ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
ڊاڪٽر اياز قادري جي آخري آرامگاهه آڏو هر جُمعي رات صوفي راڳ
”شاهه جي رسالي“ جو اردو زبان ۾ ترجمو ڪندڙ، بِلو دادا ناول جي خالق ڊاڪٽر اياز قادري جي آخري آرامگاهه لاڙڪاڻي شهر ۾ ايمپائر روڊ ۽ ريشم گهٽي جي وچتي ميان جي ڳڙهي ۾ صوفي بزرگ ميان محمد صالح قادري جي مزار ڀرسان آهي. ميان محمد صالح قادري صوفي هيو. سچل سرمست سان گڏ تصوف جي تعليم ميان عبدالحق درازي کان ورتي هئائين. ڊاڪٽر اياز قادري، ميان صاحب جي ڇهين پُشت هيو. ميان جي ڳڙهي ۾ هاڻي صرف محمد صالح قادري ئي آرامي ناهي پر سندس اولاد مان ميان غلام عباس قادري، علي محمد قادري جيڪي به شاعرَ هئا ۽ پنهنجي دور جو عظيم محقق ڊاڪٽر اياز قادري به آرامي آهي.
هن بنياد پرستي ۽ نفسا نفسي جي دور ۾ به لاڙڪاڻي جي قادرين جي هِنَ آستان تي هر جمعي رات ميان صفدر قادري جي سرواڻي هيٺ سالن کان صوفي راڳ رنگ جي محفل ٿيندي رهي ٿي. جتي لاڙڪاڻي جا شهري سڄو هفتو ڌنڌن ڌاڙين، نوڪرين ۽ ٻين زماني جي تنگدستين مان پاڻُ آجو ڪري ڪجهه گهڙيون آستان تي اچي صوفي راڳ ويراڳ ٻُڌي پاڻ کي روحاني تسڪين ڏين ٿا، رات جو 9 وڳي ڌاران ميان صفدر قادري درگاهه آڏو پَٽَ تي ويهي دُعا گهري ننگر ورهائي راڳ جي شروعات ڪرائيندو آهي. جنهن کانپوءِ ويجهي ۽ پري کان ايندڙ صوفي راڳي پروانو سومرو ، مشتاق ابڙو، بلاول فقير، فقير عبدالڪريم، نبن فقير، استاد ستار شاهه، عباس شاهه ۽ ڪيترائي ٻيا راڳي اچي محمد صالح ۽ ڊاڪٽر اياز قادري جي آخري آرامگاهن آڏو ويهي شاهه لطيف سچل سرمست، خواجه غلام فريد، رکيل شاهه، چيزل شاهه، جانڻ چن، پيرل قمبر، بابا بُلا شاهه، سلطان باهو جا ڪلاڪ چئي ماڻهن جي اندر ۾ جيڪي ننڍيون وڏيون قدورتون هونديون آهن. اهي صوفي راڳ ويراڳ ذريعي ڪڍي ڦٽو ڪندا آهن. بهرحال هِن دور ۾ لاڙڪاڻي شهر جي وڌندڙ آبادي ۽ جڏهن هَر ڪو پنهنجي فرقي کي مٿي ڄاڻي ٻئي کي گهٽ ڄاڻڻ کي عبادت سمجهي رهيو آهي. جنهن ڪري تفرقي بازي وڌي پئي اهڙي عالم ۾ قادرين جو هي آستان لاڙڪاڻي واسين لاءِ ڪنهن تُحفي کان گهٽ ناهي. اسان جي دعا آ ته شل سنڌ اندر انسان دوست صوفين جا اهي آستان سدا آباد رهن ۽ سنڌ واسي بنياد پرست جي بوءِ کان به پري رهن ۽ هر وقت سنڌ مان هِي سدا بلند ٿيندي رهي ته:
انسانيت ئي اصل ۾ آ زندگيءَ جو نانءُ،
مُون زندگي جي خاطر تنهنجو مذهب ڇڏي ڏنو،
خدمت جي بندگي ۾ دل جو مليُم قرار،
مُون بندگي جي خاطر تنهنجو مذهب ڇڏي ڏنو
مُون زندگي جي خاطر تنهنجو مذهب ڇڏي ڏنو،
خدمت جي بندگي ۾ دل جو مليُم قرار،
مُون بندگي جي خاطر تنهنجو مذهب ڇڏي ڏنو