اڃا به دل ٿي چوي، سونهن تي لکي ته وٺان ( غزل : محسن ڪڪڙائي)

'ڊزائين ڪيل شاعري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏14 سيپٽمبر 2010۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڇڏيو ته سونهن جي هڪڙي جهلڪ ڏسي ته وٺان،
    خدا جو نور اکين سان سهي، چُمي ته وٺان.
     
    چوڻ جي ڳالهه سدائين چوڻ کان رهجي وئي،
    اکيون، اکين کي پڙهن ٿيون ته پوءِ پڙهي ته وٺان.
     
    اسان جو پيار به گونگو ته هوءَ به چُپ چُپ آ،
    چلو، اميد جي ٽانڊن مٿان پَچي ته وٺان.
      
    نه ذڪر سونهن جو کٽندو، نه ٿيندو ڪَڪ محسن،
    اڃا به دل ٿي چوي، سونهن تي لکي ته وٺان.

    [​IMG]

    Uploaded with ImageShack.us
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: اڃا به دل ٿي چوي، سونهن تي لکي ته وٺان ( غزل : محسن ڪڪڙائي)

    ڪيا بات هي ادا وساڻ سائين محسن جو خوبصورت غزل مٿان تنهنجي لاجواب ڊيزائن اصل واهه واهه ٿِي وئي مٺا سليمان وساڻ شال جُڙيو هُجين پنهنجي پيارن سان
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: اڃا به دل ٿي چوي، سونهن تي لکي ته وٺان ( غزل : محسن ڪڪڙائي)

    سائين سلمان وساڻ صاحب۔۔۔ اوهان جون اهي بهترين ڊزائن ڪيل تحريرون ڏسي اهڙي خوبصورت موضوع کي هر هر پڙهڻ تي دل ٿي ڪري۔۔۔ فيس بوڪ تي به اوهان جون ونڊ ڪيل اهي ڊزائن شاعريون ڏاڍيون وڻنديون آهن
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اڃا به دل ٿي چوي، سونهن تي لکي ته وٺان ( غزل : محسن ڪڪڙائي)

    سائين نثار صاحب اوهان جي همت افزائي ڪرڻ لاء مهرباني۔ اوهان وڏا آهيو اوهان سان ملاقات ڪرڻ جو پڻ شوق آهي۔ ٻه ڏينهن اڳ ادا نثار ابڙي ۽ ادا رشيد سمون سان سچل ڳوٺ ۾ ملاقات ٿي هئي ۽ سنڌ سلامت جي مستقبل تي به ڪافي ڳالهيون ٿيون هيون جتي اوهان جو ذڪر بار بار ٿي آيو۔
    ها ادا مست مان لطيف سرڪار جو هڪ بيت ڊزائن ڪري پنهنجي آفيس جي ڪجه دوستن کي اي ميل ڪيو هيو ۽ انهن جي همت افزائي ۽ فرمائش تي مون ڪجه ٻيا بيت به ڊزائن ڪيا هئا پوء بس اتان گاڏي اسٽارٽ ٿي۔

    سنڌ سلامت جو فورم اوهان جهڙن دوستن جي ڪاوشن سان قائم ۽ دائم آهي۔ اميد ته ان کي اڃا وڌيڪ بهتر ڪنداسون۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: اڃا به دل ٿي چوي، سونهن تي لکي ته وٺان ( غزل : محسن ڪڪڙائي)

    ادا سليمان وساڻ ! اهي ٿورا آهن محترم نثار ابڙو صاحب ۽ محترم عبدالرشيد سمون صاحب جا جيڪي مون جهڙي صفا حقير گناهه گار ماڻهو کي ايڏو وڏو مان ڏين ٿا، نه ته يقين ڪر آئون ان لائق بلڪل ڪونه آهيان، بس الله سائين جي آسري، توهان دوستن جي قربن جي آسري، سنڌ سلامت تي تڳان پيو، سنڌ سلامت آهي ته نثار ناز آهي، نه ته نثار ناز ڳولهي به نه لڀجي، پيو هُجي ها، گهر جي ڪنهن ڇنل ٽُٽل منجي تي، باقي اسان کي انتهائي خوشي آهي ته سنڌ سلامت جي خوشبو ڏيندڙ گُلن ۾ توهان جهڙي سُٺي ۽ پياري من موهيندڙ گُل جو اظافو ٿيو، اميد ته سنڌ سلامت جي هن محبت ڀرئي اڱڻ‌تان سنڌ ڌرتي ، سنڌي ماڻهن ۽ سنڌي ٻولي جي خدمت هڪڙو فرض سمجهي ادا ڪندين۔ لک لائق ڀا وساڻ۔
     
  6. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: اڃا به دل ٿي چوي، سونهن تي لکي ته وٺان ( غزل : محسن ڪڪڙائي)

    ادا بهترين ونڊ..........سهڻي ڊزائين
     
  7. بيتاب

    بيتاب
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    54
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: اڃا به دل ٿي چوي، سونهن تي لکي ته وٺان ( غزل : محسن ڪڪڙائي)

    ادا۔۔۔۔۔۔دل باغ باغ ٿي وئي
    واه واه جهڙي شائري تهڙي ڪمپو زنگ
     
  8. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: اڃا به دل ٿي چوي، سونهن تي لکي ته وٺان ( غزل : محسن ڪڪڙائي)

    واه سائين واه۔۔۔۔
    تمام پيارو ونڊ۔۔۔
    مهربانيون۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  9. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: اڃا به دل ٿي چوي، سونهن تي لکي ته وٺان ( غزل : محسن ڪڪڙائي)

    ادا وساڻ تمام بهترين ونڊ آهي زبردست ادا مهرباني.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو