پسنديدهشعر

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ ساره
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

ساره

سينيئر رڪن
پسنديده شعر

هيڏي ھوڏي نه ڏسين، مُنھُن پاڻيءَ ۾ پاءِ؛
پوءِ تصور ھن ۾، ٻي بازي ڪا نه بناءِ؛
اکيون پَٽي جي ڏسين، ھادِي آھي ھَر جاءِ؛
”سَچوءَ“ سارو سچُ چيو، ھيءَ رمز دل ئي سان لاءِ.

(سچل سرمست )
 
باغ دنيا بي بقا، بر ۾ اچي بلبل وڃن،
سي، ڪر ڪوسِيءَ لُوه کان، گوماٽجي سڀ گل وڃن.

محل ماڙيون ۽ منارا، موت کي مشڪل جھلين،
ڪوٽ چٽ، هڪ چوٽ سان، گھر گھوٽ گذري ڪُل وڃن.
 
جبلن منجه جهوپڙا سي جهولا ڪيئن جهلن
جن جي اميد الله ۾ سي پٿرن منجه پلن
سي سدائين کلن جي اميد نه لاهن الله مان ..
 
واه واه زبردست سائين سچل سائين جي شاعري تمام گهڻي پسند ائي انهن صوفين ۽ الله لوڪ ماڻهن جي ڪري ئي ته اسان جي سنڌ جو مان آهي مهرباني شيئرنگ جي شل خوش رهو
 
Back
Top