• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

چين

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
عوامي جمهوريه چين ۽ تائيوان واري علائقي کي چين چوندا آهن. چين کي روايتي چيني تحرير ۾ 中國 لکندا آهن، ۽ آسان چيني تحرير ۾ 中国 لکندا آهن. چين ايشيا جي اوڀر ۾ واقع آهي. تهذيب جي لحاظ سان چين تمام قديم ۽ خاص حيثيت رکندڙ ملڪ آهي. چين جي ثقافت ڇهه هزار سال پراڻي آهي. ٻي مهاڀاري جنگ جي خاتمي تي چين ٻن حصن ۾ ورهايو ويو، هڪ جو نالو عوامي جمهوريه چين ۽ ٻي جو جمهوريه چين آهي. عوامي جمهوريه چين جي هيٺ مين لينڊ، هانگ ڪانگ ۽ ميڪائو. جمهوريه چين جي هيٺ تائيوان ۽ ان جي ڀر وارا پاسا.
چين جي تهذيب انهن مان آهي جيڪا ٻاهرين حمله آورن کان گهڻو ڪري بچيل رهي آهي. چين صدين کان ترقي يافته ۽ تهذيبي مرڪز رهيو آهي، جنهن جا اثر اڄ تائين نمايان آهن. اهڙي طرح چين جي زمين تي ڪئين نيون ايجادون پڻ ظاهر ٿيون، جهڙوڪ؛ ڪاغذ، قطب نما، بارود ۽ ڇاپه خانو مشهور آهن.

چين کي دنيا جي پهرين مرڪز ۾ شمار ڪيو ويندو آهي. چين انهن مان به هڪ آهي جن وٽ پاڻ لاءِ لکڻ لاءِ لکڻي هئي. ٻين تهذيبن ۾ ميسوپوٽيميه، سنڌو تهذيب، مصري تهذيب اهم آهن. قديم چيني لکڻي اڄ به چين ۽ جاپان ۾ هلندڙ آهي.

وڪيپيڊيا
 
Back
Top