ڊاڪٽر عبدالڪريم (ادل سومرو)

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏15 سيپٽمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڊاڪٽر عبدالڪريم (ادل سومرو)

    ۔

    [​IMG]


    ادل سومرو: نامياري شاعر ۽ نثر نگار. ڊاڪٽر ادل سومري جو اصل نالو عبدالڪريم ولد محمد صالح سومرو آهي. 15 -آگسٽ- 1955ع تي سکر شهر ۾ جنم وٺندڙ ادل سومري 1971ع کان لکڻ شروع ڪيو. ٻاراڻي ادب ۾ به سندس تمام گهڻيون خدمتون رهيون آهن. 1979ع ۾ هن ايم. اي (سنڌي ادب) ۾ پهرين پوزيشن ماڻي، بعد ۾ ايم. اي (اقتصاديات) ۾ پڻ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي ۽ پوءِ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور ۾ سنڌي شعبي ۾ پڙهائڻ شروع ڪيائين، جتي هن وقت پروفيسر ۽ سنڌي شعبي جي چيئرمئن جون ذميواريون نڀائي رهيو آهي. جڏهن ته شاهه لطيف يونيورسٽيءَ جي شيخ -اياز- چيئر جو پروفيسر انچارج پڻ آهي. 1999ع ۾ خيرپور يونيورسٽيءَ مان ”سنڌي ادبي سنگت جي تاريخ ۽ ڪردار“ جي موضوع تي ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي رهنمائي ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪئي اٿس. پاڻ سنڌي ادبي سنگت جو ٻه دفعا 94-1992ع ۽ 2003ع ۾ سيڪريٽري جنرل پڻ چونڊيو ويو. -ان- کانسواءِ ٻين انتظامي ۽ اعزازي ذميوارين تي پڻ رهيو آهي، جن ۾: وائيس چيئرمئن ”بيدل بيڪس آرٽس ڪائونسل“ روهڙي، ميمبر- سينيٽ، شاهه لطيف يونيورسٽي، خيرپور (2003-1994-1988ع)، چيئرمئن ”تنوير عباسي يادگار ڪاميٽي“ (2002ع)، پروفيسر انچارج ”شيخ -اياز- چيئر“ خيرپور يونيورسٽي، سيڪريٽري ”سچل سرمست يادگار ڪاميٽي“ (2002ع)، ميمبر، نصاب ڪاميٽي، -آغا خان- بورڊ، ڪراچي، ۽ علامه اقبال يونيورسٽي -اسلام- -آباد-، ميمبر، نئشنل اوارڊ ڪاميٽي، اڪيڊمي آف ليٽرس -اسلام- -آباد-، ميمبر، بورڊ آف اسٽڊيز (سنڌي شعبو) شاهه لطيف يونيورسٽي، خيرپور، ميمبر، بورڊ آف اسٽڊيز (شعبو) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، فئڪلٽي ميمبر، آرٽس فئڪلٽي، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو. ادل سومرو، غزل، وائي، نظم ۽ -بيت- جو بهترين شاعر ليکيو وڃي ٿو، سندس شاعري ڪيترن ئي مشهور فنڪارن ٽي. وي، ريڊيو ۽ ڪئسيٽ تي ڳائي مشهوري ماڻي. هن جي ڇپيل ڪتابن ۾ ”وليون وڻ ڦلاريا“ (شاعري) 1986، ”اسين مسافر پيار جا“ (نثري خاڪا ۽ مضمون) 1991، ”سمنڊ جاڳي ٿو“ (شاعري)، 1994 ]هن ڪتاب جو مهاڳ عظيم شاعر شيخ -اياز- لکيو ۽ ”وساري نه ڇڏجو“ (شاعري) 2004 شامل آهن، جڏهن ته ٻارن لاءِ سندس ڪتابن ۾ ”روز ٽڙن رابيل“ (شاعري) 1971ع، ”چنڊ پشم گولو“ (شاعري) 1979ع، ”-آچر- جا احوال“ (ڪهاڻيون)، ”پتلين جو تماشو“ (شاعري) 1987ع، نئين دور جا نوان سبق (نثر) 1990ع، ”مٽيءَ جا رانديڪا“ (شاعري) 2006ع اچي وڃن ٿا. سندس ترتيب ڏنل اهم ڪتابن ۾ ”تنوير عباسي فن ۽ شخصيت“ 2007ع، ”سنڌالاجي ۽ ساميءَ جا مٽ“ 1981ع ”رنگبرنگي ڦوڪڻا“ (شاعري)، ”سو ديس مسافر منهنجو ڙي“، ”مهڪ چنبيليءَ ول جي“ ۽ ” تون ئي منهنجي شاعري“ شامل آهن. جڏهن ته هو ”ڀٽائي“ تحقيقي جرنل ۽ سنگت پبليڪيشن جو -ايڊيٽر- پڻ رهيو آهي، سنگت پبلڪيشن پاران ”شاعري“ ۽ ”ڪهاڻي“ خاص نمبر به ڇپائي پڌرا ڪيائين. سندس ڪجهه ڪتابن تي سنڌالاجي (ٻه دفعا) سنڌي ادبي سنگت، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۽ سگا طرفان اوارڊ، -انعام- ۽ گولڊ ميڊل پڻ مليا. مڃتا طور کيس شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۽ اسلاميه آرٽس ۽ ڪامرس ڪاليج طرفان گولڊ ميڊل ڏنا ويا. جڏهن ته کيس -ثقافت- ۽ سياحت کاتي سنڌ طرفان اوارڊ (1986ع) ’سنگت- هري دلگير‘ اوارڊ، سگا پاران ’عبدالله هارون‘ اوارڊ، سائوٿ -ايشيا- پبليڪيشن پاران ’اسٽار‘ اوارڊ ۽ گولڊ ميڊل، ’ڊاڪٽر محبت ٻرڙو‘ اوارڊ، بهترين سيڪريٽري جنرل س. ا.س جو ”سنڌ رويو اوارڊ“، سچل سرمست اوارڊ ۽ بهترين -استاد- جو اوارڊ (2006ع) پڻ حاصل ٿيا. (-ان- اوارڊ سان گڏ هاير ايڊيوڪيشن ڪميشن طرفان کيس ”بهترين -استاد-“ تسليم ڪندي هڪ لک رپيا نقد -انعام- پڻ پيش ڪيو ويو). ڊاڪٽر ادل سومري، سنڌي ادبي سنگت کي متحرڪ ۽ متحد رکڻ ۾ پڻ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. هن وقت هو وارِي -تڙ-، سکر ۾ رهائش پذير آهي

    ڊاڪٽر عبدالڪريم (ادل سومرو) جو مختصر تعارفي
    خاڪو

    نالو ۔۔ عبدالڪريم
    پيءُ جو نالو۔۔۔۔ محمد صالح
    ادبي نالو ۔۔۔ادل سومرو
    ذات ۔۔۔۔سومرو
    ڄم جي تاريخ ۔۔۔۔ 15 آگسٽ 1955ع
    ادبي سٿ ۾ شموليت ۔۔۔ 1971ع کان
    ڪرت/ڌنڌو/نوڪري۔۔۔۔۔ يونيورسٽي ٽيچر (چيئر مين سنڌي شعبو شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور سنڌ)
    سرگرميون ۔۔۔۔ لکڻ پڙهڻ ۽ ادب جي ترقيءَ ۾ حصو وٺڻ
    پسنديده شاعر/اديب ۔۔۔۔۔شاهه عبداللطيف، شيخ اياز، تنوير عباسي، غالب، پير حسام الدين راشدي، ڪاڪو، ڀيرومل، آغا سليم، امر جليل
    پسند جو ڪتاب ۔۔۔۔ شاهه جو رسالو
    پسند جو شعر ۔۔۔۔جيڪي فراقان، سو وصالان نه ٿئي، اچي اوطاقان مون پرين پري ڪيو. (شاهه)
    پسنديده صنف ۔۔۔۔۔ وائي، بيت، غزل، آتم ڪهاڻي
    پنهنجو پهريون شعر ۔۔۔۔۔ ”ماءُ بنا ٻار جو نظم“ هلال پاڪستان 1969ع


    ا د ل سو مر ي جا ڇپيل / ا ڻڇپيل ڪتاب

    1984 وليون وڻ ڦلارئا (شاعري)
    1991 اسين مسافر پيار جا (نثر)
    1994 سمنڊ جاڳي ٿو (شاعري)
    2004 وساري نه ڇڏجو (شاعري)
    1977 روز ٽڙن رابيل (ٻارن لاءِ شاعري)
    1979 چنڊ پشم گولو (ٻارن لاءِ شاعري)
    1979 آچر جا احوال (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون)
    1983 پتلين جو تماشو (ٻارن لاءِ شاعري)
    1984 جيتن جي ڪانفرنس (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون)
    1990 نئين دؤر جا نوان سبق (ٻارن لاءِ ڪالم)
    2006 مٽيءَ جا رانديڪا (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون)
    1981 سنڌالاجي ۽ ساميءَ جا مٽ (سگا مرڪز) مرتب
    1991 سنگت ڪهاڻي نمبر (مرتب)
    1993 سنگت شاعري نمبر (مرتب)
    1994 سنگت ڪارڪردگي نمبر (مرتب)
    رنگ برنگي ڦوڪڻا (ٻارن لاءِ شاعري) سنڌالاجي ڄامشورو (مرتب)
    1997 ٻارن لاءِ چونڊ ڪهاڻيون ـ اڪيڊمي آف ليٽرز اسلام آباد (مرتب)
    1997 ٻارن لاءِ گيت (سگا روشن تارا اسڪول لاءِ) (مرتب)
    2000 سرمست (خيرپور) مرتب
    2002 سنگت ڪهاڻيون (مرتب)
    نيروليءَ جو خواب (مضمون ۽ خاڪا)
    ڏات جي ڏيهه مان (فنڪارن جا تعارفي خاڪا)
    انقلاب، اسٽين گن ۽ ڪتو (ڪهاڻيون)
    سنڌي ادبي سنگت، تاريخ ۽ ڪردار (ڊاڪٽريٽ جو مقالو)
    )

    ا د ل سو مر ي کي مليل ا دبي ۽ علمي ا يو ا ر ڊ
    انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جو ادبي انعام 1983ع
    ينگ رائٽرس گلڊ ايوارڊ 1979ع
    عبدالله هارون ادبي گولڊ ميڊل ايوارڊ 1983ع سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سنڌ
    ڪينجھر اڪيڊمي ايوارڊ 1983ع
    هري دلگير ايوارڊ 1986ع سنڌي ادبي سنگت سنڌ
    انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جو ادبي انعام 1986ع
    پوپٽ ادبي ايوارڊ 1984ع سنڌ ٻالڪ تنظيم
    سنڌي اسپيڪرس فورم سنڌ جو ”شهيد ڀٽو“ ادبي گولڊ ميڊل ايوارڊ 1988ع
    سنڌ ثقافت کاتي جو ادبي ايوارڊ 1990ع
    استاد عبدالرشيد رڪ ادبي ايوارڊ 93 ـ 1992ع
    سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد جو ادبي ايوارڊ 1993ع
    استاد محبوب علي جوکيو مڃتا ايوارڊ 1994ع
    گولڊن جوبلي ايوارڊ 1999ع ماهوار نئين زندگي
    سچل سرمست يادگار ايوارڊ1999ع بطور بهترين شاعر
    سنگت مڃتا ايوارڊ 1999ع (ڊاڪٽريٽ ڪرڻ تي) سنڌي ادبي سنگت
    ٻالڪ ساهت جو سج مڃتا شيلڊ 1991ع ماروئڙا ٻالڪ سنڌ
    وائس چانسلر ميڊل 1979ع سنڌ يونيورسٽيءَ پاران ايم ـ اي (سنڌي ادب) فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن کڻن تي
    نشان اعزاز و تحسين 1999ع (ڊاڪٽريٽ ڪرڻ تي) مهراڻ ايجوڪيشنل سوسائٽي سکر سنڌ پاران
    اعزازي شيلڊ 1994ع سيد الهندو شاهه جي ياد ۾ مدرسه نوشهرو فيروز
    اعزازي شيلڊ 1989ع بين الاقوامي سچل ڪانگريس ـ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سنڌ
    اعزازي شيلڊ 1995ع تاريخي ڪانفرنس سيوهڻ سنڌ
    شهيد دودو سومرو تعليمي ايوارڊ، 2000ع سومرا ويلفيئر ڪشمور سنڌ
    اعزازي شيلڊ 1992ع سانگھڙ ثقافتي ميلو
    سنڌي ادبي سنگت گولڊن جوبلي ايوارڊ 1997ع
    شيلڊ آف آنر 2002ع سنڌ چلڊرين اڪيڊمي خيرپور ، تخليق فائونڊيشن ڪراچي
    شيخ اياز شيلڊ 2003ع
    سائوٿ ايشيا پبليڪيشن گولڊ ميڊل 2003ع
    گوبند مالهي ايوارڊ 2004ع سنڌي ادبي سنگت نوشهرو فيروز
    سائوٿ ايشيا پبليڪيشن ملينيم ايوارڊ 2005ع
    سائوٿ ايشيا پبليڪيشن اسٽار ايوارڊ 2003ع
    ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ايوارڊ 2006ع
    ڪاروان ادب ايوارڊ 2005ع
    سنڌ رويو، بيسٽ سيڪريٽري جنرل ايوارڊ 2003ع
    اعزازي شيلڊ، سنڌ انٽرنيشنل ڪانفرنس 2006ع





    ا د ل سو مر ي جا علمي ۽ ا د بي ا عز ا ز ۽ مقر ر يو ن

    سيڪريٽري، سنڌي ادبي سنگت سکر سنڌ، (1995 ــ 1973ع)
    نائب صدر سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سکر سنڌ. 1978ع.
    سيڪريٽري جنرل سنڌي ادبي سنگت سنڌ (ٻه ڀيرا) 1992ع کان 1994ع ــ 2001ع کان 2003ع تائين.
    مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات ۽ پبليڪيشن 81 ــ 1980ع
    مکيه صلاحڪار، بزم بيدل بيڪس 88 ــ 1985ع.
    وائيس چيئرمين ـ بيدل بيڪس آرٽس ڪائونسل 90 ـ 1986ع،
    ميمبر سينيٽ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور. (ٻه ڀيرا) فرسٽ سينيٽ 1988ع ۽ 1994ع
    ريسرچ ايسوسيئيٽ، شيخ اياز چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور سنڌ.
    ميمبر ايگزيڪيوٽو ڪائونسل (آرٽس) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئيشن خيرپور.
    ميمبر بورڊ آف اسٽڊيز، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور سنڌ.
    صلاحڪار ، سنڌي ادبي سنگت سنڌ.
    ميمبر، انٽرنيشنل بايوگرافيڪل سوسائٽي لنڊن، انگلينڊ.
    سرپرست، گلن جهڙا ٻارڙا تنظيم سکر 1975ع.
    صلاحڪار، بيدل يادگار ڪميٽي روهڙي سکر.
    سرپرست، شاهه لطيف ادبي سوسائٽي، ڊگري ڪاليج سکر 1992ع.
    ميمبر سکر هسٽاريڪل سوسائٽي 1992ع.
    انعام ڪتابن لاءِ جج: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو سنڌ.
    ٻارن جي ڪتاب لاءِ ايڪسپرٽ: سنڌي لينگوئيج اٿارٽي حيدرآباد سنڌ.
    ريسرچ گائيڊ. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور سنڌ.
    ميمبر صلاحڪار بورڊ، شيخ اياز چيئر، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور سنڌ.
    سيڪريٽري : سچل يادگار ڪميٽي خيرپور سنڌ 2000ع.
    ميمبر : ادبي، ثقافتي ڪميٽي: شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور سنڌ.
    ميمبر آرگنائيزنگ ڪميٽي: سچل يادگار ڪميٽي خيرپور سنڌ
    .
    جناب ڊاڪٽر ادل سومرو جو انٽرويووڊيوز جي مٿان ڪلڪ ڪري توهان وڊيوز ڏسي سگهو ٿا۔
    ادل سومرو جي آواز ۾ سندس ئي شاعري جي وڊيو

    ٻو_ڏ جي ستايل ماڻهن لاء ادل سومرو جي شاعري

    ادل سومرو جي هڪ سهڻي شاعري جي وڊيو


    بشڪريه ادل سومرو جي ذاتي ويب سائيٽ، گوگل، يوٽيوب، ۽ وڪيپيڊيه۔
     
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ڊاڪٽر عبدالڪريم (ادل سومرو)

    ڊاڪٽر عبدالڪريم (ادل سومرو) جي سنڌ سلامت بابت فون ۽ تعريف​

    ڪجهه ڏينهن پهرين مان پنهنجي گهر پنهنجي دوست محترم لعل بخش زنئونر سان گڏ ويٺو هئس ته رات جو تقريبن 10 بجه مون وٽ مابائل فون تي ڪال آئي ۽ فون ڪندڙ مون کان پڇيو ته ممتاز علي وگهيو ٿا ڳالهايو ته مون جواب ۾ چيو جي ها مان ته ممتاز وگهيو ئي پيو ڳالهايان مگر توهان ڪير۔ ته جواب ۾آواز آيو ته مان ادل سومرو شاعر سکر مان پيو ڳالهايان ۽ مون توهان جو نمبر توهان جي تعارف مان ورتو آهي، ۽ پوء سلام دعا ٿيڻ کانپوء سنڌ سلامت تي سندس سوانح تي ٿيل ڪم جي باري ۾ گفتگو ڪيائين، ۽ سنڌ سلامت جي ڪم کي خوب ساراهيائين۔ ۽ سنڌ سلامت بابت ڪجهه معلومات به حاصل ڪيائين، ان کانپوء سنڌ سلامت جي ڪم بابت چيائين ته سنڌ سلامت تي تمام سٺو ڪم ٿئي رهيو آهي جيڪو تعريف جي لائق آهي، ۽ مون ڏٺو ته ادل سومرو صاحب تمام گهڻا خوش ٿيا، ته جديد طريقي سان به سنڌي ادب تي سٺو ڪم پيو ٿئي، ۽ آخر ۾ مون کي پنهنجو نمبر نوٽ ڪرڻ لاء چيائين ۽ سکر اچڻ جي پڻ دعوت ڏنائين۔ سنڌ سلامت جا ساٿيو مون سوچيو ته ان حال احوال کي به سنڌ سلامت جي فورم تي ونڊ ڪجي ته بهتر آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔، سنڌ سلامت جا ساٿيو هت ڪجهه ٻيون به ادل سومرو جون وڊيوز ونڊ ڪجن ٿيون اميد ته اهي به توپهان کي پسند اينديون۔


    ادل سومرو جي اردو ۾ ڪيل شاعري جا وڊيوز​

    http://www.youtube.com/watch?v=hikU347yfQo
    http://www.youtube.com/watch?v=q-qCwWP2D2o
    http://www.youtube.com/watch?v=rr3WZ6e2X7E
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,395
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,869
    ورتل پسنديدگيون:
    27,210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڊاڪٽر عبدالڪريم (ادل سومرو)

    ڊاڪٽر ادل سومرو نالو آهي سونهن جو ، سچائيء جو ، جفاڪشي جو ۽ پيار جو

    جڏهن به سنڌ جي تاريخ لکبي ته ادل جو نالو به انهن ماڻهن م هوندو جن سنڌ جي سينڌ سنواري آهي۔ سائين ادل سومرو سان فون تي به ڳاله ٿيندي آهي ۽ اڪثر منهنجي موبائل نمبر تي پنهنجا چئوسٽا به موڪليندو رهندو آهي۔ پيارو مانهو ، بهترين انسان آهي۔ سنڌي ٻوليء لاء چوي پيو:

    امڙ آهي دعا ، تنهنجي لوليء جي
    سنڌي ٻوليء جي چولي ميري نه ٿئي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو