TAHIR SINDHI
سينيئر رڪن
(ثناء سنڌو)
اڄ جي ترقي يافته دور ۾ به اڪثر عورتن کي هر موقعي کان محروم ڪيو وڃي ٿو،ائين هرگز نه آهي ته عورتن ۾ ڪجھ ڪرڻ ۽ ڪجھ ڪري ڏيکارڻ واري صلاحيت موجود نه آهي، اسان جي سماج ۾ ڪيتريون ئي باصلاحيت عورتون موجود آهن، جن مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي انهن سان گڏ مقابلو ڪيو آهي، سياست کان وٺي سماجي ورڪرز تائين به اهڙيون ڪيتريون ئي عورتون ۽ ڇوڪريون آهن جن پاڻ مڃايو آهي. پر تنهن هوندي به اهڙيون ڪيتريون ئي عورتون آهن جن جون صلاحيتون ضايع ٿينديون رهن ٿيون، اسان جي آس پاس ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي ڇوڪريون آهن جيڪي پينٽنگس سان شوق ۽ ذوق رکن ٿيون پر اسان جي گھرن ۾ رهندڙ عورتون پينٽنگس ڪندڙ ڇوڪرين کي اهو چئي روڪينديون آهن ته اڳيان هلي ٻئي گھر وڃي اهو گھر ئي سنڀالينديون هي شيون تنهنجي ڪم جون نه آهن، انهن مان ڪوبه فائدو نه آهي، ائين ئي اهي ڇوڪريون جيڪي پينٽنگ ڪرڻ جو شوق رکن ٿيون ۽ صلاحيت رکن ٿيون انهن جي خواهش به پوري نه ٿيندي آهي ۽ وقت سان گڏ انهن جي اها صلاحيت ضايع ٿي ويندي آهي، ڪجھ ڪرڻ ۽ پنهنجو ٽيلينٽ سامهون آڻڻ لا۽ گھر جون ئي عورتون اهڙين ڇوڪرين جي صلاحيتن کي بيڪار ۽ بي معنيٰ سمجھن ٿيون ائين ڇو ٿيندو آهي، جيڪڏهن حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته اهي عورتون جيڪي پنهنجن ڇوڪرين، ڀينرن يا ڌيئن کي اهو سڀ ڪجھ ڪرڻ کان منع ڪنديون آهن ته اڪثر ڪري انهن سان ئي ڪنهن دور ۾ اهو سڀ ڪجھ ٿيل هوندو آهي، هي ته صرف پينٽنگ جي ڳالھ آهي پر اهڙيون ڪيتريون ئي باصلاحيت عورتون ۽ ڇوڪريون هجن ٿيون جن جي اهڙين صلاحيتن کي روڪيو ۽ ٽوڪيو وڃي ٿو، مثال طور پڙهڻ ۽ لکڻ، جيڪڏهن ڪا ڇوڪري ادبي ڪتاب ۽ ڪو رسالو پڙهڻ کان پوءِ ڪجھ لکڻ جي خواهش ڪري ٿي ته ان جي لکڻ ۽ پڙهڻ تي انهن کي روڪيو ۽ ٽوڪيو وڃي ٿو. انهي جي لکڻ ۽ پڙهڻ واري صلاحيت کي به بيڪار ۽ بي معنيٰ چيو وڃي ٿو. ڪيترين ڇوڪرين کي وري ڊاڪٽر ۽ انجينيئر ٿيڻ جي به صلاحيت موجود هوندوي آهي پر والدين پنهنجي پٽ کي اڳيان ڪري ڊاڪٽر ۽ انجنيئر ٿيڻ جي اجازت ڏيندا آهن، ڇو ته هو انهن جو آئيندو هجي، پوءِ اها صلاحيت پٽ ۾ هجي يا نه هجي، پر هتي وري به هڪ ڇوڪريءَ جي صلاحيت کي ٻاهر آڻڻ جي ضرورت آهي. هو باصلاحيت آهن. سندن صلاحيتن کي اڀارڻ لاءِ والدين کي صرف همت افزائي ڪرڻ جي ضرورت آهي.هو گھڻو ڪجھ ڪري سگھن ٿيون. جن سان والدين جو مان به وڌندو ۽ هڪ باصلاحيت ڇوڪري جي صلاحيت به اڀرندي، ۽ اهڙين ڇوڪرين کي ڏسي ٻيون ڇوڪريون به اڳيان نڪري سگھن ٿيون. ڇو ته انهن ۾ به اهي صلاحيتون موجود آهن. پڙهڻ، لکڻ، پينٽنگ ڪرڻ ۽ ٻيا ڪيترائي شعبا جن ۾ هو پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي صلاحيت رکن ٿيون.
سنڌيانا جي ٿورن سان