پرين تنهنجون ياديون

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
پرين تنهنجون ياديون

پرين تنهنجون ياديون ٿيون ستائن اسان کي
ڪڏهن کلائن ته ڪڏهن روئاڙن اسان کي

جيڪو ڏنو آ تو پيار اسان کي سهڻا
ڪيو آ بيچين تنهنجي انهن ادائن اسان کي

ڪيئن وساريان اهي قرب ڀريون ڪچهريون پنهنجيون
وسرڻ نه ٿيون ڏين تنهنجيون اهي ڳالهيون اسان کي

اهو منهنجو تڪڻ ، اهو دلبر تنهنجو مرڪڻ
ڪيو آ بيوس تنهنجي انهن نگاهن اسان کي

مولا ملائي محبوب سان مونکي آزاد
محبت ڪيو آ هن جي مست اسان کي

( محمد ياسين آزاد بنديجو )
 
Back
Top