• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪينجھر جي ڪپ تي

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
محب مليومونسا ڪينجھر جي ڪپ تي
ملندي وڇڙي ويو ھو ڪينجھر جي ڪپ تي

ھو مون ڏانھن تڪينڌو رھيو ڏانھن هن مان ۽
نيڻ مليا نيڻن سان ڪينجھر جي ڪپ تي

ادھورا ھياسين سڪايل صدين کان پرينءَ جا
وڪوڙيل وجود واپس مونکي مليو ڪينجھر جي ڪپ تي

نوريءَ نوڙت ۽ سسئءَ جي سونھن ھن ۾
ڄڻ تماچي ۽ پنھون ٿيس ڪينجھر جي ڪپ تي
نه ھئاسين عاشق ٿياسين،اي آزاد اسان
بنديجي کي ڪارو وڳو ھن پھرايو ڪينجھر جي ڪپ تي

( محمد ياسين آزاد بنديجو )
 
Back
Top