انور پيرزادي جي ڪتاب ”جديد سنڌي ادب“ تي هڪ نظر

'سنڌي ادب' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏13 سيپٽمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,397
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    انور پيرزادي جي ڪتاب ”جديد سنڌي ادب“ تي هڪ نظر​

    [​IMG]
    ادل سولنگي
    هن ڪتاب ۾ انور پيرزادي جا مختلف وقتن تي اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن ۾ ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل مضمون تعارف، تبصرا، مهاڳ، اڀياس، ادبي ۽ شخصي خاڪا سهيڙي شامل ڪيا ويا آهن، ڪتاب ”جديد سنڌي ادب“ کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي.
    ڪتاب ”جديد سنڌي ادب“ جي پهرين ڀاڱي ۾ 20 مضمون، ٻئي ڀاڱي ۾ 12 ڪتابن جا مهاڳ ۽ ٽئين ڀاڱي ۾ 20 ادبي شخصي خاڪا ڏنا ويا آهن. جنهن ۾ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي، امر ڪهاڻيڪار جمال ابڙي، شمشير الحيدري، ماڻڪ، بدر ابڙو، ڪيهر شوڪت، فقير محمد لاشاري، مهتاب اڪبر راشدي، قمر شهباز، عبدالرحمان نقاش، ڊاڪٽر سليمان شيخ، انور ابڙو، محمد علي پٺاڻ ۽ منٺار سولنگي جا ادبي ۽ شخصي تعارف شامل ڪيا ويا آهن.
    مهاڳن واري ڀاڱي ۾
    سوڀي گيانچنداڻي جو ڪتاب ”تاريخ ڳالهائي ٿي
    بدر ابڙي جو ڪتاب ”سنڌوءَ جو سفر“
    ج ع منگهاڻي جو ڪتاب ”ڇپر ڪين ڏي“
    مير محمد پيرزادي جو ڪتاب ”مکڙيون ماڪ ڦڙا“
    الطاف شيخ جو ڪتاب ”جت برف پئي ٿي جام“
    محمد علي پٺاڻ جو ڪتاب ”اکيون آلا چنڊ“
    انور ابڙي جو ڪتاب ”انٽرويوز“
    ملڪا، فيض ۽ شاهه محمد پيرزادي جو ڪتاب ”اسٽوپا، سنڌو ۽ چنڊ“
    سرو سيف جو ڪتاب ”کير جهڙي ڪاري“
    سلطانه وقاصيءَ جو ڪتاب ”دونها ٽيل درشن“
    رزاق مهر جو ڪتاب ”سڪون ڪٿي آهي“
    حميده گهانگهري جو ڪتاب ”پيڙا جو سفر“
    12 ڪتابن تي لکيل شاهڪار مهاڳ هن ڪتاب جي سونهن آهن، مضمونن واري ڀاڱي ۾ ”ڇا ادب لاءِ نظريو ضروري آهي؟“ مها ڪوي شيخ اياز جي آخري سفر جي ڪٿا، جمال ابڙي، امر جليل، روشن تنيي ۽ غفور ميمڻ جي ڪهاڻين تي اڀياسي مضمون، شاهه محمد پيرزادي جي ڪتاب ”سونهن جون سئو صورتون“ بدر ابڙي جي ڪتاب ”تنقيد نگاري-ارتقائي جائزو“ ڪاڪي گرداس واڌواڻي جي ڪتاب ”جڏهن آدم آيو“ جو اڀياس، محمد علي پٺاڻ جو نئين شاعر جي روپ ۾ تعارف، استاد بخاري، حسن منصور، ادل سومري، مير محمد پيرزادي جي شاعري بابت لکڻيون، رشيد ڀٽي جي فن ۽ شخصيت جي ڪٿ سميت مختلف حوالن سان سندن علم ۽ ادبي خدمتن کي ڀيٽا ڏيڻ واريون فڪر انگيز لکڻيون هن ڪتاب ۾ شامل آهن، جڏهن ته سنڌ جي جديد ترقي پسند ادب جي حوالي سان شاهڪار مضمون هن ڪتاب جي نه رڳو سونهن پر ليکڪ جي علمي ۽ ادبي حيثيت کي پڻ مٿانهون ڪن ٿا. ڪتاب ”جديد سنڌي ادب“ ۾ شامل لکڻين جي مطالعي ڪرڻ سان جديد سنڌي ادب جي تاريخ سامهون اچي ٿي، هن ڪتاب ۾ جديد سنڌي ادب جي مڪمل تاريخ ۽ تعارف سامهون نه ٿو اچي پر ڪتاب ”جديد سنڌي ادب“ ۾ شامل کڻيون ترقي پسند ادب جو ڀرپور پرچار ڪن ٿيون. هن ڪتاب ۾ خاص ڳالهه هي آهي ته انور پيرزادي جو انتهائي دلڪش، اعليٰ طاقتور ۽ شاهڪار نثر لکيل آهي، جنهن کي پڙهندي علم ۽ شعور جا ڪيترائي ڏيئا روشن ٿين ٿا، هن ڪتاب جي مطالعي ڪرڻ سان نئين نسل جو اديب ۽ شاعر پنهنجي ڄاڻ ۾ واڌارو ڪري آئيندي جا گس جوڙي سگهن ٿا. انور پيرزادي جو هي ڇهون ڪتاب آهي، جيڪو انور پيرزادو اڪيڊمي ڇپايو آهي. 208 صفحن تي مشتمل ڪتابخوبصورت ٽائيٽل سان جديد سنڌي ادب جو ڀرپور تعارف پيش ڪري ٿو.
    امر ڪوي شيخ اياز جي آخري سفر ڪٿا..
    ڀٽ شاهه تي سياري جو سج لڙي رهيو هو، ڪراڙ ڍنڍ جي ڪناري تي ٿڌڙي هوا جا هلڪا جهوٽا، وڻن جي ڇانور ۾ بيٺل ماڻهن کي سج جي تڙڪي ڏانهن ڌڪي رهيا هئا پر انهن سنڌي اديبن کان پگهر وهي رهيو هو جيڪي ور کنجي اياز جي سامه ۾ ڪوڏرن سان هيٺ بيٺا هئا ۽ مٽي گڏڻ کان پوءِ ويهين صديءَ جي وڏي سنڌي شاعر کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪري رهيا هئا. ماضي، حال ۽ مستقبل جي عظيم سنڌي شاعر ڀٽائي جو مقبرو اتر ۾ آهي، ان جي ڏکڻ ۾ ڪراڙ ڍنڍ ۽ اڃا به ڏکڻ ۾ ڀٽ شاهه آڊيٽوريم آهي. آڊيٽوريم ۽ ڪراڙ ڍنڍ جي ڏاکڻي ڪناري جي وچ تي ڊگهن وڻن جي ڇانور ۾ هڪ سنئين سڌي پڌر تي اياز جي کڙڪ (قبر) کوٽي وئي هئي، جيڪا ڪجهه مٿانهين تي هجڻ سبب ڀٽائي جي مزار تي ويندڙ هر ماڻهو ساڄي پاسي ڪنڌ ڦيري پري کان ڏسي سگهي ٿو. اهو سمورو وقت اياز جا راڳي ۽ نوجوانن جا مختلف جٿا اياز جو ڪلام وڏي آواز سان ڳائيندا رهيا. فضا ۾ اياز جو ڪلام گونجي رهيو هو. جڏهن ته اياز پاڻ خاموش هو، قبر جڙي راس ٿي، اياز جي مٽي به مٽيءَ سان ملي وئي.
    جا ڀونءِ مون پسيرين، سو ڀونءِ مٿي سڄڻين،
    ڌڱ لٽبي ڌوڙ ۾، بيٺي ڏٺاسون.
    ڏينهن مڙوئي ڏون، اٿي لوچ لطيف چئي...!
    اياز پنهنجي شاعري ذريعي سنڌ جي سياست کي ڪيترو گرمايو، سياسي تحريڪن کي ڪيتري هٿي ڏني، سنڌي ٻولي ۾ گهڻن لفظن جو اضافو ڪيو، سنڌ ۾ ڳالهائجندڙ سنڌي ٻوليءَ جي مختلف لهجن کي هن ڪٿي ۽ ڪيترو استعمال ڪيو آهي. اياز جي شاعري ۾ ڳائجڻ جي ڪيتري شڪتي آهي. هن جي شاعراڻي طرز ۾ موسيقي ڪيتري آهي. سنڌو جو مشاهدو وٽس ڪيترو آهي ۽ هن پنهنجي شاعريءَ دوران سنڌي گرامر ۾ جيڪو اضافو ڪيو آهي. ان جو پڻ جائزو وٺڻ گهرجي، اهڙي علمي کوجنا کان سواءِ اياز جو خالي ذڪر ڪرڻ ايئن ٿيندو جيئن سياست ۾ زنده آباد ۽ مرده آباد جا نعرا لڳندا آهن ۽ چونڊن گذري وڃڻ کان پوءِ ڪيترن ئي اميدوارن جا نالا ئي ماڻهن کان وسري ويندا آهن. اياز جنهن ماحول ۾ پنهنجي شاعري سرجي هئي، ان ماحول جو تفصيلي جائزو وٺڻ گهرجي ۽ ان سان گڏ هن جي ذاتي زندگي توڙي فني، فڪري لاڙن تي تحقيق هن جي وسيع مطالعي جي روشني ۾ ڪيل شاعري کي دنيا جي بهترين شاعري سان ڀيٽڻ جو به عملي ۽ علمي ڪم هٿ ۾ کڻڻ گهرجي.
    امر اسم جي هڪ درديلي صفت..
    امر جليل سنڌ جي صديون پراڻي سورن واري قديم اسم جي اهڙي دردناڪ صفت آهي، جنهن جي مطالعي ڪرڻ ۾ هڪ نويڪلو جنم گهرجي، امر جليل جهڙي سورائتي اسم جي صفت تي سوچڻ، ويچارڻ، کوجنا ڪرڻ يا مطالعو ڪرڻ خطري کان خالي ناهي، سنڌ جو اهو درد جيڪو هڪ انتهائي حساس ليکڪ ۽ ڪلاڪار امر جليل محسوس ڪري ٿو. ان جو ايتري ئي حساسيت سان مطالعو ڪندڙ ماڻهو ضرور محسوس ڪندو ته ڏهه هزار ورهيه چڪايل مڌ، ڪنهن پيالي ۾ پي رهيو آهي، جيڪو مهين جي دڙي جي کوٽائي مان ڳولي لڌو ويو آهي ۽ پوءِ ايڏي پراڻي چڪايل مڌ ۾ هر دور جي نانگن جو زهر اوتيل هوندو، سور ماڻهو کي ڪيترو جيئڻ ڏيندا، سو اوهان پاڻ تصور ڪري سگهو ٿا. منهنجي خيال ۾ اهڙي طويل تاريخي درد جي گهايل ڪنهن شخص کي مطالعي جي ڪا مون کي پنهنجي ماڻن سان ٻيهر جيئرو ڪري نه سگهندي.
    سنڌي ادب ۾ وڏي ۾ وڏي ٽريجڊي اها آهي ته ان ۾ تنقيد ڪانهي، جي آهي ته اها نالي ماتر آهي، ساهه لطيف کي ذري گهٽ تي سئو ورهيه گذرڻ کان پوءِ به ڪو نقاد نه مليو آهي، پوءِ اياز ۽ امر کي ڪڏهن ملندو، ڪنهن به شهپاري تي تنقيد يا ڪنهن فنڪار جي اوڻاين ۽ چڱاين جي پرک اهو ماڻهو ئي ڪري سگهندو، جيڪو عالمي ادب جي روشني ۾ سنڌي ادب کي ڪا جاءِ ڏئي سگهي، امر جو نقاد اهو ٿي سگهي ٿو، جنهن دنيا جو افسانوي ادب پڙهيو هجي، منجهس ايتري ڄاڻ هجي جو جتي امر ڪا اوڻائي ڇڏي ويو هجي ان کي دنيا جي مروج ادبي اصولن تحت پورو ڪري سگهي.
    ڇا ادب لاءِ نظريو ضروري آهي؟
    ڀٽائي 1689ع ۾ پيدا ٿيو ۽ 1752ع سنڌ تائين جيئرو رهيو، جڏهن ته ڪارل مارڪس 1818ع ۾ ڄائو ۽ 1883ع ۾ وفات ڪري ويو، جيڪڏهن مارڪسي نظريو ادب لاءِ ضروري آهي ته پوءِ ڪارل مارڪس جي پيدا ٿيڻ کان ڇاهٺ سال اڳ ڀٽائي عظيم ادب ڪيئن پيدا ڪيو؟ جيڪڏهن ادب لاءِ نظريو ضروري آهي ته پوءِ ايئن ٿيڻ گهرجي ته پهريان نظريو گهڙي، ٺاهي تيار ڪيو وڃي ۽ پوءِ ادب کي رد ڪري ٻيو ادب پيدا ڪيو وڃي، جيڪو نظرياتي حد بندين وجود ۾ ايندو آهي، جنهن مان رهنمائي حاصل ڪري ليکڪ ادب تخليق ڪندا آهن ۽ جيئن ته اهو نظرياتي ادب سماج ۾ بيچيني پيدا ڪندو آهي ان ڪري انقلابي سياستدان اچي ان سماجي بيچيني کي انقلاب جو روپ ڏيندا آهن، حقيقت اها آهي ته ادب لاءِ نظريو نه پر نظريي لاءِ ادب ضروري آهي. ادب ڪنهن به سياسي کوري جو ٻارڻ ناهي پر پاڻ انقلاب آهي.
    جمال ابڙو
    جمال ابڙو ڪيڏو وڏو ماڻهو هو، ڪيڏو وڏو دانشور ۽ ڏاهو هو. سنڌ جي مستقبل تي ۽ سنڌين جي آئيندي تي سندس ڪيڏي نظر هئي، هن سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ڪيتري خدمت ڪئي، سرڪاري عهدن تي رهڻ دوران غريب توڙي شاهوڪار سنڌي ماڻهن جي رت چوسڻ واري ڪاموريڪي ڪلچر کان ڪيتري حد تائين پاڻ بچائي سگهيو ان جو هن وقت اسان کي ٿورو گهڻو اندازو ٿي چڪو آهي. اهو جمال ابڙو جيڪو علي خان ابڙي جو فرزند هو، تنهن پنهنجي ڀرپور زندگي ماڻي، اسان جي حوالي سان انور پيرزادي جو هي ڪتاب نئين ٽهيءَ لاءِ ڪارائتو ۽ لاڀائتو ٿيندو، هي ڪتاب نه رڳو پڙهڻ ۽ سانڍڻ جهڙو آهي پر دوستن سڄڻن کي سوکڙي طور به ڏئي سگهجي ٿو
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: انور پيرزادي جي ڪتاب ”جديد سنڌي ادب“ تي هڪ نظر

    ادا مهرباني بهترين ونڊ آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو