر ٻيا مون جهڙا چريا به انهيءَ معلومات مان لاڀ حاصل ڪندا
صلاح ته انتهائي لاجواب آهي ۔۔۔۔ پر هائي هائي ڪو ڪنهن عاشق کان ته پڇي ته هو ڇو نه برداشت ڪر ي سگهندو آهي ته هن جي پيار کي ڪير ڪنهن ميري اک سان نه تڪي۔۔۔ ڇونه هن کي لڪائي ڇڏيان ٻين کان۔۔۔ ڀلا شاه صاحب جي هن بيت جي ٿوري وضاحت ڪندو ته اکين ۾ ٿي ويهه ته واري ڍڪيان توکي نه ڏسي ڏيهه، آئون نه پسان ڪي ٻيو!
ادا نثار ناز حق موجود جي ادا، اوهان صحيح آهيو اهو ڏاهو ” سوامي ووڪ آنند“ ئي آهي پر جيئن ليک مليو هو ته مون سڄو مضمون ته ترجمو ڪيو پر نالي کي اصل چوريم ئي نه، پر تنهن هوندي به اسانجا بنگالي ۽ ڀارتي ڀائر ڪڏهن ڪڏهن ”آ“ لڳائي ڇڏيندا آهن ... ٻي سوال جي جواب ۾ ايئن چئبو ته جي ڪو ٻيو ليک ان ڏاهي جو هٿِ چڙهيو ته اوهان سان ونڊ ضرور ڪبو، باقي ادا سعودي عرب ۾ اهڙا ادبي ڪتاب ڳولهڻ ڏکيا آهن ... ها ڪنهن ڀارتي دوست کي گذارش ڪري سگهجي ٿي ته سندس انگريزي زبان ۾ لکيل ڪو ڪتاب ڀارت مان وٺي اچي ... اميدن تي جهان قائم آهي ... سدائين گڏ
پر ادا ووڪ يا وويڪ مون ڪنهن ڊڪشنري ۾ پڙهيو هو ته وويڪ جي معنى هندي ۾ ضمير هوندو آهي يا توهان جي نظر ۾ وويڪ جي ڪا ٻي معنى ڀي آهي؟ پليز الله سائين جي ڏني مان ٻُڌايو وڃي ته مهربانيون ٿينديون
ڏيو پر اميد نه ڪيو صلاحيو پر حڪم نه ڪيو پڇو پر خواهش نه ڪريو ادا نثار تمام بهترين شيئرنگ آهي، توهان جي اهڙين شيئرنگس جو انتظار رهندو آهي
ادا رشيد حق موجود؛ سائين منهنجا اوهان جنهن موضوع طرف اشارو ڪيو آهي سو انتهائي اهم ۽ ايترو ته وسيع آهي جو هوند ڪئي ڪتاب ڀرجي وڃن ... دوست؛ مجازي عاشق بيشڪ ساڙيلو ٿي پوندو آهي ۽ پنهنجي محبوب کي جڳ کان لڪائي رکڻ جون تمنائون ڪندو رهندو آهي ... پر جڏهن اهو عشق، مجازي کان وڌي ترقي ڪري عشق حقيقي جي درجي تي پهچندو آهي ته پوءِ اهو ئي عاشق پنهنجي محبوب جون خوبيون جڳ کي ٻڌائڻ ۾ فخر محسوس ڪندو آهي ... عشق جڏهن عاشق جي رڳن ۾ رت ٿي ڊوڙون پائيندو آهي ته پوءِ ... هر طرف کيس اهو ئي اهو نظر ايندو آهي ۽ ايئن چئي ويهندو آهي؛ اڪ قصر در لک، ڪوڙين سندس ڳڙکيون، جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن سڄڻ سامهون ... يا وري اهو عشق انتها تي پهچندو آهي ته عاشق چنڊ جي سونهن کي به معشوق جي سونهن آڏو ڪمتر سمجهندو آهي ۽ ايئن چئي ويهندو آهي؛ چنڊ چوانءِ سچ، جي مٺو مور نه ڀائين، ڪڏهن اڀرين سنهڙو، ڪڏهن اڀرين ڳچ، منهن ۾ ٻريءَ مچ، تو ۾ ناه پيشاني پرينءَ جي. ادا سائين! ڪي عاشق، عشق جي اهڙي منزل تي پهچي ويندا آهن جتي، سندن محبوب کي خبر ئي نه هوندي آهي ته ڪو سندس عاشق به آهي ... عاشق زهر پياڪ، وه ڏسي وهسن گهڻو ڪڙي ۽ قاتل جا هميشه هيراڪ، توڙي چڪن چاڪ، ته به آه نه سلن عام سين ... يا وري نهائيءَ کان نيهن، سک منهنجا سپرين سڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري. ادا رشيد، محترم سائين جي ايم جو ڪتاب، ”ديار دل داستان محبت“ به پڙهڻ وٽان آهي جي ملي وڃيوَ ته مطالعو ضرور ڪجو ۽ جي ڪنهن نيٽ تي هجي ته مونسان به ونڊ ڪجو، ٻيهر پڙهڻ جو شوق آهي ... مضمون ڊگهو ۽ وڻندڙ آهي پر يار ... ٻاهر ٻاڦ نه نڪري واري مقولي ته عمل ڪندي ... بس ٿو ڪريان ... اوهان جا ڏکيا سوال به ڪڏهن ڪڏهن ننڊ ڦٽايو ڇڏين ٿا ... سدائين گڏ
جواب: پاڻي جيئن تريءَ تي زندگيءَ ۾ صرف هڪ ئي خوشي آهي ... پيار ڏيڻ ۽ پيار وٺڻ George Sand 1804-1876, French Novelist جڏهن اوهين پيار واري حالت ۾ هوندا آهيو ته اوهانجون ننڊون ختم ٿي وينديون آهن، انڪري جو حقيقت خوابن کان وڌيڪ سونهن ڀريل هوندي آهي Dr Seuss عورت جي خواهش هوندي آهي ته هوءَ پيار ڪئي وڃي، انڪري نه ته هوءَ سهڻي آهي، يا سٺي آهي يا سگهڙ آهي، يا پرڪشش آهي يا ذهين آهي، پر انڪري ته هوءَ عورت آهي Henri Frederic Amiel 1821-1881, Swiss Philosopher, Poet, Critic منهنجي وجود جي سڀ کان سهڻي شئي آهي ” تون“ Shannon Crown پيار جي مليل خوشي، ڪجهه گهڙين جي هوندي آهي، پر پيار جو غم عمر ڀر جو هوندو آهي Bette Davis جيڪڏهن توکي مونسان پيار آهي ته، مونکي محسوس ڪراءَ، نه ته، اي مهربان مونکي آرام سان هليو وڃڻ ڏي Anonymous تون هت انڪري نه آيو آهين ته سڀ کان سهڻو انسان ڏسي ان سان پيار ڪرين، پر انڪري آيو آهين ته سڀ کان ڪوجهي انسان کي پنهنجي پيار سان سهڻو ڪري ڇڏ. Sam Keen دنيا لاءِ تون هڪ شخص آهين پر ممڪن هڪ شخص لاءِ تون سموري دنيا هجين Heather Cortez دنيا ۾ سڀ کان سٺيون ۽ سهڻيون شيون ڏسڻ ۽ ڇهڻ جي وس کان ٻاهر هونديون اهن، صرف دل سان محسوس ڪري سگهبيون آهن. Helen Keller