TAHIR SINDHI
سينيئر رڪن
سڄي دنيا ۾ ان وقت 70 ڪروڙ پتي مائرو آهن ۽ انهن مان صرف 8 مائرون اهڙيون آهن جن اِها دولت پاڻ ڪمائي آهي. باقي 62 مائرو اهڙيون آهن جن کي اِها دولت خانداني وراثت ۾ يا وري بيوه ٿيڻ کانپوءِ ملي آهي. انهن عورتن ۾ دنيا جي سڀ کان امير ماءُ ڪرسٽي والٽن آهي جنهن جو مڙس جان وال مارٽ جي سربراهه جو پُٽ هو ۽ 2005 ۾ جهاز تباهه ٿيڻ سبب مارجي ويو هو.
پورهيو ڪري پئسو ڪمائيندڙ مائرن ۾ زارا روزيلا ميرا آهي جنهن سندس مڙس سان گڏجي ڪري ڪپڙا ٺاهڻ جو واپار شروع ڪيو ۽ اڄ اسپين ۾ ڪپڙي جي سڀ کان وڏي واپاري آهي. ان کان علاوه ڊورس فشر ۽ بينتن جي گواليانا بينيتن پڻ ڪپڙي جو واپار ڪرڻ شروع ڪيو آهي جنهن جو واپار سڄي دنيا ۾ پکڙيل آهي ۽ سندس خاندان جو شمار دنيا جي امير ترين ماڻهن ۾ ٿيندو آهي.
هاڻي جونا رولنگ جو ذڪر ڪندا سين جيڪا دنيا جي مشهور ناول هيري پورٽر جي ليکڪ آهي. هن ڪنهن دور ۾ تمام بُرو وقت گذاريو آهي ۽ اڄ ڪروڙ پتي آهي.
هو مائرون جن کي وراثت ۾ دولت ملي هئي انهن ۾ ابيگيل جانسن پڻ شامل آهي ۽ سندس پيءُ آمريڪا ۾ ميوچل فنڊز جي سڀ کان وڏي ڪمپني جو مالڪ آهي. ڪيترن ئي ماڻهن جو خيال آهي ته هو پيءُ جي سڄي دولت جي مالڪ بڻجي ويندي. ايشياء جي سڀ کان امير ماءُ هندستان جي ساوتري جندل آهي جيڪا لوهه جي ڪارخانن جي مالڪ او پي چندل جي بيوه آهي. سندس 9 ٻار آهن.