اعجاز احمد
سينيئر رڪن
ڪنهن عالم سڳوري کي تقرير ڪندي ٻڌم ته مشهور حديث: ”(مفهوم) مان علم جو شهر آهيان ۽ علي رضي الله عنه انهي جو دروازو آهي۔” ضعيف آهي۔ حديث جي وڌيڪ تخريج جنهن دوست وٽ هجي ته مهرباني ڪري شيئر ڪري۔
ادا شابس آهي۔۔۔ ايڏي جڳ مشهور حديث ضعيف۔۔۔؟ ممڪن ئي نه آهي۔۔۔ وڌيڪ عالم حضرات ان سلسلي ۾ توهان سان حوالا ونڊ ڪندا۔۔
مان پنهنجي طور تي ڪوشش ڪيان ٿو ڇو ته مان مڙئي ڪتابن کان ٿورو پري ڀڄندو آهيان۔
انهي ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته هي روايت ڪثرت سان بيان ٿيل آهي، نسواري جو سوال تخريج متعلق آهي نه ڪه ڪثرت طرق متعلق۔
اسان مسلمان ضعيف ۽ صحتمند واري چڪر مان نڪري ڪونه سگهيا آهيون۔ افسوس صد افسوس، حضرت علي سائين جي مشهور قول مطابق ته جيڪي ناحق تي آهن سي پنهنجي ناحقي تي مظبوط ۽ اسان جيڪي حق تي آهيون پاڻ ۾ ٽُٽل افسوس افسوس افسوس
اسان مسلمان ضعيف ۽ صحتمند واري چڪر مان نڪري ڪونه سگهيا آهيون۔ افسوس صد افسوس، حضرت علي سائين جي مشهور قول مطابق ته جيڪي ناحق تي آهن سي پنهنجي ناحقي تي مظبوط ۽ اسان جيڪي حق تي آهيون پاڻ ۾ ٽُٽل افسوس افسوس افسوس
سائين وڏا انهي ۾ افسوس جي ڪا ڳالھ ڪونهي صحت ۽ ضعف جو پيمانودنيا ۾ صرف مسلمان قوم وٽ جنهن جي ذريعي سان هو ڪنهن کي به پنهنجي نبي يا بزرگن ڏانهن ڪا ڪوڙي ڳالھ منسوب نه ڪرڻ نه ڏيندا آهن غيرمسلم انهي فن کي ڏسي حيران ٿيندا آهن ۽ داد تحسين ڏين ٿا پر افسوس جو مسلماڻ اهڙي علم تي حيراني ڪن ٿا جيڪڏهن اهو معيار نه هجي ته پوءِ کري ۽ کوٽي ۾ ڪوبه فرق نه رهندو ، ڪيتريون روايتون اهڙيون موجود جن ۾ امامن کي الله جو درجو ڏنو ويو آهي انهن روايتن کي فقط علم اسماء الرجال جي بنياد تي ڪوڙو قرار ڏنوويو آهي .
اسان کي انهيءَ ادوار جي به نشاندهي ڪرڻ گهرجي جڏهن تاريخِ اسلام ۾ ايڏي تعداد ۾ ضعيف احاديث شامل ڪيون ويون۔۔
سائين افسوس ته اهو آهي جو ايتري بهترين ۽ مشهور روايتن تي به ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔!!!!!!!!
روايت جي تخريج
ادا هي روايت هيٺين ڪتابن ۾ موجود آهي
1 تهذيب الآثار للطبري
2 " تاريخ بغداد " ( 11/48 ) ، للبغدادي
3 " تاريخ دمشق " ( 12/159/2 ) لابن عساڪر
هن روايت ۾ راوي ابوالصلت آهي
امام ابوزرعه فرمايو : لم يڪن بثقة .
ابن عدي فرمايو: وقال: متهم .
ابن عساڪر هن روايت کي بيان ڪرڻ کانپوءِ فرمايو ته
[font="al_mushaf"]" منكر جدا ، إسنادا ومتنا " .[/font]
شيخ الاسلام امام ابن تيميه منهاج السنه ۾ فرمايو ته
أضعف وأوهى
خلاصو لکي ڇڏيو آهي باقي وڌيڪ ڪنهن ٻي موقعي تي ان شاء الله
باقي ادا واقعي هي تمام گهڻي مشهور آهي پر ضعيف جيئن هيءِ روايت
اطلبوا العلم ولوباالصين
علم جي ڳولها ڪريو ڀلي چين وڃڻوپوي
ها ادا اها حقيقت آهي دليل جي بنياد تي هيءَ روايت صحيح نه پر
جيڪڏهن حديثن جو مطالعو ڪريون علي رضي الله عنه جي شان ۾ ايتريون ته صحيح روايتون موجود آهن جو اسانکي ڪمزور روايت کي مڃڻ جي ڪا ضرورت ئي ناهي جيئن صحيح مسلم جي روايت جو خلاصو هيءَ ته
علي رضي الله عنه سان محبت ڪرڻ وارو مومن آهي ۽ علي رضي الله عنه سان نفرت ڪرڻ وارو منافق اهي