سنڌ جو محب وطن ۽ ڏاهو

'سنڌي ادب' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏14 سيپٽمبر 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    عبدالخالق جوڻيجو

    سنڌ پنهنجي زندگيءَ ۾ تمام گهڻا ڏک ڏٺا آهن ۽ سنڌي قوم پنهنجي تاريخ ۾ انتهائي مشڪل مرحلن مان لنگهي آهي. شايد انهن مان سڀ کان مشڪل مرحلو سال 1947ع وارو ورهاڱو هئو. ان ورهاڱي واقعي به سنڌي قوم کي ورهائي ڇڏيو. ان حساب سان سنڌ جو اهو نسل جيڪو ورهاڱي جي درد مان لنگهيو ان جي به سنڌ جي تاريخ ۾ هڪڙي خاص جاءِ ٺهي ٿي. نورالدين سرڪي ان نسل جو هڪ اهم فرد ۽ سنڌ جي ان دکدائڪ وارتا جو هڪ متحرڪ ڪردار آهي. هن نه رڳو اها وارتا وجود ۾ ايندي ڏٺي پر ان عمل ۾ مختلف حيثيتن ۽ طريقن سان ڪردار به ادا ڪيو ۽ ان جي اثرن کي سَٺو ۽ ان جي نتيجن کي ڀوڳيو پڻ .

    سنڌي قوم کي ورهائيندڙ ان لڪير (ورهاڱي) نڪرڻ کان پوءِ ٻنهي پاسن يعني ورهاڱي کان اڳ ۽ فوري پوءِ واري دور ۾ جناب نورالدين سرڪيءَ نهايت سرگرم ڪردار ادا ڪيو ۽ ان کانپوءِ باقي زندگي به ان قومي ۽ تاريخي واقعي جي سندس ذات توڻي قوم تي پوندڙ اثرن سان واڳيل رهيو. ورهاڱي وقت سرڪي صاحب جي عمر 20 سال هئي ۽ وفات وقت 80 سالن کان ٽپي چڪو هئو، اهو 60 سالن کان وڌيڪ جو عرصو، جيڪو خود هڪ سراسري ماڻهوءَ جي ڪل ڄمار جي برابر آهي، نورالدين سرڪي سنڌ سان اڻٽٽ طريقي سان ڳنڍيل رهيو. هن پنهنجي 80 ورهين جي ڊگهي زندگي نهايت متحرڪ نموني گذاري، ذهني ۽ جسماني ٻنهي طرحن سان هو پنهنجي ارد گرد جي ماحول، مسئلن، ماڻهن ۽ انهن جي چرپر ۾ ملوث هوندو هئو. هن جو مطالعو تمام وسيع هئو. بحيثيت قانوندان ته هو سڄي سنڌ ۾ ڄاتل سڃاتل ۽ مڃيل هئو ئي پر تاريخ، سياست، سماجي علم، ادب، شاعري، لوڪ علم ۽ بين الاقوامي لاڳاپن بابت به هن جي ڄاڻ ۽ هن جو شعور نهايت گهرو هوندو هئو. هن هندستان، جپان، روس، آمريڪا، برطانيه، فلپائين، سنگارپور ۽ ڏکڻ آفريڪا سميت ڪيترن ملڪن جو هڪ يا هڪ کان وڌيڪ دفعا دورو ڪيو. پنهنجي وسيع مطالعي، ڊگهي تجربي ۽ گهري مشاهدي جي نتيجي ۾ هن مڪاني، علائقائي توڻي عالمي مسئلن جو ڀرپور شعور حاصل ڪري ورتو هئو. ڪانفرنس هجي يا ڪچهري، عالمن جي محفل هجي يا گهڻ پڙهيلن جو ميڙ، هو هر هنڌ ۽ هر مسئلي تي اعتماد ۽ اختيار سان ڳالهائيندو ۽ ڀرپور بحث ڪندو هئو پوءِ اهو مسئلو سياسي هجي يا اقتصادي، مذهبي هجي يا سماجي، تاريخي هجي يا علمي ادبي يا ڪو ٻيو. نورالدين سرڪي هميشه عقل ۽ دليل جي بنياد تي ان کي سلجهائڻ ۽ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندو هئو. پر سڀ کان وڏي حقيقت سرڪي صاحب جي ذات جي حوالي سان اها آهي ته هن جي سمورن دليلن، سڀني بحثن، مڙني موضوعن ۽ سمورين تحريرن ۽ تقريرن جو مرڪزي نقطو سنڌ هوندي هئي. ڪهڙن به ماڻهن سان مخاطب هجي هو سنڌ جو وڪيل ٿي ڳالهائيندو هئو، ڪهڙو به موضوع هجي هن جو مرڪزي خيال اهو هوندو هئو ته ان مان سنڌ کي ڪهڙو فائدو ٿيندو ۽ ڪهڙي به قسم جي صورتحال هجي ته هن جي تجزيي جو اهم نقطو اهو هوندو هئو ته ان صورتحال جو سنڌ جي حالتن تي ۽ سنڌي قوم جي مستقبل تي ڪهڙو اثر پوندو. اهو ئي سبب هئو جو سنڌ جي ڳالهه ڪندڙ ۽ سنڌ جي آزادي، خودمختياري ۽ خوشحاليءَ ۾ يقين رکندڙ ۽ سنڌ جي سڃاڻپ جو اونو رکندڙ هر شخص وٽس ايندو هئو ۽ سنڌ جي قومي زندگيءَ جي هر شعبي سان واسطو رکندڙ ماڻهن سان سندس رابطو ۽ واسطو هوندو هئو.

    سرڪي صاحب پنهنجي زندگيءَ جي مختلف مرحلن تي مختلف تنظيمن ۽ تحريڪن سان عملي طور به واڳيل رهيو، انهن مان ڪجهه اهڙيون هيون جن جي پروگرام ۾ سنڌ جي ترجيح ڪانه هئي پر سرڪي صاحب تڏهن به سنڌ سان پنهنجو ذهني ۽ روحاني رشتو نه ٽوڙيو. پاڪستان جي تحريڪ دوران هو هڪ پرجوش نوجوان جي حيثيت ۾ سنڌ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ سرگرم هئو ۽ پاڪستان جي حق ۾ نعرا هڻندو هئو، پر پوءِ پاڪستان ٺهڻ شرط جڏهن ’پاڪستان جي باني‘ محمد علي جناح ڪراچيءَ کي سنڌ کان جدا جو فيصلو ڪيو ته سنڌ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن ان جي سڀ کان اول ۽ سڀ کان شديد مخالفت ڪئي ۽ ان عمل ۾ نورالدين سرڪي اڳي کان وڌيڪ سرگرم رول ادا ڪيو. اسلام جي نالي تي قائم ٿيندڙ نئين رياست پاڪستان جي ابتدائي ڏينهن ۾ ان وقت نوجوان نورالدين سرڪي ڪميونسٽ پارٽيءَ جو ڪل وقتي ڪارڪن بڻيو جڏهن پاڻ کي ڪميونسٽ سڏائڻ پنهنجي زندگيءَ کي داءَ تي لڳائڻ جي برابر هئو. پر جڏهن کيس محسوس ۽ معلوم ٿيو ته سندس پسند جي پارٽيءَ جي ترجيحن ۾ سنڌي قوم جي تشخص ۽ ترقيءَ جو معاملو شامل ناهي ته هو ڪميونسٽ پارٽيءَ کان پاسيرو ٿي ويو ان جي باوجود ته هو سڄي عمر ڪميونسٽ نظريي سان وابسته رهيو.

    ويهين صديءَ دوران سنڌ کي جيڪي وڏا مسئلا درپيش هئا (۽ اڃا تائين آهن) انهن سڀني ۾ نورالدين سرڪيءَ جي دلچسپي هوندي هئي ۽ انهن بابت واضح نموني سنڌ دوست ۽ عوام دوست موقف رکندو هئو. مذهب جي بنياد تي تقسيم جي نتيجي ۾ سنڌي قوم کي جيڪو ناقابل تلافي نقصان پهتو ان ڪري سرڪي صاحب وٽ سيڪيولرزم جي سڀ کان مٿانهين ترجيح هوندي هئي. هن جي پنهنجي ذات به سيڪيولرازم جو عملي نمونو هئي ۽ سنڌي سماج ۾ به سيڪيولر قدرن جو داعي هوندو هئو. هڪ سچي سيڪيولر ماڻهوءَ وانگر سرڪي صاحب ڪڏهن به ڪنهن ماڻهوءَ جي مذهبي معاملن ۾ مداخلت نه ڪندو هئو ۽ نه ئي ڪنهن کي ان معاملي ۾ ڪجهه چوندو هئو پر شايد هن جي شخصيت ۽ عملي ڪردار جو اثر هئو جو وڪالتي زندگيءَ جي ايڏي ڊگهي عرصي دوران سندس آفيس ۾ ڪيترائي جونيئر وڪيل ۽ ٻيا اسٽاف وارا آيا ۽ ويا پر انهن منجهان ڪو هڪ به مذهبي رجحان رکندڙ ڪونه هئو. سنڌ جي قومي نجات ۽ ترقيءَ جي لحاظ کان به سندس سوچ اها هئي ته جيستائين سنڌ جا ماڻهو پنهنجي سوچ ۽ عمل ۾ سيڪيولر رويا اختيار نه ڪندا تيستائين نه قوميت جو جديد تصور مضبوط ٿي سگهندو ۽ نه ئي اقتصادي ترقيءَ جي ميدان ۾ اسان عالمي چئلينجز جو مقابلو ڪري سگهنداسين. سيڪيولرزم جي اهميت بابت سندس خيالن جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته سرڪي صاحب سائين جي ايم سيد کان تمام گهڻو متاثر هئو. سائينءَ لاءِ سندس چوڻ هوندو هئو ته سائين سنڌ جي قومي زندگيءَ جي مختلف پهلوئن تي ڪم ڪيو آهي، پر هن جو سڀ کان وڏو ڪارنامو سيڪيولزم لاءِ ڪم ڪرڻ آهي ۽ جيڪڏهن ٻيا سڀ ڪم ڇڏي رڳو سيڪيولرزم لاءِ سائينءَ جي ڪردار کي وٺجي تڏهن به هن جو شمار تاريخ جي وڏن ماڻهن ۾ ٿيندو.

    سرڪي صاحب جو سنڌ جي آزادي، خودمختياري ۽ خوشحالي ۾ مڪمل ويساهه هئو پر اها آزادي ڪيئن ملندي، ان جدوجهد ۾ ڪنهن جو ڪهڙو ڪردار هوندو ۽ ان جو فائدو ڪنهن کي ملڻ گهرجي انهن سوالن بابت هن جا پنهنجا مخصوص تصور هئا. ان ڳالهه تي هو بلڪل صاف، چٽو ۽ پڪو نقطه نظر رکندو هئو ته سنڌ جي حقيقي آزادي ۽ خوشحالي اها هوندي جنهن جو ثمر سنڌ جي اڪثريتي عوام کي حاصل ٿئي. ان ڏس ۾ اڪثر مونکي اڪيلائيءَ ۾، ڪچهرين ۾ ڪانفرنسن ۾ چوندو هئو ته سائينءَ ڪتاب لکيو “سنڌوديش ڇو ۽ ڇا لاءِ” هاڻي تون ڪتاب لک ته “سنڌوديش ڪيئن ۽ ڪنهن جي لاءِ.”

    مارڪسي فلسفي ۾ يقين رکڻ وارو نورالدين سرڪي سوشلزم جو پڪو حامي هئو پر ان ئي مارڪسي فلسفي تحت سندس تجزيو هوندو هئو ته سنڌي سماج اڃا ان منزل تائين نه پهتو آهي جو سوشلسٽ انقلاب اچي. هن وقت سنڌ کي بورجوا انقلاب جي ضرورت آهي جنهن جي اڳواڻي وچولي طبقي کي ڪرڻ گهرجي . جنهن ذريعي پهرئين مرحلي ۾ سنڌ تان ڌارين جو قبضو ۽ جاگيردارن جي بالادستي ختم ٿئي. انهن بنيادي نوعيت جي نظرياتي ۽ سياسي مسئلن ۽ معاملن تي گاهي به گاهي سرڪي صاحب جي محفل ۾ بحث ٿيندو رهندو هئو . جڏهن به ڪي ترقي پسند سوچ جا دوست گڏ ٿيندا هئا. سندس ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪرڻ سبب مونکي ساڻس گفتگو، بحث مباحثو ۽ صلاح ۽ مشورو ڪرڻ جا وڌيڪ موقعا ميسر هوندا هئا،جن دوران انهن نظرياتي، سياسي ۽ حڪمت عمليءَ جي معاملن بابت منهنجو ساڻس اٽڪل 80 سيڪڙو اتفاق هوندو هئو. اها سندس فراخدليَ، بردباري ۽ روشن خيالي هئي جو 20 سيڪڙو اختلافي مسئلن تي به اهڙي ئي ماحول ۾ ۽ ائين ئي دليل دلائل ٿيندا هئا جيئن 80 سيڪڙو اتفاقي معاملن تي.

    سرڪي صاحب جي زندگيءَ جو هڪ سڀ کان اهم ۽ سونهري اصول عدم تشدد هئو. عدم تشدد ۾ هو گانڌيءَ وانگر ئي يقين رکندو هئو ۽ ان بابت ڪنهن به صورت ۾ سوديبازي (Compromise) ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندو هئو ۽ مان ڪڏهن ڪڏهن کيس چوندو هئس ته سائين، ضرورت تحت حڪمت عملي طور ڪڏهن هٿيار جو سهارو به وٺي سگهجي ٿو ته پاڻ سختيءَ سان ۽ سڌي طرح ان ڳالهه کي رد ڪندو هئو. هڪ دفعي جيئي سنڌ متحده محاذ جي دوستن پنهنجي هڪ ساٿي سميع ا لله ڪلهوڙي، جيڪو رياستي ادارن جي تشدد سبب وفات ڪري ويو هئو، جي ياد ۾ جلسو ڪيو. انهن مونکي به شرڪت جي دعوت ڏني ۽ سرڪي صاحب کي به . شرڪت لاءِ وڃڻ وقت سرڪي صاحب مونکي جلسي لاءِ پنهنجو پيغام لکت ۾ ڏنو. متحده محاذ جي دوستن لاءِ تاثر اهو آهي ته اهي جدوجهد جي پرتشدد طريقن ۾ يقين رکن ٿا پر انهن ڏانهن موڪليل پيغام ۾ به هن عدم تشدد جي ڀرپور وڪالت ڪئي هئي.

    انساني زندگيءَ جي سڌاري ۽ واڌاري ۾ سائنس جي رول ۽ سائنسي علمن حاصل ڪرڻ جي اهميت جي ڀرپور وڪالت ڪرڻ سان گڏوگڏ سرڪي صاحب آرٽس جي علمن کي به اوتروئي اهم سمجهندو هئو. سندس چوڻ هوندو هئو ته انساني زندگيءَ کي سنوارڻ ۽ انساني ذهن جي نشونما لاءِ آرٽس لازمي آهي. ان سوچ جو عملي نمونو به هو پاڻ ئي بڻيو جڏهن NED ڪاليج ۾ انجنيئرنگ جي ٻئي سال ۾ پڙهندي پاڻ ڪاليج ڇڏي بي اي، ايم اي ۽ ايل ايل بي جا ڪورس پڙهڻ شروع ڪيا.

    ذاتي زندگيءَ ۾ هو تمام گهڻو روادار هئو. پاڻ سان ڪيترو به ڪير اختلاف رکيس پر ان سان بحث ڪونه ڪندو هئو ۽ ڪنهن کي غلط به سمجهندو هئو ته ان کي چوندو ڪونه هئو. اها رواداري ايتري گهڻي هوندي هئي جو ڪڏهن ڪڏهن مون سميت ڪجهه دوست کيس چوندا هئا ته “توهان رک رکاءُ ٿا ڪريو.” پر اها به سندس رواداري ته اهڙا جملا ٻڌي کلي خاموش ٿي ويندو هئو. ايتري تائين جو ڪيترا ماڻهو سرڪي صاحب جي پرپٺ مختلف ڳالهين ۾ سندس نالو ڏيئي ڇڏيندا هئا. سوال پڇڻ تي چوندو هئو ته “دوستن نالو ڏيئي ڇڏيو آهي ته ڪهڙي ترديد ڪجي.” جڏهن کيس چئبو هئو ته ان سان توهانجي شخصيت تي منفي اثر پئجي سگهي ٿو ته وري به روايتي رواداريءَ جو مظاهرو ڪندي چوندو هئو ته: “ها، ٿي سگهي ٿو.”

    دنيا ۾ هر انسان ۾ جتي ڪافي خوبيون هجن ٿيون اتي ان جي ذات ۾ ڪي ڪمزوريون به هجن ٿيون. سرڪي صا‎حب جي شخصيت ۾ به ڪجهه ڪمزور پهلو نظر اچن ٿا يا ائين چئجي ته سندس دوستن جي هڪ وڏي تعداد کي انهن ڳالهين بابت کانئس شڪايت هوندي هئي ۽ ان شڪايت جو پاڻ به اقرار ڪندو هئو. 20 -25 سال اڳ دوست کيس چوندا هئا ته توهان وٽ ايترو علم ۽ ايترو تجربو آهي ته توهانکي سنڌي قوم جي نجات ۽ ترقيءَ واري جدوجهد ۾ عملي ڪردار ادا ڪرڻ کپي. گذريل پنجن ستن سالن کان دوست کيس اهو زور ڀريندا هئا ته توهان پنهنجي علم، ڄاڻ، تجربن ۽ مشاهدن کي لکت جي صورت ڏيو. مان ڪجهه وڌيڪ هجت ڪندي چوندو هئومانس ته سائين! توهان جيڪو علم ۽ تجربو ‎حاصل ڪيو آهي اهو رڳو توهانجي ملڪيت ناهي، ان ۾ قوم جو به حصو آهي. تنهن ڪري ان کي قوم تائين پکيڙيو. جواب ۾ مسڪراهٽ ۽ خاموشي ملندي هئي.

    سنڌي ڪتاب
     
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ جو محب وطن ۽ ڏاهو

    سائين معلومات بهتر آهي ليڪن حوالو فقط سنڌي ڪتاب بجاء ٿورو تفصيلي ڏيندا ته اوهان جي مهرباني ٿيندي الله تعالى توهان کي سلامت رکي.
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ جو محب وطن ۽ ڏاهو

    مهرباني سائين
    سنڌي ڪتاب در اصل انٽرنيٽ تي ويب سائيٽ آهي۔
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌ جو محب وطن ۽ ڏاهو

    ادا انهيء ويب سائيٽ جو پورو نالو آهي ( سنڌي ڪتاب ڊاٽ نيٽ ) اگر توهان اها ڏسڻ چاهيو ٿا ته انهيء لکيل نالي مٿان ڪلڪ ڪريو۔
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ جو محب وطن ۽ ڏاهو

    وڏيڪ وضاحت ڪرڻ لاءِ مهرباني ادا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو