• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڀارت

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
هندستان ڏکڻ ايشيا ۾ واقع آهي. هي ڏکڻ ايشيا جي وڏي حصي تي پکڙيل آهي. هندستان آبادي جي لحاظ کان دنيا جي وڏن ملڪن ۾ شامل ڪيو ويندو آهي. هندستان جا هڪ ارب کان وڌيڪ ماڻهو هڪ سؤ کان وڌيڪ ٻوليون ڳالهائيندا آهن. هندوستان جي اوڀر ۾ بنگلا ديش ۽ ميانمار (برما)، اتر ۾ ڀوٽان ۽ چين ۽ نيپال ۽ اولهه ۾ پاڪستان. ان کان علاوه ڏکڻ اوڀر ۽ ڏکڻ اولهه ۾ هندي ساگر آهي.

نالي جو بڻ بنياد

سنڌو دريا جي اوڀر واري علاقي جو نالو سنڌ هو جيڪو ايرانين جي اچڻ سان هند ٿي ويو. ايئن ئي انڊس مان انڊيا ٿي ويو. ماضي ۾ هن خطي کي هندوستان يا ڀارت چيو ويندو هو. علامه اقبال جي لکيل مشهور قومي گيت ۾ پڻ اهو ئي ورجايل آهي؛ "ساري جهان سي اچها هندوستان همارا". آزادي کان پوءِ هن ملڪ جو سرڪاري نالو ڀارت رکيو ويو. محمد علي جيڻا هندوستان نالي تي تنقيد ڪئي ۽ چيو ته هندوستان ان سموري علائقي جو نالو هو هاڻي جيڪو ٻه حصا ٿي پاڪستان ۽ ڀارت ٿيو آهي. جناح انڊيا لفظ جي پڻ مخالفت ڪئي پر بعد ۾ راضي ٿي ويو. ٻاهرين ملڪن ۾ لفظ انڊيا گهڻو رائج آهي.

سياست

هندستان جمهوري ملڪ آهي. ڪيئي رياستن تي ٻڌل هي من ملڪ جو نظام وفاق جي هيٺ آهي. رياست جو سربراهه صدر هوندو آهي جيڪو 5 سالن لاءِ هوندو آهي.

هندستان جي انتظامي طاقت وفاق آهي. جنهن جو سربراهه وزير اعظم هوندو آهي. هن وقت هندستان جو سک وزير اعظم من موهن سنگهه آهي.


States

أندرا براديش
أرونجال براديش
أسام
بيهار
تشهاتيسغار
غوا
كجرات
هاريانا
خسماتشال براديش
جامو وكشمير
جارخند
كارناتاكا
كيرالا
ماديا براديش
ماهاراشترا
مانيبور
ميغالايا
ميزورام
ناجالاند
أويسا
بنجاب
راجستان
سيكيم
تاميل نادو
تريبورا
أوتارأنتشال
أوتار براديش
غرب البنغال



وڪيپيڊيا جي ٿورن سان
 
Back
Top