نثارابڙو
نائب منتظم
پاڻي جيئن تريءَ تي
-by Swami Vivekananda
مترجم؛ نثار ابڙو
ڪنهن زماني ۾ منهنجي هڪ دوستِ هئي، جنهن سان لاڳاپا ڪجهه وڌيڪ گهرا ٿي ويا هئا ...
هڪ دفعي جڏهن اسين وهنجڻ واري حوض جي ڪناري پنهنجو ٽنگون پاڻيءَ ۾ لٽڪائي ويٺا هياسون، ته هُنَ پنهنجي هٿ جي تريءَ تي پاڻي کنيو ۽ منهنجي اڳيان ڪري چوڻ لڳي” هن پاڻيءَ کي غور سان ڏس جو هن وقت منهنجي هٿ جي تريءَ تي آهي، اهو پاڻي بلڪل پيار جيئان آهي“
آءُ پيار کي ان نظريي سان ڏسان ٿي ” جيستائين پنهنجي هٿ کي وڏي احتياط سان کليو رکي ان پاڻيءَ جيئان جهليندي ته اهو پيار به هميشه اتي قائم رهندو، پر جيڪڏهن تون آڱرين کي ان جي چوڌاري بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ته کيس پنهنجو ڪري ڇڏيان ته پيار به ان پاڻيءَ جيئان آڱرين جي وٿين مان نڪري ٻاهر ڪرندو ...
اها هڪ وڏي غلطي آهي جا اڪثر ماڻهون ڪندا آهن ... جڏهن هنن کي پيار ملي ويندو آهي ته اهي ڪوشش ڪندا آهن ته انکي پنهنجي ملڪيت ڪري ڇڏين، وڌيڪ خواهش ڪندا آهن، وڌيڪ اميد رکندا آهن ۽ ان پاڻيءَ جيئان هٿن مان پيار به وهائي ڇڏيندا آهن ...
پيار جي معني آهي آزادي، اوهين انجي فطرت بدلائي نٿا سگهو، جيڪڏهن اوهان جو ڪنهن ماڻهونءَ سان پيار آهي ته کيس آزاد رهڻ ڏيو ...
ڏيو پر اميد نه ڪيو
صلاحيو پر حڪم نه ڪيو
پڇو پر خواهش نه ڪريو
اهو بظاهر ته آسان ۽ سادو آهي، پر اهو اهڙو سبق آهي جو ممڪن حد تائين سموري حياتيءَ تي محيط آهي ... اهو سچي محبت جو راز آهي ... ان تي سچائيءَ سان عمل ڪريو .. سچائيءَ سان خواهشن کي ختم ڪري پيار ڪريو ... پنهنجن پيارن جو خيال شرطن کان بغير ڪيو ...
منهنجي خيال ۾ ... زندگيءَ جو ڪاٿو ان مان نه ڪبو ته ڪيترا ساه اندر کنيا ويا آهن ... پر انهن لمحن سان ڪبو جن ۾ اسين ساه ٻاهر ڪڍيا آهن ...
زندگي خوبصورت آهي !!! انکي جيئو !!!