سونهن پرست ۽ پختو شاعر محسن ڪڪڙائي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏14 سيپٽمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سونهن پرست ۽ پختو شاعر محسن ڪڪڙائي​


    [​IMG]
    ڊاڪٽر قربان جهتيال


    پنج سال اڳ ڪڪڙ شهر ۾ 2 اپريل تي اداسي ڇانيل هئي. غزل جو هڪ وڏو شاعر هڪ محبتي ماڻهو وقت جو ڪامياب استاد ۽ علم ادب جو روشن ستارو محسن ڪڪڙائي اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو هو. هن جي تڏي تي ويهندي هن سان گهاريل سڀ گهڙيون هڪ ڪئمرا جي رول جيان اکين اڳيان ڦرڻ لڳيون. محسن پنهنجي ذات ۾ هڪ انجمن هڪ ادارو هو. هن خطي ۾ شعر ۽ سخن کي پرکڻ وارا انيڪ ستارا ڦٽي نروار ٿيا، جن علم ۽ ادب جي وڏي آبياري ڪئي. ڳوٺ چوکنڊي ۾ نياز علي شاهه جي نالي سان ڄمڻ وارو هي ٻار اڳتي هلي محسن ڪڪڙائي بڻجي ويو، جنهن پنهنجي سڄي زندگي مثالي گذاري، سنڌي ۽ انگريزي علم جو وڏو ماهر هو. هن تعليم جي ميدان ۾ هزارين شاگردن کي علم جو فيض ڏنو. هن ادب ۽ ٻولي کي وڏي سگهه ڏني. شاعري جي حوالي سان هن هڪ سکيا گهر جو روپ ڌاري ورتو. ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيائين جن ۾ آثم ناٿن شاهي، وفا ناٿن شاهي، وقار ناٿن شاهي ۽ ٻيا معتبر نالا آهن. سنڌي ادبي سنگت جي وابستگي سبب سائين محسن سان تعلق جڙيو ۽ هن شاعر جي محبتن جو محور وسيع هو. منهنجو شاعري ۾ استاد بنيو. هن انسان ذات سان پيار ڪرڻ سيکاريو. علم ۽ ادب جي سکيا ڏنائين. محسن ڪڪڙائي مسلسل لکيو ۽ مطالعي جو تمام وڏو شوق رکندڙ هو. پنهنجي همعصرن استاد بخاري، نشتر ناٿن شاهي، اسحاق راهي، احمد خان مدهوش، الهنواز رڪڻائي، وفا ناٿن شاهي سان گڏجي شاعري جي فن فڪر ۽ علم عروض کي پنهنجو ڪري ادبي مورچي کي مضبوط ڪري ورتو. ڪڪڙ شهر ۾ ادبي لاڙا وڌايا ۽ سڄي سنڌ جي سڄاڻ ماڻهن هن شاعر وٽ ايندي وڏيون محبتون ماڻيون.هن جا 3 ڪتاب امنگون، ليليٰ جا خط ۽ سونهن جي ساڃهه ڇپيا. هن جون ادبي محفلون ۽ شعر تاريخ ۽ ثقافت جو ورثو هئا. هن ٻولي سان پيار ڪيو آهي. سونهن کي پوڄيو آهي. منهنجي استاد منهنجي محسن جون منهنجي ذات مٿان وڏيون عنايتون رهيون. ادبي سنگت جي سرگرمين ۾ شوق سان شرڪت ڪري اسان کي همٿايائين. مون کي ”لڪي بواءِ“ جو خطاب ڏنائين. پنهنجي علمي ڏات ۽ ڏانءَ تي ناز هيس. هو لکڻ کان ڪڏهن به نه ٿڪو. اولاد کي وڏي تعليم ڏياريائين ۽ سندس فرزند ميرٽ تي وڏن عهدن تي فائز آهن. محسن ڪڪڙائي سچ کي سيني سان لاتو. خوشامد کان پري رهيو. اڪثر ملاقاتن ۾ چوندو هو ته سٺو ادب پنهنجي جاءِ پاڻ والاري ٿو. محسن ايڊيٽرن ۽ پروڊيوسرن جي ڪڏهن به پويان نه لڳو. هن نثر ۾ به جام لکيو. شاعري ۾ رباعيون، چوسٽا، آزاد نظم به لکيا پر غزل پسند جي صنف هئس. ٻوليءَ ۾ وڏي روانگي رکي ٿو.

    اڄ اچڻ جو هن ڪيو انجام آ، مان به ٿورو پاڻ کي ٺاهي وٺان

    تنهنجون سڀ فرمائشون پوريون ڪبيون، بس رڳو هن ٻار کي ڳاهي وٺان،

    مون گهري نيرن ته هن مرڪي چيو، ترس من بس کير سانباهي وٺان.

    تيستائين هن ٻٻر هيٺان ٿي ويهه، جيستائين جاٽ هي ڪاهي وٺان.

    چند گهڙيون ويهه ”محسن“ مان اجهو، گهر جو ڪم منٽن ۾ ٿي لاهي وٺان.

    محسن ڪڪڙائي مشاعرن ۾ جان وڌي ۽ ڪافي انعام اڪرام به ماڻيائين، ڪافي ايوارڊ به مليس.هن جي سموري شاعري سونهن ۽ پيار جي پيوند ۾ جڪڙيل هئي. هن شاعر سان هڪ دفعو ملڻ وارو کين وساري نه سگهندو. هن جي ذاتي زندگي ادبي پورهيو ۽ تعليمي پورهيو سونهن ۽ ڏاهپ لاءِ ارپيل رهيو. ڪچهرين ۾ به سونهن جي تعريف ڪندي به ڊاپندو ڪو نه هو، هن جي نقطن ۾ حسن جي خوشبو رچيل هئي. هن سونهن کي مڃتا ڏئي عبادت سمجهيو هو.
    سونهن ڏسندي سرور ملندو آ، ڄڻ ته انڌي کي نور ملندو آ.
    انتهائي خلوص جو بدلو، ڪنهن نه ڪنهن کي ضرور ملندو آ.
    جنهن سان جنهن سان به ويهه چار گهڙيون، سو ته زخمن کان چور ملندو آ.
    احترامن اسان سلام ڪيون. انتقامن حضور ملندو آ.
    ڪنهن کي ڪنهن کي ميار ڏيون ويهي، جنهن کي ڏس بي قصور ملندو آ.
    دوستي حسن ۽ ڪتابن مان، مون کي سچ جو شعور ملندو آ.
    اڌ مئو ٿو ڪري وجهي ”محسن“ جيڪو سڄڻن کان سور ملندو آ.

    محسن ڪڪڙائي کي شعر پڙهڻ جو به وڏو انداز هوندو هو. جڏهن اسٽيج تي ايندو هو ته شينهن وانگر گنجندو هو. تلفظ تمام چٽو هوندو هيس. محسن جو سمورو ڪلام فن ۽ فڪري لحاظ کان تمام وزنائتو آهي. هن جي دنيا پنهنجي دنيا آهي. خودداري ۾ حياتي گذاري ويو پر پنهنجي سادگي ضمير ۽ سوچ جو سودو نه ڪيائين. هن جو حرف حدف مثالي رهيو آهي. محسن پنهنجي شعرن وسيلي سنڌي ٻولي ۽ ادب کي وسعت ڏني آهي. سنڌي سلوڻي ٻوليءَ جا محاورا رنگ روپ هن شاعر جي تخليق ۾ چٽا ۽ گهرا آهن. سکڻ وارن لاءِ هن عظيم شاعر جو ڪلام وڏو درجو رکي ٿو. محسن جي هر شعر ۾ ڪو نه ڪو پيغام ضرور سمايل آهي. کيس چوکنڊي جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. اڄ هن جي ورسي تي هن ٻهڳڻي شاعر کي ڀيٽا ڏيندي علمي ادبي ادارن کي اڳتي اچڻ گهرجي ۽ محسن ڪڪڙائي جو اڻ ڇپيل مواد ڪتابي صورت ۾ڇپائڻ گهرجي. محسن جا شعر صدين تائين شعور جي پيغام جو وسيلو بڻيل رهند

    [​IMG]
    بشڪريه عوامي آواز​
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سونهن پرست ۽ پختو شاعر محسن ڪڪڙائي

    محسن ڪڪڙائي هڪ لازوال شاعر۔ سندس غزل جي صنف به بهترين هئي۔

    [​IMG]
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    شاعر : مرحوم محسن ڪڪڙائي

    تَرسجو مان حُسن کي چاهي وٺان
    زندگيءَ جو قرض آ لاهي وٺان

    اڄ اچڻ جو هُن ڪيو انجام آ
    مان به ٿورو پاڻ کي ٺاهي وٺان

    تُنهن جُون فَرمائشون پُوريون ڪَبيون
    بَس رڳو هِن ٻارِ کي ڳاهي وٺان

    مون گُھريِ نيرن ته هُن مُرڪي چيو
    تَرس مَن بس کِيرُ سانباهي وٺان

    تيستائين هُن ٻَٻَرُ هيٺان ٿِي ويھُ.
    جيستائين جاٽَ هِيءَ ڪاهي وٺان

    چَند گھڙيون ويھُ ”مُحسن“ مان اِجھو.
    گھَر جو ڪم مِنٽن ۾ ٿيِ لاهي وٺان!


    [​IMG]
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    تَرسجو مان حُسن کي چاهي وٺان
    زندگيءَ جو قرض آ لاهي وٺان

    اڄ اچڻ جو هُن ڪيو انجام آ
    مان به ٿورو پاڻ کي ٺاهي وٺان

    تُنهن جُون فَرمائشون پُوريون ڪَبيون
    بَس رڳو هِن ٻارِ کي ڳاهي وٺان

    مون گُھريِ نيرن ته هُن مُرڪي چيو
    تَرس مَن بس کِيرُ سانباهي وٺان

    تيستائين هُن ٻَٻَرُ هيٺان ٿِي ويھُ.
    جيستائين جاٽَ هِيءَ ڪاهي وٺان

    چَند گھڙيون ويھُ ”مُحسن“ مان اِجھو.
    گھَر جو ڪم مِنٽن ۾ ٿيِ لاهي وٺان!


    وا واه لاجواب شاعري ڳوٺاڻي زندگيء جي مڪمل عڪاسي

    منهنجي پسند

    لاجواب بهترين
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    محسن ڪڪڙائي : وڏي فڪر ۽ فن جو سائين

    آزاد انور ڪانڌڙو/ميهڙ

    [​IMG]

    ڪي شخصيتون ڪنهن شهر جي حوالي سان سڃاتيون وينديون آهن ۽ ڪي شهر وري ڪن شخصيتن جي حوالي سان سڃاتا ويندا آهن. سنڌ جو برک شاعر محسن ڪڪڙائي به ڪڪڙ شهر جي سڃاڻپ بڻيل رهيو. سائين محسن ڪڪڙائي اهڙن انسانن مان هو، جيڪو جسماني طور ۲اپريل ۲۰۰۵ع تي اسان کان جدا ٿي ويو آهي، پر هو پنهنجي شاهڪار ۽ اڻ وسرندڙ تخليقن ذريعي هميشه زندهه رهندو. اهڙن انسانن کي موت ڪڏهن به مات نٿو ڪري سگهي. سائين محسن ڪڪڙائيءَ جو جنم ۴جولاءِ ۱۹۳۷ع تي ڪڪڙ ۾ سيد احمد شاهه تراب لڪياريءَ جي گهر ۾ ٿيو. سندس اصل نالو نياز علي شاهه هو. ايم اي، بي ايڊ، اديب سنڌي، اديب فاضل ۽ اديب عالم پاس محسن ڪڪڙائي رٽائرڊ هاءِ اسڪول ٽيچر هو. ۱۹۵۱ع کان لکڻ جي شروعات ڪندڙ محسن ڪڪڙائيءَ کي ۱۹۶۸ع ۾ قومي نغمن واري مقابلي ۾ سنڌي زبان ۾ بهترين نظم لکڻ تي پهريون نمبر انعام مليو. ۱۹۶۴ع ۾ ريڊيو حيدرآباد تي سندس ڪلام نشر ٿيندو رهيو. سندس پهريون شعري مجموعو ”اُمنگون“ ۱۹۶۲ع ۾ ڇپيو. سال ۲۰۰۵ع ۾ سندس شعري مجموعو ”سونهن جي ساڃهه“ ڇپيو، سندس ٻين ڇپيل ڪتابن ۾ ”ليلا جا خط“ ۽ ”سوريءَ چڙهيو سچ“ آهن. جڏهن ته، سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ مجنون جي ڊائري، انار ڪلي، ڪنهن جي ڳالهه ڳراٺڙي، مقبوليت، ڏک سکن جي سونهن، روحاني رهبر، تذڪراءِ اولياءِ سنڌي، اربيلا عشاق، زينت الادب، شاهه نجف، ديوانِ محسن ۽ ٻيا شامل آهن. محسن ڪڪڙائي بنيادي طور پيار، محبت ۽ سونهن جو شاعر هو. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ حسن ۽ پيار جا گيت ڳايا. سندس شاعريءَ ۾ پيار، محبت ۽ سونهن جا مختلف رنگ آهن ۽ اهي سمورا محرڪ سندس شاعريءَ ۾ موجود آهن، جيڪي هڪ سٺي شاعر وٽ هجڻ گهرجن، فني لحاظ کان به محسن ڪڪڙائي پختو ۽ پڪو شاعر هو. هن کي پنهنجي انفراديت، سڃاڻپ ۽ شاعرانه سونهن هئي. هن ادب ۾ هڪ اهڙي دور ۾ قدم رکيا يا ائين کڻي چئجي ته سنڌ جي اهڙي تاريخي دور جي پيداوار هو، جنهن دور ۾ شاعرن جي وڏي سٿ ۾ پاڻ مڃرائڻ وڏو مسئلو بڻيل هو، ان دور ۾ محسن ڪڪڙائي پنهنجي خوبصورت تخليقن ذريعي پنهنجو نالو روشن ڪيو. نه رڳو پنهنجو نالو روشن ڪيو، پر پنهنجي جنم ڀومي، ڪڪڙ کي به علمي ادبي حلقي ۾ شهرت ڏياري. سندس شاعري پڙهبي ته، جديد شاعر هجي يا قديم شاعر، اهو داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نه سگهندو. سندس نثر پڙهبو ته، ائين محسوس ٿيندو ته محسن هن دور جو بهترين ۽ سگهارو نثر نويس نظر ايندو. ۶۸سالا اسان جو جوان جذبن وارو شاعر محسن ڪڪڙائي، پنهنجي شاهڪار تخليقن باوجود بيماريءَ دوران مسيحا جي نالي ۾ موجود جلادن ۽ انسانيت جي دشمنن جي نامناسب رويي ڪري زندگيءَ جي جنگ هارائي ويٺو. اڄ محسن ڪڪڙائي اسان وٽ جسماني طور ته موجود نه آهي، پر سندس فن ۽ فڪر شاهڪار تخليقن جي صورت ۾ اسان وٽ موجود آهن. هن راتين جون راتيون جاڳي اوجاڳا ڪري شاعريءَ جا ديپ جلائي پنهنجي تخليقن سان جديد سنڌي شاعريءَ کي روشن ڪيو. سندس شاعري مستقبل ۾ هميشه لاءِ چمڪندي، ٻرندي ۽ روشني پکيڙيندي رهندي.

    هڪڙو هو وڏي فڪر ۽ فن جو سائين،
    ٻيو، ڌن جو ڌڻي هوندي به من جو سائين،
    قدرت کان مليون سنڌ کي هستيون ٻه امر،
    هڪ ڀٽ جو ڌڻي ۽ ٻيو سن جو سائين.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. وسيم آڪاش سيتائي

    وسيم آڪاش سيتائي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏12 آڪٽوبر 2011
    تحريرون:
    9
    ورتل پسنديدگيون:
    18
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    محسن صاحب غزل جو تمام وڏو شاعر ھو.
    سندس کي ڏنل خوبصورت ڀيٽا وڻي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ”محسن“ ڪڪڙائي

    ٽي شعر

    آءُ ته جيءَ ۾ جاءِ ڏيانءِ،
    اڻ ڳالھايل ڳالھين وانگي!

    ماڻھو خواھه مِرون، سڀني لئه،
    ڇانو ڏني سين ٽالھين وانگي!

    خوشبوءِ پنھنجي پوکيل آھي،
    ”محسن“ پارن مالھين وانگي!​
     
  8. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    سنڌ ڌرتي جو ناميارو شاعر محسن ڪڪڙائي 2 اپريل تي 12 هين ورسي جي ياد ۾
    [​IMG]

    ابراهيم لاشاري (وارهه)

    جڏهن کان هي ڪائنات وجود ورتو آهي ته مرڻ جئيڻ جو رشتو به ايترو ئي پراڻو نظر پيو اچي ۽ تا قيامت حشر واري ڏينهن تائين جاري رهندو اهڙي طرح سنڌ امڙ به ڪيترن ئي اهل قلم ،عالم، فاضل ، دولهه، درويشن اديبن ،سگهڙن ۽ شاعرن کي پنهنجي هنج ۾ اوئلي زماني کان وٺي جنم ڏيندي پئي اچي .ڪيترن ئي عظيم انسانن پنهنجي پنهنجي زماني ۾ ڪئي ڪارناما ڪندي ڪندي بي وفا زندگي کي هميش هميشه لاءِ الوداع چئي پنهنجي حصي جو ڪم ڪري هليا ويا اهڙن ئي ڪردارنن جي مالڪ نه ٿڪندڙ شخصيتن منجهان چوڪنڊي لڳ ڪڪڙ جو هي ناميارو شاعر محسن ڪڪڙائي به انهن شخصيتن منجهان هڪ آهي جيڪو 4 جولاءِ گرمي جي مند سال 1937ع آچر ڏينهن صبح ويل جنم ورتو سندس اصل ڇٺي جو نالو وري سيد نياز علي شاهه لڪياري هو محسن ڪڪڙائي جي تعليمي تربيت بهتر نموني جي ڪري سندس والد سيد احمد شاهه لڪياري صاحب ڦرهي هٿ ۾ ڏئي اسڪول ۾ داخل ڪرايو جتان هن اوئلي زماني واري 0سنڌي فائينل ) جو امتحان سٺن نمبرن ۾ پاس ڪري آگسٽ مهيني جي 2 تاريخ سال 1954ع سومر ڏينهن هي عظيم انسان پڙهڻ پڙهائڻ واري پيغمبري پيشي سان سلهاڙجي پرائمري استاد بڻجي ويو ۽ تنهن بعد هن تعليم جي سلسلي کي جاري رکندي خانگي طور اديب سنڌي ،اديب عالم ۽ اديب فاضل جا سمورا امتحان به هوشياري ۽ محنت سان پاس ڪيا بعد ۾ هن مئٽرڪ ۽ انٽر جو امتحان سال 1972ع ڌاري به پاس ڪيو بعد ۾ بي _ اي ۽ بي _ايڊ جا امتحان پاس ڪري سال 1974ع ڌاري پوسٽ گريجوئيٽ جي سند پڻ حاصل ڪيائين .جي _ ايڇ _ٽي جو استاد مقرر ٿيو ڪجهه سالن بعد ترقي ڪري (ايڇ _ ايس _ ٽي ) سال 1984ع ڌاري مختلف اسڪولن ۾ تدريسي عمل جاري رکندو آيو محسن ڪڪڙائي فرض شناس انسان سان گڏ محبتي ماڻهون هو استادي پيشي سان هو ڪيترائي سال سلهاڙيل رهيو جتان سال 1993ع جي ڊسمبر مهيني منجهه گزيٽيڊ آفيسر 17 گريڊ تان رٽائرمينٽ ورتائين ، محسن ڪڪڙائي ادبي لڏي سان پنهنجو ناتو سال 1952ع کان وٺي قائم ڪيو ۽ شعرو شاعري ڪرڻ لڳو شعر چوڻ جو فن پنهنجي استادن حافظ احسن چنا ۽ احمد خان آصف کان حاصل ڪيائين شاعري ۾ سنڌي ادب جي مڙني صنفن تي سندس فن جي ڇا ڳالهه ڪجي محسن ڪڪڙائي شاعري واري زبان ۾ غزل هن طرح پيش ڪيو آهي پاڻ چوي ٿو ته

    سونهن تي ساهه ڏي ، ضرورآ ، نه ته سڄي زندگي اڌوري آ

    ڪو تماچي اچي ڏسي ته سهي، آڄ به ڪينجهر سڄو ئي نوري آ

    ڪيترو جلد ٿي وئي لائق ، ها مڃيوسين ته ڌي ڊڀوري آ

    ڪنهن جي پوڄا ڪندي ڪندي ، محسن عمر گذري وئي سموري آ .

    محسن ڪڪڙائي شاعري سان گڏ هو هڪ بهترين نثر نويس پڻ هو سندس اصل سڃاڻپ شاعري ئي رهي نثر تي هن سنڌي ادب کي (ٻه عدد ) ڪتاب ڏنا آهن انهن ۾ هڪ سوري چڙهيو سچ ۽ ٻيو ليلي جا خط ڇپجي مارڪيٽ ۾ جاءِ ولاري آهي . سندس (ٽي عدد ) شاعري جا ڪتاب سنڌي ادب جي جهول ۾ ڏنا آهن جن ۾ (امنگون ، ڪنهن جي ڳالهه گراٽڙي۽ سونهن جي ساڃهه ) پڻ سنڌي ادب جي سونهن ۾ اضافو سمجها وڃن ٿا ان کانسواءِ سندس اڻڇپيل ڪيترو ئي مواد هن وقت تائين ڇپجي ناهي سگهيو تنهن هوندي سندس سنڌ جي مختلف اخبارن ، رسالن ، ميگزين مجهه جهجو مواد شعرو شاعري ڇپجندي رهي آهي هن شاعر ادبي لاڙا ڪڪڙ شهر ۾ وڌايا ۽ سڄي سند جي ادبي ڪانفرنس ۽ ادبي مشاعرن ۾ ڀرپور شرڪت ڪري پنهنجو نالو نروار ڪرايو سندس سمور ڪلام ۽ فڪر اعلي نموني جو هوندو هو سندس شعر پڙهڻ جو به وڏو فن هيس سدائين نروار ٿي صاف سٿري آواز ۽ تلفظ سان مشاعرن جا وڻ وڄائي ڇڏيندو هو سندس ڀر ۾ ويٺل ادبي لڏي جا دوست واهه محسن واهه جي لفظن جا داد پيا ڏيندا هئا هو لطيف سرڪار جي رسالي جي عظمت بيان ڪندي پنهنجي من اندر جو اظهار اهڙي طرح ڪري چوي ٿو ته

    ڪيترو ٺوس ۽ ڪيڏو نرالو آهي

    حسن مون لاءِ ڀٽائي جو رسالو آهي

    هو حسن جو پوڄاري شاعر ۽ محبوب جي سونهن کي پنهنجي غزل ۾ ڪئين نه سٺي طرح ڀيٺا ڏئي اسان کي ٻڌائي ٿو ته

    سونهن جي وصف ڇا بيان ڪنديون ،

    حيرتن جو هي اعتراف هيو

    حسن کي پٺ ڏئي هلي محسن

    هن جي مذهب جي برخلاف هيو

    سندس ڇيل شعر جي ٻولي تمام آسان ۽ سلاست سان ڀريو نظر اچي ٿي

    محسن ڪڪڙائي جو ڪلام ريڊيو پاڪستان جي مختلف ريڊيو اسٽيشنن تان پڻ نشر ٿيندو رهي ٿو سندس غزل ۽ قومي نغما به تمام مشهور اٿس هن جي شاعري نظم جو اثر ٻين ملڪن تائين به پهتو آهي سندس هڪ لکيل نظم جو ترجمو ڀارت ۾ چوڏهن زبانن ۾ڪيو ويو آهي جيڪا ڳالهه ڪنهن اعزاز کان گهٽ ڪين نه آهي اهو ترجمو ڀارت جي مشهور ادبي اداري (ڀارتيه گيانپيٺ ساهتيه اڪيڊمي ) پاران ڪرايو ويو محسن ڪڪڙائي رڳو سنڌي زبان جو شاعر ناهي هن اردو زبان ۾ به پنهنجي ڏات جو اظهار شاعري جي صورت ۾ ڪيو آهي محسن ڪڪڙائي کي اهيو به اعزا حاصل آهي ته سندس سنڌي زبان وارو ڪلام اردو زبان جي زينت بڻجي ترجمو پڻ ٿي چڪو آهي سندس ترجمي وارن ڪتابن جا نالا هن طرح آهن ڪتاب ( موج موج مهراڻ ۽ مهراڻ ڪي ڦول ) منجهه ڇپجي چڪا آهن محسن ڪڪڙائي پنهنجي ڏات منجهان پنهنجي شاگردن کي پڻ ڏات جي ڏيئن سان روشناس ڪرايو جن ۾ وفا ناٿن شاهي ، ريڊيو جو ديوانو لسنئر مشهور شاعر مرحوم ڊاڪٽر قربان علي جهتيال، آثم ناٿن شاهي ، ساحر ٿهيم ، مارو جمالي کي شاگردي جا سڀ گر سيکاري شاعرن جي صنف ۾ پاڻ ڀريو ڪري بيهاريو . محسن ڪڪڙائي کي وقت به وقت ڪيترن ئي انعامن ۽ اعزان سان نوازيو ويو جن ۾ سال 1968ع ڌاري لاهور ۾ قومي نغمن جي مقابلي ۾ پهريون نمبر ڪپ جو اعزاز مليو ان زماني جي ڪمشنر خيرپور پاران پڻ (ٻه سو) روپيه روڪ انعام ۽ ٻيا ڪيترائي انعام ۽ اعزازن سان نوازيو ويو هي سند جو بهترين شاعر محسن ڪڪڙائي زندگي جا 67 سال 8 مهينا ۽ 29 ڏينهن ادب جي خدمت ڪندي اسان کان هميشه لاءِ ڌار ٿي ويو سندس اڄ 2 اپريل تي 12 ورسي ملهائي ويندي محسن ڪڪڙائي جي آخري آرمگاهه چوڪنڊي واري قبرستان ۾ آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو