عوامي جمهوريه چين ۽ تائيوان واري علائقي کي چين چوندا آهن. چين کي روايتي چيني تحرير ۾ 中國 لکندا آهن، ۽ آسان چيني تحرير ۾ 中国 لکندا آهن. چين ايشيا جي اوڀر ۾ واقع آهي. تهذيب جي لحاظ سان چين تمام قديم ۽ خاص حيثيت رکندڙ ملڪ آهي. چين جي ثقافت ڇهه هزار سال پراڻي آهي. ٻي مهاڀاري جنگ جي خاتمي تي چين ٻن حصن ۾ ورهايو ويو، هڪ جو نالو عوامي جمهوريه چين ۽ ٻي جو جمهوريه چين آهي. عوامي جمهوريه چين جي هيٺ مين لينڊ، هانگ ڪانگ ۽ ميڪائو. جمهوريه چين جي هيٺ تائيوان ۽ ان جي ڀر وارا پاسا. چين جي تهذيب انهن مان آهي جيڪا ٻاهرين حمله آورن کان گهڻو ڪري بچيل رهي آهي. چين صدين کان ترقي يافته ۽ تهذيبي مرڪز رهيو آهي، جنهن جا اثر اڄ تائين نمايان آهن. اهڙي طرح چين جي زمين تي ڪئين نيون ايجادون پڻ ظاهر ٿيون، جهڙوڪ؛ ڪاغذ، قطب نما، بارود ۽ ڇاپه خانو مشهور آهن. چين کي دنيا جي پهرين مرڪز ۾ شمار ڪيو ويندو آهي. چين انهن مان به هڪ آهي جن وٽ پاڻ لاءِ لکڻ لاءِ لکڻي هئي. ٻين تهذيبن ۾ ميسوپوٽيميه، سنڌو تهذيب، مصري تهذيب اهم آهن. قديم چيني لکڻي اڄ به چين ۽ جاپان ۾ هلندڙ آهي. وڪيپيڊيا