ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
سونهن پرست ۽ پختو شاعر محسن ڪڪڙائي
پنج سال اڳ ڪڪڙ شهر ۾ 2 اپريل تي اداسي ڇانيل هئي. غزل جو هڪ وڏو شاعر هڪ محبتي ماڻهو وقت جو ڪامياب استاد ۽ علم ادب جو روشن ستارو محسن ڪڪڙائي اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو هو. هن جي تڏي تي ويهندي هن سان گهاريل سڀ گهڙيون هڪ ڪئمرا جي رول جيان اکين اڳيان ڦرڻ لڳيون. محسن پنهنجي ذات ۾ هڪ انجمن هڪ ادارو هو. هن خطي ۾ شعر ۽ سخن کي پرکڻ وارا انيڪ ستارا ڦٽي نروار ٿيا، جن علم ۽ ادب جي وڏي آبياري ڪئي. ڳوٺ چوکنڊي ۾ نياز علي شاهه جي نالي سان ڄمڻ وارو هي ٻار اڳتي هلي محسن ڪڪڙائي بڻجي ويو، جنهن پنهنجي سڄي زندگي مثالي گذاري، سنڌي ۽ انگريزي علم جو وڏو ماهر هو. هن تعليم جي ميدان ۾ هزارين شاگردن کي علم جو فيض ڏنو. هن ادب ۽ ٻولي کي وڏي سگهه ڏني. شاعري جي حوالي سان هن هڪ سکيا گهر جو روپ ڌاري ورتو. ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيائين جن ۾ آثم ناٿن شاهي، وفا ناٿن شاهي، وقار ناٿن شاهي ۽ ٻيا معتبر نالا آهن. سنڌي ادبي سنگت جي وابستگي سبب سائين محسن سان تعلق جڙيو ۽ هن شاعر جي محبتن جو محور وسيع هو. منهنجو شاعري ۾ استاد بنيو. هن انسان ذات سان پيار ڪرڻ سيکاريو. علم ۽ ادب جي سکيا ڏنائين. محسن ڪڪڙائي مسلسل لکيو ۽ مطالعي جو تمام وڏو شوق رکندڙ هو. پنهنجي همعصرن استاد بخاري، نشتر ناٿن شاهي، اسحاق راهي، احمد خان مدهوش، الهنواز رڪڻائي، وفا ناٿن شاهي سان گڏجي شاعري جي فن فڪر ۽ علم عروض کي پنهنجو ڪري ادبي مورچي کي مضبوط ڪري ورتو. ڪڪڙ شهر ۾ ادبي لاڙا وڌايا ۽ سڄي سنڌ جي سڄاڻ ماڻهن هن شاعر وٽ ايندي وڏيون محبتون ماڻيون.هن جا 3 ڪتاب امنگون، ليليٰ جا خط ۽ سونهن جي ساڃهه ڇپيا. هن جون ادبي محفلون ۽ شعر تاريخ ۽ ثقافت جو ورثو هئا. هن ٻولي سان پيار ڪيو آهي. سونهن کي پوڄيو آهي. منهنجي استاد منهنجي محسن جون منهنجي ذات مٿان وڏيون عنايتون رهيون. ادبي سنگت جي سرگرمين ۾ شوق سان شرڪت ڪري اسان کي همٿايائين. مون کي ”لڪي بواءِ“ جو خطاب ڏنائين. پنهنجي علمي ڏات ۽ ڏانءَ تي ناز هيس. هو لکڻ کان ڪڏهن به نه ٿڪو. اولاد کي وڏي تعليم ڏياريائين ۽ سندس فرزند ميرٽ تي وڏن عهدن تي فائز آهن. محسن ڪڪڙائي سچ کي سيني سان لاتو. خوشامد کان پري رهيو. اڪثر ملاقاتن ۾ چوندو هو ته سٺو ادب پنهنجي جاءِ پاڻ والاري ٿو. محسن ايڊيٽرن ۽ پروڊيوسرن جي ڪڏهن به پويان نه لڳو. هن نثر ۾ به جام لکيو. شاعري ۾ رباعيون، چوسٽا، آزاد نظم به لکيا پر غزل پسند جي صنف هئس. ٻوليءَ ۾ وڏي روانگي رکي ٿو.
اڄ اچڻ جو هن ڪيو انجام آ، مان به ٿورو پاڻ کي ٺاهي وٺان
تنهنجون سڀ فرمائشون پوريون ڪبيون، بس رڳو هن ٻار کي ڳاهي وٺان،
مون گهري نيرن ته هن مرڪي چيو، ترس من بس کير سانباهي وٺان.
تيستائين هن ٻٻر هيٺان ٿي ويهه، جيستائين جاٽ هي ڪاهي وٺان.
چند گهڙيون ويهه ”محسن“ مان اجهو، گهر جو ڪم منٽن ۾ ٿي لاهي وٺان.
محسن ڪڪڙائي مشاعرن ۾ جان وڌي ۽ ڪافي انعام اڪرام به ماڻيائين، ڪافي ايوارڊ به مليس.هن جي سموري شاعري سونهن ۽ پيار جي پيوند ۾ جڪڙيل هئي. هن شاعر سان هڪ دفعو ملڻ وارو کين وساري نه سگهندو. هن جي ذاتي زندگي ادبي پورهيو ۽ تعليمي پورهيو سونهن ۽ ڏاهپ لاءِ ارپيل رهيو. ڪچهرين ۾ به سونهن جي تعريف ڪندي به ڊاپندو ڪو نه هو، هن جي نقطن ۾ حسن جي خوشبو رچيل هئي. هن سونهن کي مڃتا ڏئي عبادت سمجهيو هو.
سونهن ڏسندي سرور ملندو آ، ڄڻ ته انڌي کي نور ملندو آ.
انتهائي خلوص جو بدلو، ڪنهن نه ڪنهن کي ضرور ملندو آ.
جنهن سان جنهن سان به ويهه چار گهڙيون، سو ته زخمن کان چور ملندو آ.
احترامن اسان سلام ڪيون. انتقامن حضور ملندو آ.
ڪنهن کي ڪنهن کي ميار ڏيون ويهي، جنهن کي ڏس بي قصور ملندو آ.
دوستي حسن ۽ ڪتابن مان، مون کي سچ جو شعور ملندو آ.
اڌ مئو ٿو ڪري وجهي ”محسن“ جيڪو سڄڻن کان سور ملندو آ.
محسن ڪڪڙائي کي شعر پڙهڻ جو به وڏو انداز هوندو هو. جڏهن اسٽيج تي ايندو هو ته شينهن وانگر گنجندو هو. تلفظ تمام چٽو هوندو هيس. محسن جو سمورو ڪلام فن ۽ فڪري لحاظ کان تمام وزنائتو آهي. هن جي دنيا پنهنجي دنيا آهي. خودداري ۾ حياتي گذاري ويو پر پنهنجي سادگي ضمير ۽ سوچ جو سودو نه ڪيائين. هن جو حرف حدف مثالي رهيو آهي. محسن پنهنجي شعرن وسيلي سنڌي ٻولي ۽ ادب کي وسعت ڏني آهي. سنڌي سلوڻي ٻوليءَ جا محاورا رنگ روپ هن شاعر جي تخليق ۾ چٽا ۽ گهرا آهن. سکڻ وارن لاءِ هن عظيم شاعر جو ڪلام وڏو درجو رکي ٿو. محسن جي هر شعر ۾ ڪو نه ڪو پيغام ضرور سمايل آهي. کيس چوکنڊي جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. اڄ هن جي ورسي تي هن ٻهڳڻي شاعر کي ڀيٽا ڏيندي علمي ادبي ادارن کي اڳتي اچڻ گهرجي ۽ محسن ڪڪڙائي جو اڻ ڇپيل مواد ڪتابي صورت ۾ڇپائڻ گهرجي. محسن جا شعر صدين تائين شعور جي پيغام جو وسيلو بڻيل رهند
بشڪريه عوامي آواز