سنڌ جي منڇر جو پلو

'رڌ پچاء' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏14 سيپٽمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,397
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    سنڌ جي منڇر جو پلو​

    [​IMG]
    اسحاق مڱريو
    منڇر جي تهذيب موهن جي دڙي واري تهذيب جو حصو سڏي وڃي ٿي. منڇر تي ٻيڙين ۾ مهاڻن جا گهر، اهو سنڌ جي انتهائي انوکي ڪلچر کي ظاهر ڪري ٿو. هڪڙي ٻيڙي واري ڳوٺ کان ٻئي ٻيڙيءَ واري ڳوٺ تائين ٻيڙي کان ٻيڙي ۾ ويندڙ ڄڃ، منڇر جي تهذيب موجب، منڇر جي مهاڻي جو ڍنڍ کان ٻاهر رڳو مقام ۾ لاش دفنائڻ لاءِ ويندو هو.
    (ماحولياتي طور اها ڪيڏي نه بدنصيبي چئبي ته هاڻ هزارين منڇري جيئري ئي ڍنڍ ڇڏي هليا ويا آهن).
    ماحولياتي طور سنڌ جي تباهي کي ڏسڻ لاءِ ڪو هنڌ آهي ته اهو فقط منڇر ئي ٿي سگهي ٿو. ويجهڙائي ۾ فشر فوڪ فورم 12 ڏينهن وارو مارچ ڪيو. کارو ڇاڻ پتڻ کان ڄامشورو پل تائين ڌرتتيءَ جو پيرين پنڌ پاڻي، پاڻي ڪندڙ اهو ملاحن جو مارچ سنڌ جي ماحولياتي تباهيءَ خلاف وڏو احتجاج هو. انهيءَ احتجاج ۾ پهرين ڏينهن کان آخري ڏينهن تائين مارچ ۾ شريڪ عورتن ۽ مردن جا پير ڦاٽي پيا هئا. شيخ ڪرهيو ڀانڊاري جو ملاح گهراڻو ساجن شيخ ۽ ان جي زال ابراهيم حيدري ۾ ڪورنگي ڪريڪ واري ڇاڙهه تي رهندڙ فخر علي شاهه، منڇر جي رهواسي مصطفيٰ ميراڻي، لطيف جي وائين ذريعي درياهه جي دانهن ڏيندڙ انب گوپانگ، يڪتارو کڻي واڄت وڄائيندڙ سانگهڙ جو لوڪ ڳائڻو مولا بخش ملاح ۽ ٻيا اهي ماڻهو هئا جيڪي پهرين ڏينهن کان آخري ڏينهن تائين احتجاج ۾ شريڪ هئا. محمد علي شاهه جو جهولن ۾ منهن لوساٽجي ڪارو ٿي ويو هو. مصطفيٰ ميراڻي پيرن جي پٽي ڪرائي پوءِ اچي اسٽيج تي ويٺو هو. فشر فوڪ جي انهيءَ سڄي پروگرام ۾ دانهن درياهه ۾ پاڻي نه هئڻ جي هئي. اها هڪ عجيب حقيقت آهي ته درياهي پاڻيءَ تي پهريون حق ملاح جي بدران آبادگار جو تسليم ڪيو ويو آهي.
    هن وقت سوڪهڙي جي ڪري درياهي پاڻيءَ جي وڏي کوٽ آهي. ان ڪري آبادگار پڻ وڏي عرصي کان پاڻي نه هئڻ جون دانهون ڪندا رهيا آهن. جڏهن ته اهڙي صورتحال ۾ جتي زراعت لاءِ به پاڻي نه آهي ته اتي ڍنڍن ۾ پاڻي ڪٿان ڇڏيو ويندو. سنڌ جي آبپاشيءَ ۾ ڍنڍن کي ڇنڊائڻ وارو ڏنو ويندو آهي يا وري زراعت کان بچي ويل پاڻي ڍنڍن ۾ ڇڏيو ويندو آهي. ان ڪري ڪيئن سالن کان ڍنڍن ۾ پاڻي ڇڏيو ئي نه ويو آهي. ان ڪري سنڌ جا ملاح زالين مڙسين درياهه جي ڇوڙ کان ڪوٽڙي بئراج تائين احتجاج ڪري ڍنڍن واري قدرتي وسيلن جي تباهيءَ جي ڪهاڻي ٻڌائي رهيا آهن.
    کاري ڇاڻ وارو پتڻ، درياهي آخري پتڻ آهي. درياهه جو اهو ڊيلٽائي علائقو ڪو زمانو هو جو بياس، ستلج، راوي، چناب، جهلم ۽ سنڌو درياهه وارن ڇهن درياهن جي ڇوڙ وارو هنڌ هو. هاڻ ڪو به درياهه اتي ڇوڙ نٿو ڪري. اهڙي صورتحال ۾ هڪ معجزاتي انڪشاف ٻڌائڻ ڪنهن خوشي کان گهٽ ڪونهي. اهو معجزاتي انڪشاف اهو آهي ته گذريل 15 ڏينهن کان منڇر جا ملاح پلو شڪار ڪرڻ لڳا آهن. جڏهن کان منڇر ۾ پلو مرڻ لڳو آهي، اڌ مهيني کان وٺي منڇر جي هر مياڻ ۽ ٻيڙين وارن ڳوٺن ۾ ذڪر رڳو انهيءَ پلي جو آهي. منڇر جا اڃا ڪئين اهڙا جهونا ملاح موجود آهن، جيڪي سکر بئراج ۽ ڪوٽڙي بئراج کان اڳ ۾ منڇر ۾ ايندڙ پلي جون ڪهاڻيون ڪن ٿا. انهن جهونن جو چوڻ آهي ته ڪوٽڙي بئراج کان پوءِ هي پهريون دفعو آهي ته ڪو منڇر ۾ پلو شڪار ٿيو آهي.
    جيتوڻيڪ منڇر مان ملندڙ پلو ايترو ته ننڍو آهي جو ڪلو ۾ اٺ کن پليون اچي ٿيون وڃن. پر منڇر جي ملاحن لاءِ اها ڪا معجزي کان گهٽ ڳالهه نه آهي. مهاڻن کي ته ڏندين آڱريون اچي ويون آهن ته نه درياهه ۾ پاڻي، پلو آيو ڪٿان؟
    جيتوڻيڪ منڇر ۾ مهاڻن جي زندگيءَ تي منرل واٽر جي بوتل هٿ ۾ کڻي درد جو نوحو پڙهندڙ ڪئين فيشني ماڻهو انهيءَ وچ ۾ فوٽوسيشن ڪرائڻ لاءِ ايندا رهيا پر اهڙن ماڻهن مان نه ڪنهن منڇر واسيءَ جو درد ٻڌڻ جي ضرورت محسوس ڪئي ۽ نه وري منڇر واري ڪنهن اهڙي اوپري اڳيان منڇر مان پلو ملڻ واري خوشيءَ کان آگاهه ڪيو. جيتوڻيڪ منڇر تي ڪئين اين جي اوز وارا ڪم پيا ڪن، پر پلي جهڙي نعمت منڇر مان ملڻ وارو معجزو انهن سان به نه سليو آهي.
    سنڌ ۾ پلي جي وڏي اهميت آهي. ڪئين لوڪ گيت پلي تي ٺهيل آهن. سنڌ ۾ پلي جي ايڏي وڏي اهميت آهي جو پلو کائي هٿ ڌوئڻ ۽ گرڙي ڪرڻ معيوب سمجهي ويندي آهي. پلي جي سوکڙي جو ايڏو مانُ آهي جو ان کان وڏي ٻئي ڪا سوکڙي نه سمجهي ويندي آهي.
    ”ناري جي مڇي جهينگو“ واري لوڪ گيت تي بحث هلندڙ آهي ته ناري ۾ جهينگو ڪيئن پهتو پر ٿي سگهي ٿو ته اهو لوڪ گيت ان دور جو هجي جڏهن نارو سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو. پر منڇر مان پلو ملڻ تي ڀلي فريش واٽر بايولاجي وارن کي حيرت ٿئي، پر منڇر وارا ته ان سائنسي بحث ۾ پوڻ بدران فقط اهو چون ٿا ته اها اسان تي رڳو لال جي ڀلائي آهي.
    انهيءَ ڏينهن جڏهن تازو پلو، تازو پلو وارو هوڪو ايندي سبزي وٺندڙ مائي دل جهلي نه سگهي ۽ پلي واري ملاح کان پلي بابت پڇي ويٺي. مائي پهرين ٻه ٽي پلا اٿلائي پٿلائي ڏٺا ۽ پڇيو ته، ”پنهنجي درياهه جا پلا آهن يا ايراني آهن؟“ ”پنهنجي درياهه جا آهن امان، پنهنجي درياهه جا آهن“ ٿورو کهرائي سان ڳالهائيندي پلي جو اگهه ٻڌايو.
    پلي جو اگهه ٻڌڻ جي باوجود مائيءَ جي پلي مان دلچسپي ختم نه ٿي. ”ابا پلو ته آهي بهشت جو ميوو، وٺيو ته ڪونه ٿي سگهان، پر لڇمي در تي آئي آهي، ٻه ڇلر پٽي ڏي ته چانئٺ ۾ وڃي هڻان.“ اتي بيٺل سبزي وڪڻڻ واري جو وات پٽجي ويو. هو نيٺ مائي کان پڇي ويٺو هنن ڇلرن کي امان ڇا ڪندين؟ ملاح ڇلر پوڙهيءَ کي ڏيندي سبزي واري کي چيو اها ڳالهه تون نه سمجهندين ۽ هو تازو پلو، تازو پلو وارا هوڪا ڏيندو هليو ويو. مطلب ته سنڌ ۾ پلي کي فوڊ کان به وڌيڪ روحاني کاڌي واري حيثيت حاصل آهي.
    درياهه جو سمنڊ ۾ ڇوڙ بند ٿيڻ کان پوءِ پلو سنڌ ۾ ناياب نسل بنجي ويل آهي. سنڌ ۾ پلي لاءِ ڪئين لوڪ ڪٿائون مشهور آهن. جن ۾ هڪڙي اها به آهي ته پلو خواجه خضر جي زيارت ڪرڻ لاءِ سمنڊ مان ڊگهو پنڌ ڪري سکر ويندو آهي. خواجه خضر جي مزار آستانو روهڙي واري پل جي مٿئين ڪنڌيءَ تي سنڌو درياهه جي ٻيٽ ۾ واقع آهي. انهيءَ لوڪ ڪٿا موجب سمونڊ ۾ ٿيندڙ پلو درياهه ۾ محض انهيءَ زيارت لاءِ داخل ٿئي ٿو.
    چون ٿا ته پلي جي خواجه خضر واري انهيءَ مقدس سفر ۾ پهريون رخنو انگريزن جي دور ۾ تڏهن پيو جڏهن درياهه تي سکر بئراج واري پل پئي. چون ٿا ته سکر واري پل جي 1923ع ۾ ٿيندڙ منظوري کان اڳ ۾ سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ٿيندڙ پنجاب جي پنجن ئي درياهن جي پيچ وارن کان نو آبجيڪشن سرٽيفڪيٽ ورتو ويو. انهيءَ زماني ۾ پنجاب موٽ ۾ گريٽر ٿل ڪئنال جي گهر ڪئي هئي. سکر بئراج بابت پنجاب واسين جي ڪيل ڪئين اعتراضن جي موٽ ۾ سنڌ جي ان وقت جي ڪمشنر جيمس وڏا مدلل دليل ڏنا هئا ۽ سنڌ جو پاڻيءَ بابت مفصل ڪيس ڪمشنر جيمس جوڙيو هو. اهڙي طرح سکر بئراج بابت جيڪي ڪئين اعتراض واريا ويا هئا، انهن ۾ هڪڙو اعتراض روهڙي جي ملاحن جو به هو. روهڙي جي ملاحن اهو اعتراض واريو ته درياهه تي درن واري پل پوڻ کان وٽن پلي جو اچڻ بند ٿي ويندو. مرحوم ايم ايڇ پنهور وٽ روهڙي جي ملاحن واري داخل انهيءَ ڪيس جا وڏا تفصيل موجود هئا. انگريزن وٽ سکر بئراج خلاف داخل ڪيل انهيءَ ڪيس ۾ پلي جي اهميت کان سواءِ پلي جي خواجه خضر جي زيارت وارو دليل پڻ ڏنل هو. انهيءَ دلچسپ ڪيس بابت معلوم ٿيو ته وڏي عرصي کان پوءِ ان جو فيصلو انگريزن پاران اهو ڏنو ته سکر بئراج جي مٿئين پاسي وارن ملاحن کي بئراج جي هيٺئين پاسي به قانوني طور پلو شڪار ڪرڻ جو حق ڏنو ويو. پلي بابت مهاڻن جو قانوني معاملو اتي به اڃا ختم نٿو ٿئي. جڏهن پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ 60 واري ڏهاڪي ۾ ڪوٽڙي ۾ غلام محمد بئراج جوڙيو ويو هو ته ان جي خلاف پڻ ڊائون اسٽريم وارن درياهه جو پاڻي روڪڻ وارو ڪيس داخل نه ڪيو هو، پر ڪوٽڙي بئراج جي اپ اسٽريم وارن ملاحن پلو رڪجي وڃڻ وارو ڪيس داخل ڪيو هو. ان سلسلي ۾ آبپاشي کاتي وارن اسٽڊي ڪرائي، رپورٽ پيش ڪئي ته ڪوٽڙي بئراج جي اپ اسٽريم تي گهٽيو ضرور آهي پر ختم نه ٿيو آهي. جڏهن ته سکر کان ڄام شورو تائين جي ملاحن جو اهوئي دليل هو ته درياهه تي ڄامشورو ۾ درن واري پل پئجي وئي آهي، ان ڪري اسان وٽ پلو اچڻ بند ٿي ويو آهي. آبپاشي کاتي پاران پلي بابت ڪيل اسٽڊي ۾ اها ڳالهه واضح ڪئي وئي هئي ته ڪوٽڙي بئراج جي تري ۾ ڏنل ديوار هٽائي وئي ته پلو اپ اسٽريم ڏانهن وڌيڪ ويندو. ملاحن جو اهو ڪيس به ڊگهي عرصي تائين هليو. جڏهن ته انهيءَ ڪيس ۾ به انگريز دور وارو ساڳيو فيصلو ڏنو ويو ته ڪوٽڙي بئراج جي اپ اسٽريم وارن کي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پڻ پلي مارڻ جو قانوني حق حاصل هوندو.
    ملاحن جي پلي واري انهيءَ ڪيس جي پڄاڻي فلمي ڪهاڻين وانگر حيرت ناڪ ٿي. انهيءَ ڪيس جو حيرتناڪ کان به وڌيڪ دکدائڪ پهلو هيءُ هو ته ڪوٽڙي جي اپ اسٽريم وارن ملاحن کي جڏهن ڊائون اسٽريم ۾ پلي جي شڪار جو حق ڏنو ويو ته انهن ڏينهن کان پوءِ ڪوٽڙي کان هيٺ وري درياهه جو ڇوڙ ئي بند ٿي ويو. جڏهن ڪوٽڙيءَ کان هيٺ درياهه مان واري اڏامي رهي آهي، تڏهن اهڙي صورتحال ۾ منڇر مان پلو شڪار ٿيڻ ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ جي منڇر جو پلو

    ادا ممتاز وگهيا تنهنجا اهي معلوماتي مضمون اکين تي پر موجود وقت ۾ اهڙي قسم جا مضمون پڙهي مان ته چريو آهيان کلندس ئي کلندس پر مست جهڙو دانا ماڻهو به پنهنجا ٻٽيهي ڏند ٻاهر ڪڍي وڏا وڏا ٽهڪ ضرور ڏيندو، ساري سنڌ دريا شاهه دادلي جي مستي جي ڪري پنهنجا اجها گهر ٻار وڃائي ويٺي آهي تون وري سوڪهڙي جي ڳالهه کڻي آيو آهين اجهو منڇر به ڪالهوڪران پنهنجي مستي ۾ اچي وئي آهي، تون وري پُراڻا مضمون جيڪي سنڌ جي موجوده صورتحال سببان هضم ڪرڻ جهڙا ئي ڪونه آهن هِتان هُتان ڪٽ پيسٽ ڪريو پيش پيو ڪرين مٺا گهٽ ۾ گهٽ اهي مضمون پڙهي ان جي هيئت تي غور ڪري، موجوده حالاتن جي تحت ونڊ ڪرين ته ڳالهه سمجهه ۾ به اچي ۔ بهرحال پو به توکي شاباسون هُجن جو سنڌ سلامت تي مضمون ونڊڻ وارو حصو تنهنجي طرفان باقائده چاهي حالات مطابق مافق آهن يا نه برابر ونڊيو پيو وڃي لک لائق ڀا
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ جي منڇر جو پلو

    سائين ۔۔۔ ادو ممتاز لڳي ٿو پراڻي زماني جو مضمون کڻي آيو آهي۔۔۔ پر اها ڳالهه نئين آهي ته منڇر ۾ به پلو ملي پيو۔۔۔ مطلب ته الله جو وڏو ڪرم ٿي ويو منڇر وارن تي۔۔
    هاڻي وري تازي منڇر جيڪا اُٿلي پئي آهي، بوبڪ، جهانگارا باجارا، ٽلٽي، دليپوٽا، چنا، ٻوڙڻ کان پوءِ هاڻي ڀان سيدآباد ڏانهن پئي وڌندي وڃي۔۔۔
    ڪنهن کي خبر هئي ته ٽوڙي بند وارو پاڻي هتي اچي ڪري منڇر کي اٿلائيندو۔۔ الله ڪري ته ڪو هن ٻوڏ جي ڪري منڇر جو پاڻي پراڻي وقتن وانگر مٺو ٿئي ۽ منڇر جي مهاڻن جي ٻيڙين ۾ گهر ٺاهڻ واري ثقافت موٽي اچي ۔۔ هزارين قسم جون مڇيون وري ملن ۽ وري قسمين قسمين جا پکي ڏسڻ لاءِ‌ملن۔۔ مطلب ته منڇر جو عروج وارو دور وري ڏسڻ ملي ۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو