ادا مٿي مان جن پيجن جو لنڪ ڏنو آهي انهن ۾ موجود حوالن کي توهان پڙهيو آهي۔۔؟
روايت جي تخريج
ادا هي روايت هيٺين ڪتابن ۾ موجود آهي
1 تهذيب الآثار للطبري
2 " تاريخ بغداد " ( 11/48 ) ، للبغدادي
3 " تاريخ دمشق " ( 12/159/2 ) لابن عساڪر
هن روايت ۾ راوي ابوالصلت آهي
امام ابوزرعه فرمايو : لم يڪن بثقة .
ابن عدي فرمايو: وقال: متهم .
ابن عساڪر هن روايت کي بيان ڪرڻ کانپوءِ فرمايو ته
[font="al_mushaf"]" منكر جدا ، إسنادا ومتنا " .[/font]
شيخ الاسلام امام ابن تيميه منهاج السنه ۾ فرمايو ته
أضعف وأوهى
خلاصو لکي ڇڏيو آهي باقي وڌيڪ ڪنهن ٻي موقعي تي ان شاء الله
باقي ادا واقعي هي تمام گهڻي مشهور آهي پر ضعيف جيئن هيءِ روايت
اطلبوا العلم ولوباالصين
علم جي ڳولها ڪريو ڀلي چين وڃڻوپوي
وڌيڪ تخريج:
انا مدينته العلم و علي بابها من اراد المدينته فاليات الباب
اها حديث ابو الصلت عبدالسلام بن صالح ابو معاويه جي حوالي سان اعمش کان، اهو مجاهد کان، اهو ابن عباس کان نقل ڪري ٿو۔ هن حديث تي سخت جرحون آهن۔ امام قرطبي پنهنجي تفسير ص336 جلد 9 ۾ فرمائي ٿو ته ”هي حديث موضوع آهي۔“
ترمذي حديث نمبر 3723 هيٺ فرمائي ٿو ته، ”هي حديث غريب ۽ منڪر آهي۔“
ميزان الاعتدال ص145 ج 2 ۾ امام ذهبي فرمائي ٿو ته هي حديث موضوع آهي۔
ابن عدي الکامل في الضعفا ۾ فرمائي ٿو ته، ”اها حديث منڪر ۽ موضوع آهي۔“
مگر مشڪل اها آهي ته امام حاڪم مستدرڪ ۾ حديث نمبر 4637 ۾ فرمائي ٿو ته هي حديث بخاري ۽ مسلم جي شرط مطابق صحيح آهي۔ ان کان پو ان حديث جا مختلف طريقا ۽ سند بيان ڪري ٿو۔
ان کان سوا حافظ ابن حجر لسان الميزان ص122 جلد 2 حديث 513 ۾ فرمائي ٿو ته، ”امام حاڪم اها حديث گهڻن طريقن سان مستدرڪ ۾ آندي آهي، جنهن جو گهٽ ۾ گهٽ خلاصو هي آهي ته ان حديث جو ڪو نه ڪو اصل ضرور آهي۔ تنهن ڪري ان کي موضوع چوڻ نه گهرجي۔“
حافظ صاحب هتي پنهنجي را بيان ڪري ٿو، حديث جي صحيح هجڻ لا ڪو دليل پيش نه ڪري سگهيو آهي۔
نوٽ: هن تخريج ۾ والد محترم کان مدد ورتي اٿم۔
اسان مسلمان ضعيف ۽ صحتمند واري چڪر مان نڪري ڪونه سگهيا آهيون۔ افسوس صد افسوس، حضرت علي سائين جي مشهور قول مطابق ته جيڪي ناحق تي آهن سي پنهنجي ناحقي تي مظبوط ۽ اسان جيڪي حق تي آهيون پاڻ ۾ ٽُٽل افسوس افسوس افسوس
سائين وڏا انهي ۾ افسوس جي ڪا ڳالھ ڪونهي صحت ۽ ضعف جو پيمانودنيا ۾ صرف مسلمان قوم وٽ جنهن جي ذريعي سان هو ڪنهن کي به پنهنجي نبي يا بزرگن ڏانهن ڪا ڪوڙي ڳالھ منسوب نه ڪرڻ نه ڏيندا آهن غيرمسلم انهي فن کي ڏسي حيران ٿيندا آهن ۽ داد تحسين ڏين ٿا پر افسوس جو مسلماڻ اهڙي علم تي حيراني ڪن ٿا جيڪڏهن اهو معيار نه هجي ته پوءِ کري ۽ کوٽي ۾ ڪوبه فرق نه رهندو ، ڪيتريون روايتون اهڙيون موجود جن ۾ امامن کي الله جو درجو ڏنو ويو آهي انهن روايتن کي فقط علم اسماء الرجال جي بنياد تي ڪوڙو قرار ڏنوويو آهي .
ها ادا اها حقيقت آهي دليل جي بنياد تي هيءَ روايت صحيح نه پر
جيڪڏهن حديثن جو مطالعو ڪريون علي رضي الله عنه جي شان ۾ ايتريون ته صحيح روايتون موجود آهن جو اسانکي ڪمزور روايت کي مڃڻ جي ڪا ضرورت ئي ناهي جيئن صحيح مسلم جي روايت جو خلاصو هيءَ ته
علي رضي الله عنه سان محبت ڪرڻ وارو مومن آهي ۽ علي رضي الله عنه سان نفرت ڪرڻ وارو منافق اهي
جواب توهان پاڻ پيش ڪري ڇڏيو آهي۔۔۔
سائين توهان سچ ٿا چئو۔ ۽ اسان جو قرآن اسان جو رسول صلم جن به اسان کي اهيو ٿا سبق ڏين ته اسان حق ۽ سچ واري ڳالهه ڪريون۔ ۽ اسان جا عالم عارف صوفي بزرگ ۽ درويش به ان ئي ڳالهه جو درس ڏئي ويا آهن، بقول سچل سرمستمٺا اها امام صاحب جي پنهنجي را آهي، حديث جي صحيح هجڻ جو دليل يا ثبوت نه آهي۔
بهرحال اهو ته مڃڻو ئي پوندو ته ذڪر ٿيل حديث موضوع ۽ ضعيف آهي۔ پو کڻي سائين نثارناز کي افسوس ٿئي يا وري اوهان يقين نه ڪريو۔ بقول سائين بشير احمد جي ته ڪمزور ۽ ضعيف روايتن جي مقابلي ۾ اسان کي صحيح ۽ حسن روايتن کي مڃڻ گهرجي۔
سائين توهان سچ ٿا چئو۔ ۽ اسان جو قرآن اسان جو رسول صلم جن به اسان کي اهيو ٿا سبق ڏين ته اسان حق ۽ سچ واري ڳالهه ڪريون۔ ۽ اسان جا عالم عارف صوفي بزرگ ۽ درويش به ان ئي ڳالهه جو درس ڏئي ويا آهن، بقول سچل سرمست
سچ ٿا مرد چون، ڪنهن کي وڻي نه وڻي
ادا نسواري اوهان کي جواب مطمئن ڪيو يا اڃان مست اچي پنهنجي مستي ۾؟
ادا مست !!
هاڻي اوهان جو ڇا خيال آهي؟
اسان مسلمان ضعيف ۽ صحتمند واري چڪر مان نڪري ڪونه سگهيا آهيون۔ افسوس صد افسوس، حضرت علي سائين جي مشهور قول مطابق ته جيڪي ناحق تي آهن سي پنهنجي ناحقي تي مظبوط ۽ اسان جيڪي حق تي آهيون پاڻ ۾ ٽُٽل افسوس افسوس افسوس
تڏهن ته اسان حق تي رهي ڪري ٽڪرا ٽُڪرا، باطل ناحق تي پختو برجستو، اسان هڪ ٻئي کي ڪوڙو ڪرڻ ۾ پورا باطل هنڀوڇيون ڇا جهمرين جا ڌم لڳايو ويٺو آهي۔ ۽ اسان جهڙا خاص ڪري مون جهڙا صرف افسوس ڪرڻ ۾ پورا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سائينسائين وڏا انهي ۾ افسوس جي ڪا ڳالھ ڪونهي صحت ۽ ضعف جو پيمانودنيا ۾ صرف مسلمان قوم وٽ جنهن جي ذريعي سان هو ڪنهن کي به پنهنجي نبي يا بزرگن ڏانهن ڪا ڪوڙي ڳالھ منسوب نه ڪرڻ نه ڏيندا آهن غيرمسلم انهي فن کي ڏسي حيران ٿيندا آهن ۽ داد تحسين ڏين ٿا پر افسوس جو مسلماڻ اهڙي علم تي حيراني ڪن ٿا جيڪڏهن اهو معيار نه هجي ته پوءِ کري ۽ کوٽي ۾ ڪوبه فرق نه رهندو ، ڪيتريون روايتون اهڙيون موجود جن ۾ امامن کي الله جو درجو ڏنو ويو آهي انهن روايتن کي فقط علم اسماء الرجال جي بنياد تي ڪوڙو قرار ڏنوويو آهي .
تڏهن ته اسان حق تي رهي ڪري ٽڪرا ٽُڪرا، باطل ناحق تي پختو برجستو، اسان هڪ ٻئي کي ڪوڙو ڪرڻ ۾ پورا باطل هنڀوڇيون ڇا جهمرين جا ڌم لڳايو ويٺو آهي۔ ۽ اسان جهڙا خاص ڪري مون جهڙا صرف افسوس ڪرڻ ۾ پورا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سائين
مست ماٺ ڀلو آهي۔۔ موضوع احاديثن جي ڳالهه ڪڍڻوارو پاڻ الائي جي ڪاڏي هليو ويو۔۔؟