• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هڪ شام

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
هڪ شام

دل چوي ٿي مٺا هڪ شام تنهنجي نام ڪجي
توسان ويهي ڪجه طعام ڪجه ڪلام ڪجي

هلون گھمڻ ڪينجھر يا ڪلفٽن
عشق اتي توسان سر عام ڪجي
ڪجه گلڙا ڏيان توکي مان دلبر
ڪجه ويهي نوش جام ڪجي

ويهي ڪجن ڪچهريون قرب واريون
مرڪي مرڪي سڪون سان ڪلام ڪجي

هاڻي ها ڪر مٺا نه ستائي آزاد کي
تنهنجي منهنجي پريم جو اعلان سر عام ڪجي

منهنجي پرينءَ جي پر گھور لهجو

منهمجي پرينءَ جي پرگھور لهجو
هن کي منهنجو سلام چئجو

هنن طوفاني مينهن ۾
ويٺو هوندو هو ڪکائن گھرن ۾
هن کي زندگيءَ ڏانهن همڪنار ڪجو
منهنجي پرينءَ جي پر گھور لهجو

نه هوندس ٽانڊو چله ۾
بيٺل هوندس پاڻي گھر ۾
هن کي پيٽ بکئي سمهڻ نه ڏجو
منهنجي پرينءَ جي پر گھور لهجو

بيٺل هوندس پاڻي اڱڻ ۾
مشڪل ٿيندس هتان لگڻ ۾
هن جو گھڻو خيال رکجو
منهنجي پرينءَ جي پرگھور لهجو

نازڪ هٿنن ۾ هوندس جھاڙو
ڏيئي ٻهارو پئي چوندي خوش هجن مارو
هٿن ۾ هن جي نفون پوڻ نه ڏجو
منهنجي پرينءَ جي پر گھور لهجو

ڏيئي سلام ادب سان منهنجو چئجوس
ڪجھ مصيبتن ڪري اچي نه سگھيو آزاد
ڪجه مصيبتن ڪري اچي سگھيو اوهان وٽ آزاد
هن کا خفا هر گز هر گز نه ٿجو
منهنجي پرينءَ جي پرگھور لهجو

( محمد ياسين آزاد بنديجو )
 
Back
Top